راجا راجيندر
سينيئر رڪن
ڪري ٿي جو ھو حجاب تڪڙا،
ڊُڪيو اچن ٿا عذاب تڪڙا¡
اکين جون ڪھڙيون ڪٿائون پڙھجن؟
وجھن ٿا چھرا نقاب تڪڙا¡
ڪبوترن تي نگاھون رکجو،
اُڏن پيا ڏاڍا عقاب تڪڙا¡
ڳڻڻ کان ٻاھر مليا جنازا،
ٽڙيا نه پوء گلاب تڪڙا¡
لٽي ٿي ڇڏي مٽي اُگھاڙي،
نٿا وڪامن ڪتاب تڪڙا¡
ھوا ۾ آھن سوال ڦاٿل،
اُماڻيو جاني جواب تڪڙا¡
سنڌُو انھي لئه بي آب آھي،
وھن پيا راوي چناب تڪڙا¡
زنجير پنھنجا ائين نه ٽٽندا،
اچو ڪريون ڪي حساب تڪڙا¡
ڊُڪيو اچن ٿا عذاب تڪڙا¡
اکين جون ڪھڙيون ڪٿائون پڙھجن؟
وجھن ٿا چھرا نقاب تڪڙا¡
ڪبوترن تي نگاھون رکجو،
اُڏن پيا ڏاڍا عقاب تڪڙا¡
ڳڻڻ کان ٻاھر مليا جنازا،
ٽڙيا نه پوء گلاب تڪڙا¡
لٽي ٿي ڇڏي مٽي اُگھاڙي،
نٿا وڪامن ڪتاب تڪڙا¡
ھوا ۾ آھن سوال ڦاٿل،
اُماڻيو جاني جواب تڪڙا¡
سنڌُو انھي لئه بي آب آھي،
وھن پيا راوي چناب تڪڙا¡
زنجير پنھنجا ائين نه ٽٽندا،
اچو ڪريون ڪي حساب تڪڙا¡