اڄ اوطاق ۾. ******************* ”هيلو ماستر مجنان “ ”جي سَر..“ ”ڪاٿي آهي ابا ؟“ ”سَر آئون رئيس شاهو خان جي اوطاق ۾ تازي ڪُتيءَ کي پاڻي پيو پياريان..“ ”ها... چڱو.. هاڻ هيئن ڪَر.. تون اڌ ڪلاڪ ۾ مون وٽ پهچ ٺپا ۽ جي.آر سميت..“ ”حاضر سَر.. پر خئير ته آهي ؟“ ”ڪالھ ايس.ايم.سي جي بجيٽ آهي تو واري اسڪول جو به فارم آهي سو ان تي صحيح ۽ ٺپو لڳائڻو آهي..“ ”ٺيڪ آ سَر.. پر جي.آر ؟؟ “ ”ابا ! اهو لازمي کڻي اچجانءِ فارم ۾ داخلائن جو تعداد به لکڻو آ.. “ ”او ڪي سَر..“ ”ابا.. هڪ ٻي ڳالھ ٻُڌ... رئيس شاھو خان کي چئجانءِ ته اي.ڊي.او صاحب توهان کي سلام پيو چوي.“ ”اوڪي سَر..“ ”رئيس وڏي جو خئير بابل.“ ” ها ماستر.. ڪر خبر ڪنهن سان پئي يڪو بَڪ بَڪ ڪيئي ؟“ ” سائين اهو اي.ڊي.او صاحب هو، وري ڪا فنڊ آئي هوندي ان لاءِ چوي ٿو ته ٺپا ۽ جي.آر کڻي آفيس ۾ اچ.“ ” ٻيو ڪجهه ته ڪونه ڇيائين ؟؟“ ”صاحب.. اهو.... توهان کي سلام پيو چوي..“ ”هاهاهاها... معنيٰ ته ياري نڀائيندو اچي. ٺيڪ آ وڃ ۽ چئجانس ته 50 50 ڪري ۽ باقي ماسترن جا فائل آئون ڪمدار هٿان موڪليانس ٿو ۽ ٺپا به.. “ ” هائو صاحب.! ۽ پاڻ وارو اي.ڊي.او ته نقلي صحيحون ڪرڻ جو ماهر آهي..“ اوطاق هڪ ڀيرو ٻيهر ٽهڪن سان وسامي وئي..