چانڊوڪي
سينيئر رڪن
ماءُ جي هنج زندگي گذارڻ جو سليقو سيکاري ٿي
نسرين تبسم پونجاڻي
چوڻي آهي ته ماءُ جي هنج هڪ بهترين تربيت گاهه ثابت ٿئي ٿي، ٻار جي سکڻ جي شروعات ان جي مٺڙي امڙ جي هٿن سان ٿئي ٿي، زندگيءَ جي مختلف مرحلن جي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ماءُ پنهنجي ٻار کي صبر، ميٺ، محبت جو درس ڏئي ٿي. ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي، اهي لفظ ته اسين ٻڌندا رهندا آهيون پر ان جنت کي حاصل صرف ماءُ جي خدمت سان ڪري سگهجي ٿو، ممتا جي ان مورت کي ڪهڙو نانءُ ڏجي، جيڪا بي غرض ٿي ڪري اولاد کي پيار ڪري ٿي، پاڻ سختيون سهي به پنهنجي ٻچڙن لاءِ خوش رکي ٿي، پر نئين ٽيڪنالاجي جتي انسان کي هڪ مشين جيان بڻائي ڇڏيو آهي، ڪٿي اسين ان سفر جا راهي ته نه بڻجي ويا آهيون، سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ڪٿي اسين ان ڪاميابيءَ جي چمڪندڙ پهرن ۾ پنهنجن عظيم رشتن جي اهميت کي ته نه ڇيهو پهچائي رهيا آهيون. ماءُ اسان سان گڏ آهي ته زندگي روشن آهي، زندگي جنت آهي، پڇي ڏسو انهن کان، جن وٽ مائرن جو پيار ناهي، انهن جي ڏک کي محسوس ڪري ڏسو، جيڪي يتيم آهن، اهي ڪهڙي طرح ان هستيءَ کي ياد ڪندا هوندا، ان هستيءَ جي اهميت کان واقف هوندا. وقت وڏو ويري آهي، ڪٿي توهان جي لاپرواهي ان وقت کي پري نه ڪري ڇڏي، ان مٺڙي امڙ سان پيار جو اظهار ڪريو ۽ دعائون وٺو. نوجوان نسل تي نظر پئي ٿي ته اکيون لڙڪن سان ڀرجي پون ٿيون، ڇو اڄ جو نوجوان نسل ماءُ جي عظيم هستي کي بي معنيٰ سمجهڻ لڳو آهي ۽ پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ زندگيءَ جي هن خوبصورت رشتي کي وساري رهيو آهي، اها ماءُ ئي آهي جيڪا پنهنجي اولاد جي راهن ۾ هميشه خوشين جا گلاب نڇاور ڪندي رهندي آهي. انسان ڇا ماءُ جي عزت جو مرتبو طئي ڪندو ته ماءُ کي ممتا ۽ محبت جي مٽيءَ مان بڻايو ويو آهي، ان جي اندر پيار جو هڪ اونهو احساس جياريو ويو آهي. زندگيءَ ۾ ڪاميابيءَ جو راز هي آهي ته صبح جو اٿندي رب پاڪ کي ياد ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ماءُ جو چهرو ڏسو، ان کان دعائون وٺو، ڪڏهن به ناڪامي نصيب نه ٿيندي، پر جيڪا خوشي اسان جي اندر ۾ گهر ڪندي، اها خوشي هڪ سچي سڪون جي محل جيان هوندي، جنهن ۾رهي سڄي زندگي خوشين سان مهڪي پوندي.( ڪاوش نازڪ جي ٿورن سان)