ڇوٽي " ٰی " .... بڙي " ے "

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ محمد ثاقب ابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏10 نومبر 2014۔

  1. محمد ثاقب ابڙو

    محمد ثاقب ابڙو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2011
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    38
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽيشن مئنيجر _ جوش ايف ايم 99 ، ڪراچي
    ماڳ:
    اصل : هالا / حيدرآباد _ ويٺل : ڪراچي
    ڪاش سنڌي ٻوليءَ ۾ به اردو وانگر ڇوٽي " ٰی " ۽ بڙي " ے " واري فرق لاءِ ٻه مختلف اکر هجن ها !

    سنڌي ٻولي شاهوڪار ٻولي هجڻ جي دعويدار آهي پر هن وڏي خال کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪو اکر سنڌي آيوٽا ۾ موجود ناهي جنهن سان سنڌي پڙهڻ وقت ان فرق کي سمجهي پڙهجي _

    مثال ؛
    مونکي پگھار ملي (زمان ماضي جي ڳالهه جنهن ۾ پگار ملي چڪي آهي)
    مونکي پگھار ملي (هڪ خواهش جو اظهار ته الله ڪري ملي پوي)

    ٻنهي جملن جو تفصيل جيڪر لکيل نه هجي ته ڪيئن خبر پوي ته صحيح جملو ڇا آهي !!! جڏهن ته اردو ۾ ان فرق لاءِ ڇوٽي " ٰی " ۽ بڙي " ے " موجود آهي _

    سوال اهو ناهي ته اهڙِ ضرورت ڇو آهي ! سوال اهو آهي ته آخر ان جو اعتراف ڇو ناهي ۽ ضرورت ته ايجاد جي ماءُ آهي_ اميد ته ٿورو لکيو گھڻو سمجهندا
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,152
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    سائين اوهان جو سوال درست آهي، پر سنڌي ٻولي ۾ اهو فرق به آهي جنهن پاڻ اعراب چئون ٿا، جئين پاڻ ڪا لفظ اچارون ٿا ان مطابق هن تي اعراب لڳايون ٿا
    جئين اوهان لکيو آهي ت:
    مُونکِي پَگهار ملِي (ماضي)
    مُونکِي پَگهار ملَي (خواهش يا مسقبل)
    منهنجي سمجهه ۾ اهو ٿو اچي وڌيڪ ٻولي جي ڄاڻ وارا اوهان جي سوال جو درست جواب ڏئي سگهن ٿا
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,860
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان بلڪل درست لکيو آهي ... وڌيڪ ان تي ٻوليء جي ماهرن کي راءِ ڏيڻ گهرجي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,152
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    جي سائين سليمان وساڻ صاحب جيتري ڄاڻ هئي ان مطابق لکيو وڌيڪ ٻولي جا ڄاڻون راءِ ڏئي سگهن ٿا
     
  5. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    720
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    سائين محمد ثاقب

    السلام عليڪم

    سائين توهان تمام ڪمائتو سوال اُٿاريو آهي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته توهان به سنڌي ٻولي جا سڄڻ آهيو ۽ ان کي بي عيب ڏسڻ چاهيو ٿا.

    سائين سنڌي ٻولي بيشڪ شاهوڪار ٻولي آهي پر جنهن موضوع کي توهان خال چئو ٿا اصل ۾ اهو خال ناهي پر توهان ڀيٽ ڪرڻ ۾ ٿورو کُٽي پيا آهيو منهنجا سهڻا سائين. ٿيندو اهو آهي ته انسان کي ڌاري ٻولي ايتري ئي ايندي آهي جيتري ان کي مادري ٻولي (Mother Tongue) ايندي آهي. مونکي انگريزي يا اڙدو ٻولي ايتري ئي ايندي جيتري سنڌي ٻولي ايندي.... جيڪر مونکي سنڌي ٻولي ۾ اُٺ جي مٿان رکيل ويهڪ واري گدي جي نالي ( پاکڙي ) جي باري ۾ خبر نه هوندي ته ان جي انگريزي يا اڙدو اکر جي ڪيئن خبر پوندي سهڻا سائين ؟؟؟

    توهان ٻه سوال ڪيا آهن ته سنڌي ٻولي ۾ وڏي ”ے“ ڇو نه آهي ؟؟ ۽ ان ايڏي وڏي خال کي ڇو نه ڀريو ويو آهي ؟؟؟


    سائين توهانجي ٻنهي جملن کي ئي مٽال طور کڻو ٿا.

    1. مونکي پگھار ملي (زمان ماضي جي ڳالهه جنهن ۾ پگار ملي چڪي آهي)

    2. مونکي پگھار ملي (هڪ خواهش جو اظهار ته الله ڪري ملي پوي)

    پهرين جملي ۾ لفظ ”مونکي“ مفعول(Object) ۽ باقي سڄو جملو ”پگهار ملي“ فعل(verb) آهي. ائين سائين ؟؟؟

    اهو جملو زمان ماضي جو آهي ته ان کي سنڌي ۾ لکڻ جو صحيح طريقو هئين آهي...

    ” مونکي پگهار مليِ “ يا بنھ صحيح ۽ اصل .. ” مونکي پگهار مليِ وئي “

    مطلب ته توهان کي اعراب جو استعمال ڪرڻو پوندو. پر جي توهان اعراب جو استعمال نٿا ڪيو ته جملو هئين ٿيندو

    ” مونکي پگهار ملي “ (امڪاني جملو) يا بنھ صحيح ۽ اصل .. ”مونکي به پگهار ملي “

    هاڻ هي امڪاني جملو آهي جنهن ۾ ”ي“ ساڪن (Silent) يعني خاموش آهي جنهن ۾ ڪا به زير زبر يا پيش جو استعمال ناهي. جيڪا ٽابت ٿي ڪري ته اهو ڪم اڃا ٿيو ناهي پر ٿي سگهي ٿو يا ٿيڻ جو امڪان آهي..ٻيو مثال وٺو ... مان اندر اچان ؟؟؟ ، مان هاڻ وڄان ؟؟؟ مونکي به ساٿي ملي وغيره... ۽ عام طور تي اسان انهن جملن ۾ مددي لفظ به ڳنڍيندا آهيو جيئن ...الله ڪري !!! مونکي پگهار ملي .. يا وري اي ڪاش ! مونکي به ساٿي ملي.... جنهن ساڻ اهو ثابت ٿيو وڃي ته هي جملو امڪاني آهي. پر جيڪڏهن آخري اکر ۾ ...وئي ، ويو ، ويا جوڙيندئو ته جملو ماضي جو ٿي ويندئو.

    جيئن .. مونکي پگهار ملي وئي...................... وغيره وغيره

    ڏسو ڪيڏو سولو ڪم آهي... يا نه ؟؟؟


    هاڻ جيڪر توهان پنهنجي جملي کي مستقبل جو جملو بڻائڻ چاهيو ٿا ته آخر ۾ ... ندو ، ندي ، نديس جوڙي ان کي مستقبل جو جملو بڻائي سگهو ٿا..

    مثال ...

    مونکي پگهار ملندي ...

    مونکي ساٿي ملندو ...

    آءُ اڄ ڪراچي وينديس ... وغيره وغيره

    سنڌي ٻولي پنهنجي پاڻ ۾ هڪ مڪمل ٻولي آهي سهڻا سائين. ٻولي جي آيوٽا يا ان جا اکر ان ٻولي ۾ نڪرندڙ آواز جي آڌار تي ٺاهيا ويندا آهن ۽ سنڌي ٻولي عربي ۽ فارسي ٻولي توڙي پنهنجي زاتي قدرن ساڻ سرچيل آهي ان کي اعرابن جو اڻ کُٽ خزانو مليل آهي پوءِ ڇاڪاڻ ان ۾ ڪو اضافي اکر شامل ڪجي جنهن جو استعمال يا آواز(sound) سنڌي ڳالهائيندڙ وٽ موجود ئي نه هجي. سنڌي ٻولي ۾ ڪوبه خال موجود ناهي سائين منهنجا.هي هڪ مڪمل ٻولي آهي ها اهو ضرور آهي ته وقت جي لحاظ سان نوان اکر يا پراڻن اکرن ۾ مٽا سٽا ايندي رهي آهي ۽ ايندي رهندي جو ٻولي دريا آهي ۽ دريا به شينهن دريا .... وڌيڪ

    جيڪر ... ” مونکي پگهار ملي “ کي ” مونکي پگهار ملے “ لکندئو ته

    ٻولي جي بيهڪ ئي مٽجي ويندي جڏهن ته اهو ئي ڪم اسان اعرابن سان سولائيءَ سان ڪري ٿا سگهون ڏسو

    گُل (Flower) ــــ گِل (مٽِي) (Mud)

    ساڳيو لفظ گل آهي پر ان تي زير ۽ پيش لڳائڻ ساڻ مطلب ئي مٽجي ٿو وڃي.

    ٻيو مثال...

    مِٽجي (Finish) ــــــــ مَٽجي(Change) ــــــ مُٽجي (Destroy) وغيره وغيره. (غير اخلاقي لفظ تي معذرت پر ضرورت آهر لکڻو پيو)

    سائين اميد ڪيان ٿو ته توهان کي سنڌي ٻولي جي اعرابي توڙي زمانن (Tenses) واري بيهڪ سمجھ ۾ اچي وئي هوندي... وڌيڪ ڪو ٻولي جو ماهر موجود هجي ته ان تي تبصرو ڪري سگهي ٿو...

    دعاڳو

    چارڻ آصف جمال

    دادو
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏10 نومبر 2014
    16 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,152
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    وسلام سائين بلڪل اوهان کولي سمجهايو آهي، هن ۾ مونکي به ڄاڻ ملي آهي اوهان جا وڏا وڙ

    سائين اوهان لاءِ نيڪ تمنائون جتي به هجو خوش هجو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,923
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473

    ياء مجهول جو معروف جواب بهترين انداز ۾ تمام سٺو لڳو. سدا سلامت هجو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏11 نومبر 2014
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. محمد ثاقب ابڙو

    محمد ثاقب ابڙو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2011
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    38
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽيشن مئنيجر _ جوش ايف ايم 99 ، ڪراچي
    ماڳ:
    اصل : هالا / حيدرآباد _ ويٺل : ڪراچي
    پيارا سائل مهراڻ اوهانجو جواب اکين تي ... مسئلو اعرابن سان به حل ضرور سگھي ٿو پر ڇا اهو حل
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. محمد ثاقب ابڙو

    محمد ثاقب ابڙو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2011
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    38
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽيشن مئنيجر _ جوش ايف ايم 99 ، ڪراچي
    ماڳ:
    اصل : هالا / حيدرآباد _ ويٺل : ڪراچي
    منهنجي حقير سوچ ۾ آيل هن عجيب و غريب سوال تي اوهان ساڃاهوندن غور و فڪر ڪيو ۽ تفصيلي راءِ کان آگاهه ڪيو ان لاءِ اوهانجو شڪرگذار آهيان.
    اعرابن سان ان فرق کي ختم ڪري سگھجي ٿو، ان کان ته آئون به واقف آهيان _ جيئن ؛ اِنَ ، اُنَ ، اَنَ وغيره

    پر پوءِ سوال اهو به اٿي ٿو ته ڇا اسانجي شاهوڪار ٻولي پڻ عربي ٻولي وانگر اعرابن جي محتاج آهي ؟

    جيڪر اوهانجو جواب اهو آهي ته اعرابن جو استعمال ٻوليءَ جي محتاجي نه پر ٻوليءَ جو حسن آهي ته پوءِ مان بحث اتي ئي ختم ڪرڻ مناسب سمجھندس . پر جيڪر ڇوٽي " ٰی " ۽ بڙي " ے " جي ضرورت کي وڌيڪ سمجھڻ ۽ سمجھائڻ لاءِ هي بحث جاري رهي ته احسانمند رهندس.

    جي نه ته بحث ته اهو به ٿي سگھي ٿو ته گ ۽ هه ملائي ” گھ “ يا ج ۽ هه ملائي ”جهه“ ٺاهڻ بدران هڪ مختلف اکر نشاني ڇو نه ٺاهي ويئي _ جيئن ب ۽ هه کي ملائي ڀ نه ٺاهيو ويو .... ان سوال جي ضرورت انڪري پيش ٿي جو
    گھرائي ۽ گهرائي ٻه الڳ لفظ آهن ....
    گَھرائِيِ ؛ يعني اونهائي
    گھُرائي ؛ يعني کڻائي يا آڻي

    جيڪر ڀ وانگر گھ لاءِ الڳ اکر هجي ها ته گُھرائي لاءِ ان کي استعمال ڪيو وڃي ها _ بحرحال هي صرف هڪ اضافي مثال هيو ... ڇو جو دوستن جو اهو خيال پڻ آهي ته گهرائي سنڌي ٻولي جو لفظ ئي ناهي .. سنڌي ۾ اونهائي ئي چئبو آهي .. ولله اعلم !
    هلئون ٿا واپس پهرئين سوال ڏانهن ته ڇوٽي " ٰی " ۽ بڙي " ے " جي ضرورت محسوس اوهانکي ٿئي ٿي يا نه !؟

    مان اها به درخواست عرض رکندس ته اسين پنهنجي ٻولي جي ضرورت کي ذهن ۾ رکي پنهنجي پنهنجي راءِ ڏيون ڇو جو جيئن اوهانکي منهنجو عربي وارو حوالو ناگوار گذريو هوندو بلڪل ائين ئي مونکي به انگريزي ٻولي وارا مثال موضوع کان جدا محسوس ٿيا _ اوهانجي محبت ، مان ۽ موٽ لاءِ ٻيهر ٿورائتو آهيان. جُڙيا هجو شال _ آميان
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏12 نومبر 2014
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,152
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ

    سائين هتي اوهان جو سوال سمجهڻ جهڙو آهي واقعي جيڪڏهن ٻولي اعرابن جي محتاج آهي يا ٻولي جو حسن اهو مون اڳ ۾ به چيو آهي ته جيڪي ٻولي جا ڄاڻو آهن اهي ٻڌائي سگهن ٿا،،، پر جيڪڏهن اهڙا اکر جئين اوهان مثال جي طور ڏنا آهن انهن تي غور ڪرڻ ضروري آهي اوهان جو اهو سوال تمام درست آهي اڃان دوستن کان را جو انتظار ڪندا ٿا رهون ڏسون ٻيا دوست ڪهڙي ٿا را ڏين

    اوهان کي جس هجي جو ننڍڙن مسئلن کي ٻين وڏن مسئلن جئين سامهون آڻيو آهي سدا خوش هجو
     
  11. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,923
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    محترم ثاقب ابڙو صاحب توهان جا سوال بالڪل درست آهن ۽ اهي سوال ڪي نوان نه آهن ليڪن ڪافي دانشورن ان تي گفتگو به ڪئي آهي پر ان جو حل ڪوبه نه ڪڍي سگهيا آهن ان جا ڪيترائي سبب ڄاڻايا ويا آهن هڪ ته جڏهن جملي ۾ اهي لفظ استعمال ٿين ٿا ته جملي جي سياق و سباق مان معلوم ٿي ويندو آهي ته هتي لفظ کي ڪهڙي انداز سان پڙهڻو آهي. جيئن کنڊ (کائڻ واري) کنڊ (براعظم) وغيره اهڙا ڪيترائي لفظ جن جي لکڻي هڪ جهڙي آهي ليڪن تلفظ مختلف آهن ، انگريزي ۾ اهڙا کوڙ لفظ آهن جن ۾ لکڻ جي هڪجهڙائي جي باوجود انهن جي ڏسيل قاعدن مطابق اسان انهن جي تلفظن ۾ فرق ڪندا آهيون ان ئي نموني اسان به پنهنجي ٻوليء ۾ ننڍي هوندي کان ئي اهڙن فرقن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهيون. ٻيو سبب نون حرفن کي نه شامل ڪرڻ جو اهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته اسان جي ٻوليء ۾ جيڪو صدين جو مواد هن وقت تائين موجود آهي جيڪڏهن نوان حرف شامل ڪيا ويندا ته ان پراڻي مواد جي تصحيح جو مسئلو پيش ايندو بهرحال ڪافي سارا بحث مباحثا به ٿيا آهن ليڪن هن وقت تائين ڪجهه به نه ڪيو ويو ان لاء ڪجهه معقول سبب ڄاڻايا ويا آهن. اعتراض ته ذهنن ۾ ايندا رهندا آهن ليڪن انهن جو حل ايترو آسان نه آهي هوندو. بهرحال سڀ ڄاڻ وارا دوست ڀلي پنهنجي علم آهر معلومات شيئر ڪن ته جيئن دوستن جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي. سدا سلامت هجو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏13 نومبر 2014
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. محمد ثاقب ابڙو

    محمد ثاقب ابڙو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2011
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    38
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽيشن مئنيجر _ جوش ايف ايم 99 ، ڪراچي
    ماڳ:
    اصل : هالا / حيدرآباد _ ويٺل : ڪراچي
    لک قرب پيارا سائل ۽ سائين رحيم بخش ... اوهان پاران ان ڏس ۾ ڪيل دانشورن جي ڪوششن ۽ معقول سببن جي بابت مختصر ئي سهي پر معلومات ملي. جيڪر ان ڏس ۾ ڪو تحريري مواد موجود هجي ته ضرور ونڊ ڪجوء
    ساٿ سلامت !
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,152
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    .

    جي سائين ثاقب ابڙا صاحب اسان جي ڪوشش اها آهي ته ڪو اهڙو مواد ملي جو ٻولي جي باري ۾ ڄاڻ ڏئي، جئين ڪو اهڙو تحريري مواد ملي ته سائين ضرور اوهان تائين پهچائبو
    دعاڳو
    سائل مهراڻ
     
  14. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    720
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    سائين ثاقب ابڙو صاحب ...السلام عليڪم سهڻا سائين

    توهان عربي جو اهڙو ڪهڙو مثال ڏنو آهي جو ڪنهن تي ناگوار گذرندو(بيان ڪجو). يقين ڪيو ڪنهن تي به ناهي گزريو ۽ توهان کي به منهنجي يا ڪنهن جي به ڏنل انگريزي توڙي ٻي ڪنهن به ٻولي جو مثال ناگوار نه گذرڻ کپي پيارا ڇاڪاڻ ته ٻولين جي ڀيٽ ڪرڻ ساڻ هي اسان کي پنهنجي ٻولي بهتر ۽ جديد بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ٻيو ته هي (سنڌ سلامت) محبت جو ميڙاڪو آهي علم جي دنيا آهي. نفرت جي عمارت يا دوزخ جو در ناهي. توهان کي دل سان ٻڌبو به ۽ توهانجي ڳالھ کي پاڻي به ڏبو ۽ جتي ضرورت محسوس ٿي ته حجت به ڪبي پيار ۽ پاٻوھ ساڻ....

    اعرابن وارو سوال

    سائين جيئن چيو ويو آهي ته ”اعراب ٻولي جي سونهن به آهي“ اها هڪ بناوٽي سِٽ آهي جيڪا ٻولي جي سيکڙاٽن لاءِ ڪتب آندي ويندي آهي، باقي اصل اهو آهي ته ڪنهن به ٻولي کي اعراب جي ضرورت ناهي. توڙي جو عربي ٻولي ۾ به اعراب اڳ نه هئا ۽ نا هي اڄ عربي اعرابن جو استعمال ڪن ٿا. اهي ته پوءِ ان ۾ شامل ڪيا ويا ۽ ڇو ڪيا ويا ئي اعرابن جي استعمال جو جواب آهي... ڪنهن به ٻولي ۾ اعرابن جو استعمال ڌاري ٻولي واري پڙهندڙ(Foreign Reader) کي لفظ جي صحيح اچارڻ (Pronunciation) لاءِ ڪيو ويندو آهي باقي جنهن لاءِ اها مادري ٻولي آهي ان کي اعرابن جي ڪهڙي ضرورت سواءِ ان جي جو هو پنهنجي ٻولي وساري نه ڇڏي (جيئن اسان سنڌي ٻولي وساري ڇڏي آهي).

    ے وارو سوال

    رهي ڳالھ ننڍي ”ي“ ۽ وڏي ”ے“ جي ته سائين منهنجا هر هڪ لفظ (ڪنهن به ٻولي ۾) آواز جي آڌار تي شامل ڪيو ويندو آهي جيڪو وات سان اُچاري به سگهجي ته لکت جي صورت ۾ لکي به سگهجي ۽ ”ے“ جي هي صورت اسان وٽ اڳ ئي مختلف صورتن ۾ موجود آهي ته پوءِ ان لاءِ وري ٻي نشاني رکڻ جو سبب سمجھ ۾ نٿو اچي.

    مثال ڏسو ...

    امدڙو ( ء ) ... امدڙو ان صورت ۾ اڳ ئي سنڌي ٻولي ۾ موجود آهي...

    جيئن ... لفظ

    امدڙي ساڻ ے ساڻ

    پوءِ - پوئے

    لاءِ - لائے

    سواءِ - سوائے


    تنهن کانسواءِ امدڙو ءِ ءَ ءُ ءٌ ۽ جي طور تي به استعمال ٿئي ٿو. ڇا ڪنهن ٻي ٻولي ۾ ڪنهن به هڪ لفظ جو ايتري استعمال آهي ؟؟؟ خود اڙدو ۾ ته ڇا پر عالمي ٻولي انگريزيءَ ۾ به ڪونه ملندو. هان توهان هي ٻڌايو جڏهن امدڙو اسان وٽ ان آواز ۾ موجود آهي ته پوءِ هڪ ٻيو اضافي لفظ ساڳي آواز وارو ڇو رکجي ؟؟؟


    گھ ۽ جھ وارو سوال

    هن مسئلي ۾ آءُ توهان جو پاسيدار آهيان. گھ ۽ جھ لاءِ به ڪو لفظ هجڻ ضروري آهي ۽ ان تي ڪم به ٿي رهيو آهي پر اسان وٽ ٻولي جا ماهر جي نالي ۾ هٿ تي ڳڻڻ جيترا ڏاها به ناهن رهيا سائين منهنجا... ۽ نئون نسل پنهنجي ٻولي پڙهڻ لکڻ ته پري پر ان جا ڇوٽا اکر (Shortcuts) ھڻڻ ۾ لڳا پيا آهن. انگريزي جو جيڪو هاڻ حشر ٿيو آهي توهان جي سامهون آهي ته ڪئين انٽرنيٽ جي چيٽنگ روم ۾ ان جو تين وال ڪيو پيو وڃي... سو هاڻ کوجنا (Research) ڪير ڪري؟؟؟

    جيئن مون اڳ به چيو آهي ته هر هڪ لفظ (ڪنهن به ٻولي ۾) آواز جي آڌار تي شامل ڪيو ويندو آهي جيڪو وات سان اُچاري به سگهجي ته لکت جي صورت ۾ لکي به سگهجي. ان مد ۾ اهو ھميشه ياد رکو ته ٻولي جا ماهر ڪنهن به اکر کي شروعاتي صورت ڏئي آزمائيندا آهن ۽ پوءِ وقت سر ان ۾ تبديلي ڪندا ويندا آهن، آخر اهو اکر پنهنجي خالص صورت ۾ اچي بيهندو آهي. مثال شاھ سائين جي دور ۾ لکيل مواد (شاعري) منجھ لفظ ”ڃ “ موجوده صورت بدران ” نج “ ڪري لکيو ويندو هو... جئين اکر ” وڃ “ جي بدران ” ونج “ لکيل هوندو هيو پر وقت سان گڏوگڏ اهو اکر اڄ پنهنجي خالص ۽ ڌار صورت ۾ موجود ۽ توهان اسان جي استعمال ۾ آهي. انشاالله گھ ۽ جھ به پنهنجي اصل صورت تائين پهچي ويندا. تنهن کانسواءِ نور نامو جيڪر توهان پڙهيو آهي ته ان جي سنڌي اڄ جي نوجوان کي سمجھ ته ٺهيو پر پڙهڻ ۾ ئي آذار ڪري ڏيندي.

    منهنجي رااها ئي آهي باقي جيئن ساٿي بحث ڪن ته ڄاڻ ملي...
    اميد ڪيان ٿو توهان کي موٽ وڻندي.

    توهانجو...

    چارڻ ، آصف جمال

    دادو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,152
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ


    وسلام سائين

    سائين بهترين سمجهاڻي ڏني اٿو اوهان کي جس هجي

    سائين ثاقب ابڙي جن لفظن لا الڳ سڃاڻپ واري نشاني جي ڳالهه ڪئي آهي اها سئو سيڪڙو صحيح آهي ۽ اسان سائين ثاقب ابڙو جي هنن لفظن لا پاسيداري ڪريون ٿا.
    اوهان کي جس هجي جو اهڙي ڄاڻ ڏني اوهان جي مهرباني


    سدا خوش هجو
    دعاڳو
    سائل مهراڻ
    مٺي ٿرپارڪر
     
  16. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    720
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    سائين ثاقب صاحب کي هڪ نماڻو عرض اهو به آهي ته جيڪر توهان چاهيو ٿا ته ’ے ‘ جو استعمال به سنڌي ٻولي ۾ ٿئي ته ان جي وضاحت ڪيو ته ڪٿي ۽ ڪيئن ان جو استعمال ڪيو وڃي. سنڌي ٻولي جو اهو خال واضع ڪيو ۽ ان جي پورائي لاءِ ”ے“ جو استعمال به ڪريو ته جيڪر وڏي مهرباني ٿيندي....

    ان سان واضع ٿي ويندو ته توهان ان جو استعمال ڪيئن ٿا ڪرڻ چاهيو ۽ ڇا سنڌي ٻولي ۾ ان جاءِ تي خال آهي يا نه ؟؟؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. سعيد سنڌي

    سعيد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2013
    تحريرون:
    379
    ورتل پسنديدگيون:
    436
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدر آباد سنڌ

هن صفحي کي مشهور ڪريو