• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جي ڪڏنهن ڀُلجي به سنڌ ۾ ميرٽ قائم ٿي ۽ آئون وزير تعليم بڻايو ويس ته!

Sindhi Media

سينيئر رڪن
جي ڪڏنهن ڀُلجي به سنڌ ۾ ميرٽ قائم ٿي ۽ آئون وزير تعليم بڻايو ويس ته!
مان توهان کان وڌيڪ تعليم يافته، تعليمي نظام کي روائيو ڪرڻ ۾ وڌيڪ تجربيڪار، جتي ڪم ڪيل دشمنن جو به مڃيل پر ناسورن جي گروپ جي مخالفت گهڻي هوندي به ، لوڪل توڙي بيروني ادارن مان سيبر گروپ ڪنسلٽنٽ (اسپيڊ ونگ) آمريڪا جو ٽرينڊ پروفيشنل آهيان ۽ نتيجي ۾ ڪنسلٽي سرٽيفڪيشن وٺندڙ به ۽ آزمايل آهيان. هاڻ جي ڪڏنهن ڀُلجي به سنڌي ماڻهون پنهنجي ووٽ جو آزادانا ۽ سوچي سمجهي استعمال ڪيو سنڌ ۾ به ڀُلجي ميرٽ هلي ته پڪ سان وزير تعليم ٿيڻ جا مُنهنجا پڪا 100 سيڪڙو چانسز آهن، ها توهانکي توهانجي ساڳي جدوجهد ڪري پنهنجي تعليم ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري بڻائي سگهان ٿو، ڇو جو سڀ کان پهرئين آئون عملي ۽ گڏوگڏ لکت ۽ جديد سائيڪالاجيءَ سان قوم جي برين واش ڪرڻ جو قائل آهيان (نه ته دٻي ۾ ٺڪريون، جهڙو ڪنهن پٺاڻ کي ڏنل سمجهاڻي). آئون شروعات ۾ ئي ڪم چوري، ٺشن بازي، ڪچهرين ۾ ٽرڙا ٽهڪ، زور سان دانهون ڪري ڳالهائڻ ۽ فليٽ ۾ رهندڙن جي ننڊ ڦٽائڻ، مُفت خوري ۽ حرام خوري بدني، سُستي، ڪاهليت ۽ سڀ کان پهرئين سنڌ جي موالي ڪلچر جي خاتمي جو خواهان آهيان. جنهن سان مُنهنجا ۽ توهان جا ۽ اهڙي سوچ ويچار رکندڙن جا سمورا خواب پورا ٿيندا. جيئن چوندا آهن ته (ٻليءَ جي خواب ۾ ڇيڇڙا) . ڇو جو قوم انهن بُراين ۾ پيرن جي نُنهن کان مٿي جي چوٽيءَ تائين ورتل آهي، سچ ۽ حقيقت ٻ(ڌڻ لاءِ تيار ناهي يا ڊڄي ٿي . ٻيو ته منسٽري به لازمي عارضي هوندي آهي ۽ جي قوم جي رت ۾ گهوٽيل اهي بيماريون نه نڪتيون ته مُنهنجي منسٽري ختم ٿيڻ کان پوءِ بگڙيل معاشري جا بگڙيل فرد جيڪي ڀنگ ۽ سُلفي پي، اوتارا يونيررسٽين مان ڊگريون وٺي، ولين، صوفين، درويشن، اوليائن جي مزارن جي گرد اوتارا اسڪول کولي ڌنڌو پاڻي پيا ڪن ۽ اتفاق سان نشي ۾ جهموجي سنڌي قوم به سڏجن ٿا ۽ سنڌيت جو فڪر به کين ننڊ نٿو ڪرڻ ڏي، وري ٽٻي ڏئي ٻُڏي وڃن ٿا، جيسين ڪو سوٽو پيارين، وري ساڳي راه وٺندي. ان مثال جيان ته ڪُت جو پُڇ نڙ ۾ وجهي ڏهن سالن کان پوءِ ٻاهر ڪڍندئو ته ٽيڙو جو ٽيڙو ۽ آئون اهو نٿو چاهيان. بس قوم جي برين واشنگ ۽ موالي ڪلچر مان آزادي پهرئين تعليم ۽ ڪتاب جو سبق آهي. يقين نه اچي ته هي سي.وي پڙهي فيصلو ڪريو ۽ مونکي وزير تعليم ڪرائڻ ۾ مدد ڪريو ته پرائمريءَ کان گريجوئيشن تائين (بشمول ٽيڪنيڪل تعليم) لازمي ۽ مُفت ڪرايان. ته مُنهنجي لاءِ پنهنجو ووٽ بچائي رکو ته پهرئين ميمبر سنڌ اسيمبلي ته ٿي وڃان ۽ ها جيڪا آئنده اليڪشن ۾ سياسي پارٽي اڪثريت ۾ ايندي اُها به اڳڪٿي ڪري ٻُڌائجو ته هيئنر ئي اُن جو ميمبر شپ فارم ڀريان. ٻي ڳالهه ته مونکي اهي گهوسٽ ماستر ته اصل ڏٺا ئي ڪونه وڻن جن مُهنجي سنڌ جي تعليمي نظام کي تباه و برباد ڪري ڇڏيو آهي، رُشوتون ڏئي يا دوستي بيس ۽ اثر رُسوخ سان ۽ گهڻن ئي دادوءَ وارن ماسترن (ماما لالو نه) جي مدد سان ڪوڙا ماستريءَ وارا رنگين ۽ اسڪين ۽ ليزر پرنٽ ٿيل نوڪرين جا آرڊر وٺي واويلا ڪندا وتن، انهن ۾ ڪي مون وٽ به آيا هُئا ته ٻارن لاءِ تعليمي نظام ۾ نوڪريون وٺو، گروپ 6 لاءِ 2 لک، 11 لاءِ 4 لک، 14 لاءِ 6 لک ۽ 16 لاءِ 8 لک ۽ حيرت هُئي ته آرڊر به هٿ ۾ هُئن ۽ فنڪاري ڊسڪائونٽ 50 سيڪڙو پئي ڏنائون. ۽ پوءِ مصيبت اها ته روز ايس.ايم.ايس ۽ اُهي بينظير پروگرام تحت پئي موڪليئون ته مون لاءِ ڪُجه پئسا منظور ٿي ويا آهن ، فلاڻي نمبر تي ڪال ڪري اچي وٺو. وغيره ۽ انهن بهروپين کي حيرت سان مُنهنجي ڪن گهٽ پڙهيل ايڪٽرن ۽ ڊائريڪٽرن، فنڪارن ئي مونسان تعارف ڪرايو هو ۽ انهن کي احتجاج دوران مون واٽر ڪينن ۾ ترڪندي ۽ 2 سالن جو پگهار نه ملڻ جي شڪايت ڪندي ۽ ليڊ ڪندي به به ڏٺو هو. پي. ٽي.وي جي ڪن سنڌي پروڊيسرن جي اڃان ڳاله ڪونه پيو ڪريان جيڪي ڊرامون ڏئي يا نه ڏئي ڪاسٽ ڪري اڌو اڌ تي سودو ڪندا آهن.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
مٿيون جواب هيٺئين نوٽس جي جواب ۾ آهي
10710708_970053563011452_3413211863529600223_n.jpg

هي منهنجو بيان رڪارڊ تي رکيو وڃي
جڏهن مان وزير تعليم سنڌ ٿيندس ته هي منهنجو پهريون بيان هوندو (ڪو به وڏيرو، ايم پي اي، ايم اين اي، سينيٽر، وزير، مشير، دوست ۽ مائٽ تعليم کاتي ۾ مداخلت ڪرڻ لاء فون يا نه ڪري) ڀلي مان هڪڙو ڏينهن وزير هجان مونکي خبر آهي ته حرام خوري جي هزار سال زندگي کان ايمانداري جي هڪ ڏينهن جي زندگي بهتر آهي. استاد لياقت ميراڻي
 
Back
Top