• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مڙيا مڇ هزار ، ڀاڱا ٿيندي سهڻي .

ڪجه ڏينهن اڳ ۾ ٽي وي جي نيچرل جاگرافي واري چئنل تي ڏٺو ته ڪجه جهنگلي ڪتن هڪ وڄدار جانور کي شڪار بنائڻ ۽ کائڻ جي لاءِ ڊوڙائي کڻي گهيري ۾ آندو . ان ٻي ڪا واهر نه ڏسي هڪڙي بيٺل پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ پناه وٺڻ ۽ پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ پويان پير پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ،منه کڻي رولاڪ ڪتن ڏانهن ڪيائين ۽ بيخوفو ٿي ڪتن جي وڃڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو .پر ٿيو ڇا ؟ پاڻيءَ ۾ ڪو لڪل واڳون ويٺو هو ، جنهن کڻي هڪڙي سٽ سان گهلي کڻي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ٻوڙي ، ٽڪڙا ٽڪرا ڪري سڄي ساري کي ڳهي ويو ۽ ڪتا پنهنجو منهن چٽيندي هليا ويا . سو سائين منهنجي سنڌ سان به اهڙو حشر آهي ،ڪيترائي شڪاري جانور هن جي شڪار ڪرڻ ۽ ان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ آتا آهن.ته ٻئي طرف اسان پنهنجي انتظار ڪندڙ لڪل موٽ تي نظر نه ٿا رکون پر پاڻ ۾ ويٺا وڙهون .هڪڙا چون ته پنجابِي وڌيڪ دشمن آهن پهريون انهن سان وڙهون ،ته ٻيا چون ته مهاجر وڌيڪ دشمن آهن ۽ پنجابن کان ڪوبه ڊپ ڪونهي ،ته ٽيان وري اهو فلسفو جوڙيون ويٺا اهن ته سڀ کان وڌيڪ پٺاڻ ۽ افغاني سنڌ جا دشمن آهن انهن سان اول وڙهون . اڙي بابا اهي سڀئي سنڌ جا دشمن جنهن کي جنهن سان وڻي وڃي وڙهي . رڳو پاڻ ۾ نه وڙهو. نه ته سنڌ کي ڀاڱا ٿيڻ کان ڪير به بچائي نه سگهندو .
 
رڳو پاڻ ۾ نه وڙهو. نه ته سنڌ کي ڀاڱا ٿيڻ کان ڪير به بچائي نه سگهندو
صحيح ٿا فرمايو.
اسان جا سنڌي هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ ۾ پورا آهن. چاهي اهو سياست هُجي يا ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي. جيڪڏهن ڪا هڪ ڳالهه کين مِلي ته ٻين کي ڪونه ٻڌائيندا ته اهو ان ڪري نه ٻڌائيندا ته متان فلاڻي کي آئون هِي شئي ڏَسيان ۽ هُو مونکان اڳتي نڪري وڃي..
 
Back
Top