منصور سرور
سينيئر رڪن
نيويارڪ (ع آ نيوز) اسان سڀ انٽرنيٽ تي وقت زيان ڪرڻ جا عادي آهيون، پر جيڪڏهن اها عادت اوهان کي تعليمي ڊگري ڏياري ته ان کان وڌيڪ توهان کي ڇا کپي؟ آمريڪا جي هڪ يونيورسٽي ويڊيوز ڏسڻ، اسٽيٽس اپڊيٽس، چيٽنگ، آن لائين شاپنگ، ويب سائيٽ ۽ بلاگز جو معائنو ڪرڻ، مطلب هر طرح سان وقت ضايع ڪرڻ تي 2015ع کان ڊگري ڪورس جي آڇ ڪئي آهي. بي مقصد ويب سرفنگ جي آرٽ تي ان ڊگري جي آڇ پينسلوانيا يونيورسٽي موجب انٽرنيٽ تي ويهي وقت وڃائڻ تي توهان کي تعليم يافته بڻائي سگهي ٿي، جڏهن ته هڪ ڏکي شيءِ کي منهن ڏيڻو پوندو ته هفتي ۾ هڪ ٽن ڪلاڪن جو سيمينار ٿيندو جنهن ۾ پڙهڻ جي مشق ڪرڻي پوندي.
