• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌيت اها آهي ته درباري گهوسٽ اديبن، ليکڪن شاعرن ۽ ڀنگ پي ٻوليءَ جو خانو خراب ڪندڙن جو احتصاب ڪجي

Sindhi Media

سينيئر رڪن
سنڌي ٻوليءَ جي اصل ترتيب واري (الف انب، بي بلان....) سنڌي پٽي: سنڌي ٻوليءَ جو خانو خراب ڪرڻ وارن گهوسٽ اديبن، ليکڪن، ماسترن ۽ اسڪولن جو احتصاب ڪريو! ٻولي بچايو.

افسوس سائين مُحترم جهونو ماستر (اُستاد) به هاڻ اُهائي پُراڻي وقت جي ڀنگ جي نشي ۾ رٽيل علط ترتيب واري سنڌي پٽي پيو پڙهائي. مُحترم جهونا اُستاد! اها ترتيب ته وڏيرن جي اوتارا ۽ گهوسٽ اسڪولن جي گهوسٽ ماسترن جي پڙاهيل آهي جيڪي جڏنهن ڀنگ پي شاگردن کي پڙهائيندا هُئا ته اکرن جي ترتيب اڳين پويان ڪري مڙئي 52 اکر رٽي ويندا هُئا. سائين سنڌي پٽي ضرور انگريز سرڪار ترتيب ڏئي ڊزائين ڪئي پر هن اُن ترتيب ۾ سائنسي ۽ جياميٽري (ٽرگناميٽريءَ) جا سڀ اُصول رکيا هُئا ۽ ظلم وري مٿان اهو ٿيو ته ساڳئي ماحول جو ۽ وڏيرن جي دربار جي موالي پبلشرن به ان غير ترتيب پٽيءَ کي سنڌي سيليبس ۾ شامل ڪري ڇڏيو پوءِ ڀلا اهي درباري ڇاپندڙ جيڪي پوءِ ڍايل ڌاڙيلن ۽ راشي ڪامورن مان وڏيرو بڻجندڙن ، پيرن، شاهن ۽ ڪانڀو خان پوتارن جي اسڪول ۾ ڀنگ گهوٽي، چرس ڀري سُلف ٺاهي، چُڪو پاڻ به پي پوءِ سنڌيءَ جا52 لفظ بيترتيب ڪري شاگردن ي پڙهائيندا هُئا ۽ ڀنگ جي نشي ۾ لفظن جي ترتيب اڳيان پويان پهي مڙئي 52 جو کوڙو پورو ڪندا هُئا! شق ۾ پئجي ويا آهيون ڪٿي وهان به؟ (الله نه ڪري مُنهنجي مُنهن ۾ خاڪ)
سنڌيت پرست اسڪولن ۾ ماسترن تي زور ڀرين ته هيءَ اصلي پٽي ٻارن کي پڙهائين ۽ رٽائين نه ڪي گهوسٽ اسڪولن جي گهوسٽ ماسترن ۽ ڀنگ پي غير ترتيب واري سنڌي پٽي.
 
10629677_10204861411715895_2033813509529792591_n.jpg
 
Back
Top