• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شهيدن جي قرباني ۽ سنڌي هُئڻ ڪري ٿيل ظلم لاءِ هنڌ ۾ روئي غم ڪڍڻ بجاءِ کُلي ميدان ۾ اچي رئو!

Sindhi Media

سينيئر رڪن
شهيدن جي قرباني ۽ سنڌي هُئڻ ڪري ٿيل ظلم لاءِ هنڌ ۾ روئي غم ڪڍڻ بجاءِ کُلي ميدان ۾ اچي رئو!
10696321_10204732238246639_1154519304059196723_n.jpg

سنڌ 1948 کان مُسلسل سازشن جو شڪار آهي ۽ ان ۾ ڌارين سان گڏ پنهنجن جو به حصو آهي ۽ اُهي پنهنجا جيڪي سنڌي ماڻهون کي موالي ڪلچر ڏئي پنهنجو غلام بڻائي ويٺا آهن پو به سنڌي ماڻهن جي پناهگيرن ۽ ٻين صوبن وارن لا لڳاتار قرباني بي مثال آهي. ايتري ساري قرباني ڏيڻ جي باوجود به سنڌ دُشمنن کان ڏٺي نٿي ٿئي ۽ هو سنڌ جي هر شيءِ تي مقبوض رهي به بار بار سنڌ جي وحدانيت تي حملا ڪندا پيا اچن. ۽ سنڌ جو جوان اڄ به پيڙهن، بي علمي، جهالت ۽ مُفلسي ۾ جڪڙيو پيو وڃي. ان جو فقط هڪ ئي ڪارڻ آهي ته سنڌ جون سموريون سماجي، لساني، سياسي، نيشنلسٽ(قومي قوتون) سنڌ جي اشوز ۽ وحدانيت تي هڪ نعرو رکندي به پاڻ ۾ ڇڙ وڇڙ آهن ڇو هر ڪنهن پنهنجي ڏيڍ انچ جي مسجد جوڙي سنڌي ماڻهن کي تقسيم ڪيو آهي جنهن جو سڌو سئون فائدو اهي سنڌ دشمن قوتون، ڊڪٽيٽر پويان لکندڙ پو ڍايا سنڌي وڏيرا ۽ راشي ڪامورا جيڪي ڌاڙيلگيري ۽ رشوت گيري کان پو سنڌ جي ليڊر ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر شعور سان ڀرپور سنڌي گهٽ ۾ گهٽ ووٽ ڏيڻ ۾ سندن ٻانهن ٻيلي ناهي، ڪيٻائي ۽ پنهنجي نا اُميدي جو اظهار ڪري ٿو بيشڪ هو سند بڻايل غلام ئي ڇو ناهي. ۽ پو جڏنهن سنڌ بيس فيڊريشن جي جماعتن سان ڪلچر ڏهاڙن تي سڀئي هڪ ايجنڊا ۾ پنهنجون سڀ انائون وساري به جُڙن ٿا، گهڻ جهنڊي جلسا ۽ ريليون به پيار ۽ مُحبت سان سنڌ جي ٽوپي اجرڪ، پٽڪو ۽ ڌُنن تي خوش رهن ٿا ۽ ملي جُڙن ٿا ته پوءِ صوبائي ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ سيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ماري ايڪو ڇو نٿا ڪن ته سنڌ جي عوام جو به ڪو فائدو ٿئي، مفتي ونگار سسٽم جي مزدوري، ڪاروڪاري، قتل، قبيلائي جهيڙا جان ڇڏين. پنهنجن سان جُڙڻ بجا ڌارين سياسي جماعتن سان جُڙڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا اهو سمجهندي به ته اُهي ڪڏنهن به سنڌي قوم سان جفا نه ڪندا. اهوئي سبب آهي جو سنڌين جون سڀ مُحبتون هوندي به سنڌي ماڻهون جي ووٽ کان محروم سنڌي نيشلسٽ قومي يا صوبائي اسيمبلين ۾ ناهن ۽ پي. پي. هڪ فيڊريشن پارٽي هوندي به ووٽ کڻي صوبائي يا قومي اسيمبلي ۾ وڃي ٿي. در حقيقت ووٽ انهن پي. پي ماڻهن کي نه پر ڀُٽو شهيدن کي ووٽ ڏجي ٿو ۽ جي ڀُٽو شهيدن جا وارث (جنهن کي سنڌي سمجهن) ڪو ٿنڀو به بهاري ته سنڌي عوام ان کي ووٽ ڪندي. اڄ به اها سوچ آهي پو ڀلي زرداري گورنمينٽ سنڌي ماڻهن لا ڊيليور نه ڪيو آهي. جنهن مان اهي سنڌ دشمن قوتون فائدو حاصل پيون ڪن ۽ جي ذاتي پرخاش (نيشنلائزيشن) يا ڀُٽو دشمني ۾ ڪي سنڌ جون قوتون ڌارن غير ڊيموڪريٽڪ قوتن سان جُڙن ٿا ته به ٻين صوبن جي فيڊريشن پارٽين سان ملي به اسيمبلين لاءِ سيٽ به نٿا حاصل ڪري سگهن. ڊڪٽيٽر ، انٽي ڊيموڪريٽڪ سنڌ دُشمن قوتن هميشه ڪن شُهرت جي پوءِ ڍايل بُکين وڏيرن ۽ راشي ڪامورن ۽ ڌاڙيلگيري يا پاٿاريداري وسيلي بڻجندڙ جاگيردارن کي پاڻ سان جوڙي سنڌ جي وحدانيت تي سوال ڪرايو آهي. سوال اهو آهي ته هاڻ جڏنهن سموري سنڌ جا جوڌا ۽ جيالا هڪ سنڌ وحدانيت جا قائل آهن ته هو پاڻ ۾ ڇو نٿا جُڙن کين 67 سال مخالفت ۾ گذري ويا ۽ نقصان سڌو سئون سنڌ کي رسيو، ڪير به جوابدار هُجي ۽ اُهي ڊڪٽيٽر ۽ اينٽي ڊيموڪريٽڪ قوتن پويان لڳڻ وارا گهڻي ڀاڱي جوابدار آهن. سنڌ جي بقاءَ لاءِ هن وقت سنڌ جي مڙني جوڌن ۽ جيالن جو لازمي طور سنڌ جي صوبائي ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ اچڻ لازمي آهي ۽ هو اڃا تائين ڇڙ وڇڙ آهن ۽ ذاتي انا، اڻ سهپ، هڪ ٻئي جي صلاحيت ۽ اڳواڻي تسليم نه ڪرڻ ۽ پاليسين ڪارڻ هو قومي اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ نه آهن جڏنهن ته ٻي هنڌ شعور ۽ تعليم ۾ بمقابلتن گهٽ، بلوچستان ۽ سرائڪستان جا قوم پرست قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر ٿي چُڪا آهن ۽ شرطون به مڃائين پيا ۽ سنڌ ۾ فيڊريشن ۾ ويهي واحد پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي ٻئي ڪردار (فيڊريشن ۽ سنڌي نيشنلسٽ) جا ادا ڪرڻا ٿا پون. اها به حقيقت آهي ته سنڌ جا سڀئي جوڌا يا جيالا يا متوالا ماڻهون صدين تائين ذهني طور تي ڀُٽو ازم ڇڏي ڪونه سگهندا، جيڪا ميداني حقيقت آهي ۽ اها به حقيقت اهي ته زرداري گورنمنت سنڌ واسين لاءِ ڪُجهه به ڪيو اهي پوءِ به سنڌي ماڻهون شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو، شهيد راڻي بينظير ڀُٽو، نصرت ڀٽو ، شهيد مُرتضيٰ ڀُٽو ۽ شهيد شاهنواز ڀٽو جي قربانين کي ڪنهن به صورت ۾ نه وساريندا، چاهي ڪهڙا به اُپاءَ ورتا وڃن، چاهي سنڌ جي غير فطري ۽ مخالف ڪيترين پارٽين ۾ شمولت ڪئي وڃي.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
No doubt all Sindhi Feudal in various Political parties had never served for Sindh, whereas some had been part & parcel of the establishment & dictators and yet keeping change their parties to dominate over Sindh & Sindhi people. Due Lack of Leadership in sindh today, We, the Sindhi People do not have other options, except to accept, try, believe and follow this young man (BILAWAL) from the SINDH & PPP, whose Mother (BB), Grand father (ZAB), Grand Mother (NB), uncles (Murtaza & Shahnaz) sacrifices for Democracy are at record. and is from the unique Great, experienced peoples Political Party (PPP). Particularly when they only are fully equipped to face all aggression on Sindh from any corner & Majority Sindhi Peoples Love them. Because The enemies of Sindh since 1948 & followers of dictators (ZIA MUSHARAF) other anti-democratic, anti-Sindhi, had snatched this leader Ship from Sindh, The first Muhammad Ali Jinnah, Later Shaheed Z.A Bhutto & finally BB Shaheed. None of Leadership except them is yet invent, if exist, has proved themselves except slogans. No doubt After demise of BB shaheed, maximum beneficiary, sindhi feudal later has merged in PPP dominated but not done any thing for Sindh & sindhi people practically, Merit Sindhi was totally ignored in education, health and in local, province and federal institutions & organizations, damaged Sindh lot; but only had done for their own Kids, friends, relatives, personal servants most. Since we have no other option in Sindh & we can not even believe dictator supporting sindhi feudal, r any other province Leader Ship , we have to believe, on BILAWAL with a hope he will deliver like his mother & Grand PA.We believe BILAWAL fully understands above, kith & kins in past & present PPP Govt. & WOW! of Merit Sindhi People.
10153133_729056593810546_5670793770208461471_n.jpg

EDUCATE SINDH (ENTER TO LEARN & SERVE TO EARN), SAVE SINDHI SOCITY& DRAG-OUT COMMUNITY FROM SEVERE INFLATION DEEPLY ROOTED IN SINDH RURAL. this Century's Powerful Medium is Social & Electronic Media Mediums use it & become Rich Informed.

THE FIRST & ONLY THE FIRST, FREE, AN ON-LINE MEDIA UNIVERSITY OF SINDH, WE EDUCATE SOCIETY THROUGH SOCIAL MEDIA & CREATE SINDH TALENTs IN THE MEDIA MEDIAMs, WE PROVIDE NIITIALLY ORIENTATIONs PROGRAMS, ACTUAL JOURNALISM, NEWS REPORTING EVENTs, SCRIPT EDITING TECHNIQUES, VIDEO PRE-VIEW TECHNIQUES & PROCEDURES, DRAMA MAKING, CAMERA RECORDING, SONG MAKING, DRAMA SCRIPT WRITING METHODS, PLAY DIRECTION, PRODUCTION, VIEO EDITING, CAMERA, GRAPHICs & ENIMATIONS, LIGHTING TECHNIQUES, STUDIO PREPARATION, STUDIO INSTUMENTS INSTALLATION, MEDIA EQUIPMENT, ACCECESSARIES TOOLS & REPAIRING TECHNICIs.

REGISTER ON-LINE TO SEEK CERTIFICATIONs, DIPLOMA, DEGREE OF DISCIPLINE YOU ARE TRAINED, JOIN-US FORTHIS NOBLE CAUSE & SHARE YOUR TALENTs THROUGH US & WITH THE SEEKERS, SO SINDH SHALL BE MADE PROSPERIOUS, INNOVATE SELFMADE SINDHI TO OVERCOME ON INFLATIONs OF SINDH RURAL AREAS.

VERY SOON (Sollywood Production, Publication, Research Center (New Saidabad-Sindh) District Matiari will start classes in the vicinity.
 
هڪڙا اهي جيڪي رياستي مفادن جو تحفظ ڪن. ٻيا اهي جيڪي رياست جي ڏمر جو شڪار. ٽيان ايم ڪيو ايم وارا..
هاڻي اهو سمجهائي ته لساني جهيڙو ڪيون ته نقصان سنڌ جو ٿيندو يا پنجاب جو
هڪڙا اهي جيڪي هڪ سيٽ به کٽي نٿا سگهن ٻيا تنهنجي بقول ڪارڪنن جي حفاظت به نٿا ڪري سگهن ٽيان پيپلز پارٽي وارا پنجاب جا ايجنٽ پوءِ جهيڙو ڪهڙو ڪندا....
سڄي دنيا جي ادارن وٽ اهي نسل پرست ويا ته سنڌي اسانکي سنڌي سمجهن ئي نٿا ۽ سڄي دنيا کي پنجاب ٻڌايو ته سنڌ ۾ قومي سوال جو اشو ئي ناهي نسلي متڀيد جو مسئلو آهي
هاڻي اهو جهيڙو ڪري نسل پرست ۽ پنجاب جي ڳاله کي صحيح ثابت ڪريون
پوءِ نتيجو اهو نڪتو اوهان لاشعوري طرح پنجاب ۽ نسل پرست ٽولي جي پلان جي
 
سنڌ جا ماڻهون هر سنڌي جوڌي ۽ شهيد جو احترام ڪن ٿا ، بظاهر نه ته لڪي به پنهنجن هنڌن يا اڪيلائين ۾ انهن شهيدن لاءِ روئين ٿا ۽ برملا گهڻن ئي ميڊيا انٽرويوز ۾ انهن ( سُڄاڳ ضمير تحت) شهيدن سان ٿيل ظلم جو اظهار به ڪن ٿا. پوءِ ڇو نه اهي پنهنجي سوچ رکي به ڇو نٿا سنڌ جي عوام جي اڪثريتي پارٽيءَ سان هٿ هٿ ۾ ملائي قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪن. جڏنهن ته ٻيو آپشن يا رستو آهي به ڪونه! فطرتن ۽ طبيعتن سنڌي ماڻهون ٻين صوبن جي ماڻهن کان مُختلف طبيعت رکن ٿا جيڪا هر ڪوشش جي باوجود ڪو ڊڪٽيٽر سمجهي ناهي سگهيو ۽ سنڌ ڪارڊ جو نالو ڏئي جان ڇڏائي ٿو ۽ نيشلسٽ ڀلي پنهنجي وُجود جي هُئڻ جي نمائندگي ڪن ۽ ضروري به آهي پر سنڌ لاءِ فيڊريشن ۾ اچي وڙهن ته سازشي کيڏاڙين کي ٻُنجو اچي وڃي. ممڪن ئي ناهي ته گهٽ ۾ گهٽ چئن جنريشن تائين ٻين صوبن جي ليڊر شپ ڊڪٽيٽر جو ڪو به چولو اوڙهي يا مذهبي رنگ وٺي سنڌ تي ليڊر شپ ڪري ۽ اهو سنڌيءَ جي سوچ جي سراسر خلاف اهي. نيشنلسٽ کي سنڌ جي بقاءَ لاءَ گذارش آهي ته سنڌ بقاءَ لاءِ گُل محمد جکراڻيءَ جي پيروي ڪن ۽ هڪ قوم ٿي هڪ پاڻ کي ضم ڀلي نه ڪن پر سياسي جوڙ ضرور جوڙين ته سنڌ بچائي سگهجي. جڏنهن ته سچ يا ڪوڙ، پيپلز پارٽي سنڌ جي اشوز تي ميدان ۾ ضرور آئي آهي ۽ سنڌ ڪارڊ جو طعنو به سٺو آهي. اها به حقيقت آهي ته پيپلز پارٽيءَ کان سنڌ جو ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ ڇني نٿو سگهي ڀلي هو اڃا ڀٽو ازم نعرن(روٽي ، ڪپڙا، مڪان) جي آسري تي هُجن. وقت آهي ته هاڻ پنهنجي ذاتي انا ڇڏڻ گهرجي، هنڌن ۾ ويهي شهيدن لاءِ رُئڻ بجاءِ کُلو رُئجي ۽ دل جو سچو اظهار به ڪجي ۽ سنڌي نيشنلسٽ کي ڪنهن به طرح سان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر بڻائجي ۽ سنڌ بچائجي. سنڌ سلامت ته سنڌي سلامت.
 
Back
Top