عبدالڪريم چانڊيو
سينيئر رڪن
ڪجه ڏينهن اڳ ۾ ٽي وي جي نيچرل جاگرافي واري چئنل تي ڏٺو ته ڪجه جهنگلي ڪتن هڪ وڄدار جانور کي شڪار بنائڻ ۽ کائڻ جي لاءِ ڊوڙائي کڻي گهيري ۾ آندو . ان ٻي ڪا واهر نه ڏسي هڪڙي بيٺل پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ پناه وٺڻ ۽ پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ پويان پير پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ،منه کڻي رولاڪ ڪتن ڏانهن ڪيائين ۽ بيخوفو ٿي ڪتن جي وڃڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو .پر ٿيو ڇا ؟ پاڻيءَ ۾ ڪو لڪل واڳون ويٺو هو ، جنهن کڻي هڪڙي سٽ سان گهلي کڻي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ٻوڙي ، ٽڪڙا ٽڪرا ڪري سڄي ساري کي ڳهي ويو ۽ ڪتا پنهنجو منهن چٽيندي هليا ويا . سو سائين منهنجي سنڌ سان به اهڙو حشر آهي ،ڪيترائي شڪاري جانور هن جي شڪار ڪرڻ ۽ ان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ آتا آهن.ته ٻئي طرف اسان پنهنجي انتظار ڪندڙ لڪل موٽ تي نظر نه ٿا رکون پر پاڻ ۾ ويٺا وڙهون .هڪڙا چون ته پنجابِي وڌيڪ دشمن آهن پهريون انهن سان وڙهون ،ته ٻيا چون ته مهاجر وڌيڪ دشمن آهن ۽ پنجابن کان ڪوبه ڊپ ڪونهي ،ته ٽيان وري اهو فلسفو جوڙيون ويٺا اهن ته سڀ کان وڌيڪ پٺاڻ ۽ افغاني سنڌ جا دشمن آهن انهن سان اول وڙهون . اڙي بابا اهي سڀئي سنڌ جا دشمن جنهن کي جنهن سان وڻي وڃي وڙهي . رڳو پاڻ ۾ نه وڙهو. نه ته سنڌ کي ڀاڱا ٿيڻ کان ڪير به بچائي نه سگهندو .