اکيون تو لئه، اڃا انتظارن ۾.

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن
غزل
جبار”آزاد“ منگي


دل جي دنيا ناهي قرارن ۾،

آتون هيڪرهلي بهارن ۾.

حسن جي شهر ۾، پرين آ ائين.

چنڊسونهين، جيئن ستارن ۾.

ڪوئي تڙپي، سڙي، ڀري آنهون،

درد ناهي رهيو، دل وارن ۾.

جنهن کي مرڪي ڏٺو، منهجا صنم،

رهيو ساري عمر خمارن ۾.

سمجهي مکڙيون، جهلي مون جهولي پر،

منهنجو دامن، ڀريو انگارن ۾،

منهنجا سڏڙا سڻي، سگهيو نه ڪوئي،

ويئي دٻجي، صدا ديوارن ۾.

ساهه خاڪي، جسم مان ٿيو “آزاد”،

اکيون تو لئه، اڃا انتظارن ۾.
 
Back
Top