سائين محمد ثاقب
السلام عليڪم
سائين توهان تمام ڪمائتو سوال اُٿاريو آهي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته توهان به سنڌي ٻولي جا سڄڻ آهيو ۽ ان کي بي عيب ڏسڻ چاهيو ٿا.
سائين سنڌي ٻولي بيشڪ شاهوڪار ٻولي آهي پر جنهن موضوع کي توهان خال چئو ٿا اصل ۾ اهو خال ناهي پر توهان ڀيٽ ڪرڻ ۾ ٿورو کُٽي پيا آهيو منهنجا سهڻا سائين. ٿيندو اهو آهي ته انسان کي ڌاري ٻولي ايتري ئي ايندي آهي جيتري ان کي مادري ٻولي (Mother Tongue) ايندي آهي. مونکي انگريزي يا اڙدو ٻولي ايتري ئي ايندي جيتري سنڌي ٻولي ايندي.... جيڪر مونکي سنڌي ٻولي ۾ اُٺ جي مٿان رکيل ويهڪ واري گدي جي نالي ( پاکڙي ) جي باري ۾ خبر نه هوندي ته ان جي انگريزي يا اڙدو اکر جي ڪيئن خبر پوندي سهڻا سائين ؟؟؟
توهان ٻه سوال ڪيا آهن ته سنڌي ٻولي ۾ وڏي ”ے“ ڇو نه آهي ؟؟ ۽ ان ايڏي وڏي خال کي ڇو نه ڀريو ويو آهي ؟؟؟
سائين توهانجي ٻنهي جملن کي ئي مٽال طور کڻو ٿا.
1. مونکي پگھار ملي (زمان ماضي جي ڳالهه جنهن ۾ پگار ملي چڪي آهي)
2. مونکي پگھار ملي (هڪ خواهش جو اظهار ته الله ڪري ملي پوي)
پهرين جملي ۾ لفظ ”مونکي“ مفعول(Object) ۽ باقي سڄو جملو ”پگهار ملي“ فعل(verb) آهي. ائين سائين ؟؟؟
اهو جملو زمان ماضي جو آهي ته ان کي سنڌي ۾ لکڻ جو صحيح طريقو هئين آهي...
” مونکي پگهار مليِ “ يا بنھ صحيح ۽ اصل .. ” مونکي پگهار مليِ وئي “
مطلب ته توهان کي اعراب جو استعمال ڪرڻو پوندو. پر جي توهان اعراب جو استعمال نٿا ڪيو ته جملو هئين ٿيندو
” مونکي پگهار ملي “ (امڪاني جملو) يا بنھ صحيح ۽ اصل .. ”مونکي به پگهار ملي “
هاڻ هي امڪاني جملو آهي جنهن ۾ ”ي“ ساڪن (Silent) يعني خاموش آهي جنهن ۾ ڪا به زير زبر يا پيش جو استعمال ناهي. جيڪا ٽابت ٿي ڪري ته اهو ڪم اڃا ٿيو ناهي پر ٿي سگهي ٿو يا ٿيڻ جو امڪان آهي..ٻيو مثال وٺو ... مان اندر اچان ؟؟؟ ، مان هاڻ وڄان ؟؟؟ مونکي به ساٿي ملي وغيره... ۽ عام طور تي اسان انهن جملن ۾ مددي لفظ به ڳنڍيندا آهيو جيئن ...الله ڪري !!! مونکي پگهار ملي .. يا وري اي ڪاش ! مونکي به ساٿي ملي.... جنهن ساڻ اهو ثابت ٿيو وڃي ته هي جملو امڪاني آهي. پر جيڪڏهن آخري اکر ۾ ...وئي ، ويو ، ويا جوڙيندئو ته جملو ماضي جو ٿي ويندئو.
جيئن .. مونکي پگهار ملي وئي...................... وغيره وغيره
ڏسو ڪيڏو سولو ڪم آهي... يا نه ؟؟؟
هاڻ جيڪر توهان پنهنجي جملي کي مستقبل جو جملو بڻائڻ چاهيو ٿا ته آخر ۾ ... ندو ، ندي ، نديس جوڙي ان کي مستقبل جو جملو بڻائي سگهو ٿا..
مثال ...
مونکي پگهار ملندي ...
مونکي ساٿي ملندو ...
آءُ اڄ ڪراچي وينديس ... وغيره وغيره
سنڌي ٻولي پنهنجي پاڻ ۾ هڪ مڪمل ٻولي آهي سهڻا سائين. ٻولي جي آيوٽا يا ان جا اکر ان ٻولي ۾ نڪرندڙ آواز جي آڌار تي ٺاهيا ويندا آهن ۽ سنڌي ٻولي عربي ۽ فارسي ٻولي توڙي پنهنجي زاتي قدرن ساڻ سرچيل آهي ان کي اعرابن جو اڻ کُٽ خزانو مليل آهي پوءِ ڇاڪاڻ ان ۾ ڪو اضافي اکر شامل ڪجي جنهن جو استعمال يا آواز(sound) سنڌي ڳالهائيندڙ وٽ موجود ئي نه هجي. سنڌي ٻولي ۾ ڪوبه خال موجود ناهي سائين منهنجا.هي هڪ مڪمل ٻولي آهي ها اهو ضرور آهي ته وقت جي لحاظ سان نوان اکر يا پراڻن اکرن ۾ مٽا سٽا ايندي رهي آهي ۽ ايندي رهندي جو ٻولي دريا آهي ۽ دريا به شينهن دريا .... وڌيڪ
جيڪر ... ” مونکي پگهار ملي “ کي ” مونکي پگهار ملے “ لکندئو ته
ٻولي جي بيهڪ ئي مٽجي ويندي جڏهن ته اهو ئي ڪم اسان اعرابن سان سولائيءَ سان ڪري ٿا سگهون ڏسو
گُل (Flower) ــــ گِل (مٽِي) (Mud)
ساڳيو لفظ گل آهي پر ان تي زير ۽ پيش لڳائڻ ساڻ مطلب ئي مٽجي ٿو وڃي.
ٻيو مثال...
مِٽجي (Finish) ــــــــ مَٽجي(Change) ــــــ مُٽجي (Destroy) وغيره وغيره. (غير اخلاقي لفظ تي معذرت پر ضرورت آهر لکڻو پيو)
سائين اميد ڪيان ٿو ته توهان کي سنڌي ٻولي جي اعرابي توڙي زمانن (Tenses) واري بيهڪ سمجھ ۾ اچي وئي هوندي... وڌيڪ ڪو ٻولي جو ماهر موجود هجي ته ان تي تبصرو ڪري سگهي ٿو...
دعاڳو
چارڻ آصف جمال
دادو