• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وقت وڃائيندڙن لا به ڊگري

منصور سرور

سينيئر رڪن
نيويارڪ (ع آ نيوز) اسان سڀ انٽرنيٽ تي وقت زيان ڪرڻ جا عادي آهيون، پر جيڪڏهن اها عادت اوهان کي تعليمي ڊگري ڏياري ته ان کان وڌيڪ توهان کي ڇا کپي؟ آمريڪا جي هڪ يونيورسٽي ويڊيوز ڏسڻ، اسٽيٽس اپڊيٽس، چيٽنگ، آن لائين شاپنگ، ويب سائيٽ ۽ بلاگز جو معائنو ڪرڻ، مطلب هر طرح سان وقت ضايع ڪرڻ تي 2015ع کان ڊگري ڪورس جي آڇ ڪئي آهي. بي مقصد ويب سرفنگ جي آرٽ تي ان ڊگري جي آڇ پينسلوانيا يونيورسٽي موجب انٽرنيٽ تي ويهي وقت وڃائڻ تي توهان کي تعليم يافته بڻائي سگهي ٿي، جڏهن ته هڪ ڏکي شيءِ کي منهن ڏيڻو پوندو ته هفتي ۾ هڪ ٽن ڪلاڪن جو سيمينار ٿيندو جنهن ۾ پڙهڻ جي مشق ڪرڻي پوندي.
Waste-your-time-and-get-Degree-300x176.jpg
 
ادا اها جيڪا ڊگري ڏيندي اها تواهان جي ڪهڙي ڪم جي هوندي ان تي توهان کي ڪهڙي نوڪري ملندي

سڀ فيڪ ............................
 
اهي اخبارن وارا ماڻهن کي چريو پيا ڪَن..
هڪ مشهور اخبار ۾ اشتهار لڳل هو، رابطو ڪيم، نمبر ناٽ اِن يوز... اي ميل... اڄ تائين جواب ناهي مليو... مطلب سڀ ڪوڙ...
 
Back
Top