• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پناهگيرن جي حڪومت ڪرڻ واري احساس برتري جي عادت اڃا تائين ختم ناهي ٿي

پناهگيرن جي حڪومت ڪرڻ واري احساس برتري جي عادت اڃا تائين ختم ناهي ٿي . اچو ته ان جملي جو هڪ تاريخي تجزيو ڪريون .

”ڊاڪٽر رسول ميمڻ پنهنجي آتم نراستي نالي هڪ تحقيقي مقالي ۾ لکيو آهي ته هر ساهوارو جيو گرڙن جو ٺهيل آهي . ان جيو گرڙن جي ڪري فطرت انسان جي وجود اندر هڪ ڏينهن ۾ ڏه هزار تبديليون آڻي ٿي . فطرت جو سٺايون يا خرابيون انهن جيو گهرڙن تي اثر انداز ٿين ٿيون .سٺايون سٺيون ۽ خرابيون خراب تبديليون آڻڻ ٿيون . سڀ تبديلون ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ٿين ٿيون “
ڊاڪٽر صاحب جي انهن جملن کي نظر ۾ رکندي اچو ته سنڌين ۽ پناهگيرن جي فطرت کي پرکيون . سنڌ ۾ پيداواري وسيلن جي جام يا گهڻائي هجڻ ڪري سنڌين ڪڏهين به ڪنهن ڀر واري علائقي تي ڪاه ڪا نه ڪئي آهي ۽ نه اڳرائي ڪئي آهي . البته انهن وسيلن جي ڪري سنڌ تي سدائين ٻاهرين قوتن حملا ۽ قبضا ڪيا آهن ، پر انهن حملي ڪندڙن کي سنڌ جي مٽيءَ پاڻ ۾ جذب ڪري ڇڏيو يا انهن جي وجود کي هتان ڀڄائي ۽ مٽائي ڇڏيو . اهڙن حملن ۽ ڪاهن جي ڪري سنڌين مذهب ته مٽايا ،پر رهيا سنڌي جو سنڌي . سنڌين ۾ حڪمراني ڀي رهي ته فقيري ڀي رهي ،سنڌي هر حال ۾ صابر به رهيا ته شاڪر ڀي رهيا ۽ فطرت انهن جي اهڙي جيو گهرڙن کي ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ڪندي رهي . ٻئي طرف اچون ٿا پناهگيرن ڏانهن ،جيڪي پاڻ کي مهاجر چورائي رهيا آهن .
سنڌ ۾ آيل پناه گير،ان نسلن جو سلسلو آهن ،جن هندوستان تي حملا ڪري هٿيارن ۽ ڌاڍ مڙسيءَ جي زور تي اقليت هوندي هڪڙي وڏي اڪثيريت تي صدين کان وٺي حڪمراني ڪئي آهي . انهن خاندان غلامان، سيد ، خلجي ، تغلق ،لوڌي۽ مغلن جي شڪلين ۾ ڪروڙين ماڻهن تي ظلم ۽ ڏاڍ وسيلي حڪمراني ڪري ،پنهنجو پاڻ کي احساس برتري ءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ۽ اهڙي احساس برتري واري جيوڙن صدين جي سفر کان پوءِ موجوده پناهگير(مهاجر ) نسل تائين منتقلي ڪئي ،جيڪا اڄ تائين انهن جي ذهنن ۾ سمايل آهي . هو وساري ويٺا آهن ته انهن سنڌ ۾ پناه ورتي آهي ،نه ڪي انهن سنڌ کي فتح ڪيو آهي .
1857غ ۾ جڏهين انگريزن مغليه خاندان جي آخري چشم وچراغ بهادر شاه ظفر کي لاهي ، پوري برصغير تي قبضو ڪيو ته سندن حوش خطا ٿي وين . قسمت جڏهين تخت تان لاهي پٽ ڀيڙو ڪين ته انگريزن جي چاپلوسي ،چمچي گيري ،مڪاري ۽ منافقت تي لهي آيا . انهن جي اهڙي حالت کي ڏسي هڪ اردو شاعر چيو و ته
ڪمزور هو حاکم تو ،فولاد هي مومن ،
انگريز هو حاکم تو اولاد هي مومن .
هنن جي وڏي فلسفي ۽ مفڪر علامه اقبال ته ،ملڪه جي شان ۾ کڻي آسمان مٿي تي کنيون . جنهن ڪري ويندي ويندي انگريزن کڻي پنهنجي چمچيگيرن کي برضغير وراهي ڏنو ۽ ان وراهست جي معاهدي ۾ ڪنهن به قسم جي
پناهگيري ،هجرت يا مائگريشن شامل نه هئي . اها ته لياقت ، مسعود کدرپوش ۽ سيد هاشم رضا جي سازشن ۽ شرارتن جي ڪري ٿي . پاڻ پنهنجا سر بچائي گڏهن ۽ ڏاندن جي پٺين تي پٺا اگهاڙا ڪري سنڌ پهتا هئا ۽ هاڻ سنڌ ۾ اچي سموري سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿي دعوائون ڪن ٿا ته اسان پاڪستان پاڻ سان کڻي آيا هئاسون ۽ سنڌ کي فتح ڪيو آهي . کين اها ئي احساس برتري واري عادت کين سنڌ ۾ ڀي سڪون سان ويهڻ نه ٿي ڏئين.
 
ظلم جي انتها ته اهائي آهي جو ،جو پاڻکي موعتبر ۽ مظلوم سمجهندڙ، سنڌين کي ڌڪين به ٿا ته ، سڀ ڪجه کايون به وڃن ٿا ته واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي وات ڦاڙي رڙيون ۽ ڪوڪون به ڪن ٿا . ڄڻ دنيا هنن جي ڪرتوتن ۽ ڪارنامن کان بي خبر آهي . انهن جيڪو رستو اختيار ڪيو آهي ،ان تي هلندي پنهنجي پيشاب ۾ ٻڏي مرندا ،شايد وري انهن کي ٻيهر پناهگير ٿيڻو پوي .پو ڏسون ته اهي ڪٿي وڃي ٿا پناه گير ڏين .
 
چاچا ڪريم اوهان درست فرمايو آهي .... پر هڪ ٻي ڳالهه به آهي ته انهن پناهگيرن کي اتي پهچائڻ ۾ اسان جي پنهنجن جو به هٿ آهي. جيڪي ڪڏهن مذهب ته ڪڏهن ڪرسي جي ڪري سنڌيت کي وساري ويهن ٿا.
 
چاچا ڪريم اوهان درست فرمايو آهي .... پر هڪ ٻي ڳالهه به آهي ته انهن پناهگيرن کي اتي پهچائڻ ۾ اسان جي پنهنجن جو به هٿ آهي. جيڪي ڪڏهن مذهب ته ڪڏهن ڪرسي جي ڪري سنڌيت کي وساري ويهن ٿا.
100 سيڪڙو سچ
مسئلو به اهو آهي ۽ مسئلي جو حل به انهي ۾
پر مجبوري اها آهي ته پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ اسان سکيا ئي ڪونه آهيون..
پنهنجو پاڻ تي تنقيد ڪرڻ نه برداشت آهي ۽ نه ئي ڪو تصور به ڪري سگهي ٿو..
پنهنجي اصلاح لاء ڪو قدم تڏهن ئي کڻي سگهبو جڏهن اها ڳالهه مڃجي ٻيلي پنهنجا حال پورا آهن..
پر ڪير مڃي؟ ۽ ڇو مڃي؟
اسان جي سُئي وڃي اتي بيهندي ته ....اسان جي تهذيب هزارين سال پراڻي آهي.. باقي مڙئي خير!!
 
ماضيءَ ۾ جيڪي به غلطيون ٿيون جنهن کان به ٿيون ، ڪن پنهنجن غلطين جو وڏي واڪي اعتراف به ڪيو ،سزا ڀوڳي ۽ انهن غلطين جي ازالي لاءِ ڪوشش به ڪئي ، پر ڪي ڍيڍ ماڻهو پنهنجي يا پنهنجي اڳواڻن جي ڪيل غلطين کي نه ٿا مڃن ،ته اها سندن مرضي ، پر منهنجي صرف اها گذارش آهي ته سنڌ کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ جي لاءِ هر ،هر ۽ ورائي ،ورائي ايندڙ وقت ۾ غلطيون ته نه ڪريون . هاڻي ته صاف ۽ چٽو فيصلو ڪريون ته جيڪي اسان سان سنڌ جي مفادن ، نقصانن ،ڏکن ۽ سکن ۾ گڏجي بيهن ٿا ۽ پاڻ کي مهاجر چوائن بدران ،صديقي ، مغل ،انصاري ، شيخ ، ڀوپالي ، گجراتي ، ڪاٺياواڙي ،ميمڻ ،دهلوي ۽ لکنوي بڻجي سنڌي سڏرائين ٿا ته انهن کي کڻي ڀري ڀاڪر ۾ ڪريون .باقي جيڪي پاڻ کي سنڌ جي مفادن ، نقصانن ،ڏکن ۽ سکن کان ڪٽي مهاجر سڏرائڻ تي ضد ڪيون بيٺا آهن ، ته پوءِ انهن جي اصلي پنهنجي ماڳن ڏانهن موٽڻ جو انتظام به اسان سڀني ڪرڻ گهرجي . بغير پارٽين جي ميمبر هجڻ جي صرف سنڌي بڻجي .
 
چانڊيا صاحب تاريخ ۾ اهڙين غلطين جي گنجائش ناهي هوندي. اعتراف ڪرڻ سان سنڌ کي آزادي ڪانه ملندي آهي. وڏو وقت لڳندو واپس ساڳي جاء تي پهچڻ لاء ..... پر ان لاء سچائي ۽ ايمانداري سان گڏ ثابت قدمي ڏيکارڻي پوندي ... قرباني ڏيڻي پوندي ۽ اتحاد ڪرڻو پوندو ... پر اسان وٽ واٽون ويهن بجاء 70 ٿي ويون آهن ....
 
هي مڪار بي نيمڪي ۽ احسان فراموش قوم آهي پنجابين پنهنجي جان ڇڏائي اسانکي فاسائي ڇڏيو

پر ان لاء سچائي ۽ ايمانداري سان گڏ ثابت قدمي ڏيکارڻي پوندي ... قرباني ڏيڻي پوندي ۽ اتحاد ڪرڻو پوندو

پر سنڌي قوم کي گڏ ڪير ڪندو ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
 
Back
Top