• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سلسلو مختصر ڪهاڻي: ماستر مجنون ۽ جي.آر

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
اڄ اوطاق ۾.
*******************
”هيلو ماستر مجنان “
”جي سَر..“
”ڪاٿي آهي ابا ؟“
”سَر آئون رئيس شاهو خان جي اوطاق ۾ تازي ڪُتيءَ کي پاڻي پيو پياريان..“
”ها... چڱو.. هاڻ هيئن ڪَر.. تون اڌ ڪلاڪ ۾ مون وٽ پهچ ٺپا ۽ جي.آر سميت..“
”حاضر سَر.. پر خئير ته آهي ؟“
”ڪالھ ايس.ايم.سي جي بجيٽ آهي تو واري اسڪول جو به فارم آهي سو ان تي صحيح ۽ ٺپو لڳائڻو آهي..“
”ٺيڪ آ سَر.. پر جي.آر ؟؟ “
”ابا ! اهو لازمي کڻي اچجانءِ فارم ۾ داخلائن جو تعداد به لکڻو آ.. “
”او ڪي سَر..“
”ابا.. هڪ ٻي ڳالھ ٻُڌ... رئيس شاھو خان کي چئجانءِ ته اي.ڊي.او صاحب توهان کي سلام پيو چوي.“
”اوڪي سَر..“
”رئيس وڏي جو خئير بابل.“
” ها ماستر.. ڪر خبر ڪنهن سان پئي يڪو بَڪ بَڪ ڪيئي ؟“
” سائين اهو اي.ڊي.او صاحب هو، وري ڪا فنڊ آئي هوندي ان لاءِ چوي ٿو ته ٺپا ۽ جي.آر کڻي آفيس ۾ اچ.“
” ٻيو ڪجهه ته ڪونه ڇيائين ؟؟“
”صاحب.. اهو.... توهان کي سلام پيو چوي..“
”هاهاهاها... معنيٰ ته ياري نڀائيندو اچي. ٺيڪ آ وڃ ۽ چئجانس ته 50 50 ڪري ۽ باقي ماسترن جا فائل آئون ڪمدار هٿان موڪليانس ٿو ۽ ٺپا به.. “
” هائو صاحب.! ۽ پاڻ وارو اي.ڊي.او ته نقلي صحيحون ڪرڻ جو ماهر آهي..“

اوطاق هڪ ڀيرو ٻيهر ٽهڪن سان وسامي وئي..
 
Back
Top