• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي شادي ۾ گهوٽ ڪُڻوار جون لانئون نه هجن ته شادي جي هر رسم اڌوري هوندي آهي۔

نثارناز

سينيئر رڪن
ٻُڌِي ڇڏ او سنڌ جا ازل کان ته ويرِي
ڪڍِي اک کي ڇڏبو کنئِي جنهن به ميرِي
وڳو بوسڪيءَ جو ٻڌل موڙ سر تي
لهن گهوٽَ لانئون لکين سر لکيرِي​
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم. جيئي سنڌ
دوستو ڪجهه عرصو پهرين سنڌ جي سرتين واري موضع ۾ مشهور سنڌي چينل مهراڻ پاران سنڌي سهرن واري رسمن تي رخصتي واري شوٽنگ جون تصويرون توهان سان ونڊ ڪيون هيون، انهن تصويرن تي توهان سڀني دوستن جي پسند واري موٽ منهنجي ۽ ادا عبدالغفور سمون جي همت افزائين ۾ سوين ڀيرا اضافو ڪيو، پيارا دوستو هن ڀيري اسان کي دعوت ملي محترم خالد ڪليار پاران جيڪو ڊائريڪٽر آهي مهراڻ ٽي وي جو، جنهن ۾ هن اسان کي دعوت ڏني سنڌي سهرن جي گهوٽ ۽ ڪُنوار جي لانئن واري رسم جي شوٽنگ ڏسڻ جِي، دوستو اسان جي سنڌ سلامت جي اڱڻ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته ان سلسلي جون نيون ۽ نڪور تصويرون صرف ۽ صرف سنڌ سلامت تان ئي ونڊ ڪيون وينديون آهن دوستو جڏهن مان ۽ عبدالغفور سمون گهوٽ ۽ ڪنوار جي لانئُن واري سيٽ تي پهتاسين ته هڪ گهڙي اهو محسوس پئي ٿيو ته اسان ڪنهن حقيقي شادي ۾ آيا آهيون ۽ باقائده لانئُن واري رسم ۾ اسان شامل آهيون، اها ڳالهه سوچي بي اختيار دل مهراڻ ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محترم غلام نبي مورائي جي سنڌ دوستي واري جذبي کي ساراهائڻ لڳي جنهن ۾ سنڌ جي خوبصورت شادي واري ريتن ۽ رسمن کي نئين سري کان ٻيهر اُجاگر ڪرڻ لاءِ کوڙ سارن سنڌي شاديءَ جي سهرن ۽ شاديءَ جي ڳيچن ۾ حقيقي رسمن جي فلمبندي ڪرائي مهراڻ ٽي وي تان نشرڪرائڻ آهي، دوستو هن هڪڙي سهري ۾ گهوٽ ڪُنوار جي لانئن جي رسم جون تصويرون آهن انهن لانئُن واري رسم ۾ ڪُنوار جو ڪردار اداڪيو آهي ماڊل راڻي شيخ، جڏهن ته گهوٽ جو ڪردار ادا ڪيو آهي ماڊل سيد عبدالغفور شاهه باقي ڄاڃين ۾ اسان سڀ آهيون، هن محنت طلب سهرن جي ڊائريڪشن ڏئي رهيو هو، مهراڻ ٽي وي جو نهايت ئي محنتي ڊائريڪٽر محترم خالد ڪليار . دوستو توهان سان اها ڳالهه ونڊ ڪندو هلان ته هي تصويرون سنڌ سلامت لاءِ منهنجي ۽ ادا عبدالغفور سمون جون مشترڪا ڪوششون آهن، ان کان علاوه اسان ٿورائتا آهيون محترم خالد ڪليار ، محترم آزاد گوپانگ، محترم وڪيل مڱريو صاحب جن جا جن سنڌ سلامت لاءِ هن شادي جي سهرن جون تصويرون ڪڍڻ ۾ اسان سان ڀرپور تعاون ڪرڻ فرمايو.

پيش آهن مهراڻ ٽي وي پاران شاديءَ جي سهري گهوٽ ڪنوار جون لانئون جون تصويرون صرف سنڌ سلامت تي.​

shaadi%2052.jpg
گهوٽ جو ڪردار ادا ڪندڙ ماڊل سيد عبدالغفور شاهه​

shaadi%2051.jpg

shaadi%2050.jpg

shaadi%2049.jpg

ڪُنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ ماڊل فنڪاره راڻي شيخ​

shaadi%2041.jpg

shaadi%2036.jpg

shaadi%2055.jpg
گهوٽ ۽ ڪنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ سيد عبدالغفور شاهه ۽ ماڊل فنڪاره راڻي شيخ گڏيل تصويرون​

shaadi%2059.JPG
هن لانئن ۾‌ ڄاڃين جو ڪردار ادا ڪندڙ سنڌ سلامت جو نثارناز ۽ ماڊل فنڪاره نجما بلوچ ۔ نثار ابڙا سائين هن تصوير جي باري ۾ تنهنجو ڇا خيال آهي واقعي نثارناز ڄاڃي لڳي ٿو يا نه​

shaadi%2030.jpg

گهوٽ ڪُنوار جِي مُٺ کولي ويو لانئن ويلي گهوٽ ڪُنوار جي مٺ کولڻ واري رسم​
 
جواب: سنڌي شادي ۾ گهوٽ ڪُڻوار جون لانئون نه هجن ته شادي جي هر رسم اڌوري هوندي آهي۔

بهترين شئرنڳ آهي.اميد ته اڳتي به توهان مهراڻ ٽي وي تي ٿيندڙ بهترين پروگرامن جو خلاصو ڏيندا رهندا.اسن ته مهراڻ ٽي وي ڏسڻ کان محروم ٿي ويا آهيون.
 
جواب: سنڌي شادي ۾ گهوٽ ڪُڻوار جون لانئون نه هجن ته شادي جي هر رسم اڌوري هوندي آهي۔

ناز صاحب سنڌ جي ريتن جو زبان سان بيان ڪرڻ مشڪل آهي پر اوهان انهن کي تصويري انداز ۾ پيش ڪري 4 چنڊ لڳائي ڇڏيا
 
جواب: سنڌي شادي ۾ گهوٽ ڪُڻوار جون لانئون نه هجن ته شادي جي هر رسم اڌوري هوندي آهي۔

ادا ناز! فنڪارن جي دنيا ئي پنهنجي هوندي آهي، جنهن ۾ فن ئي فن هوندو آهي ۔۔۔ باقي اوهانجي جوڙي به ماشاء الله ۔۔۔ اوهان ڄاڃي ۽ نه پر ڄاڃين جا ڪفيل پيا لڳو ۔۔۔ ڀلا ڀت به هيو يا صرف سکڻيون رسمون هيون، اصل رسم ته ڀت جي هوندي آهي ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته شهري شادي ۽ ڳوٺاڻي شادي جي ثقافت ۾ به ڪجهه فرق هوندو آهي، وري سنڌ جي لاڙ، وچولي ۽ اتر جي شادين جي ثقافت به ڪجهه ڪجهه مختلف هوندي آهي ۔۔۔ پر خئير ملان جو ڪم ڀت سان ۔۔۔ سو اوهان ڀت کاڌو يا نه؟ اصل سوال اهو آهي ۔۔۔ ڀوڳن ۾ ۔۔۔
 
ادا وسيم توهان جي مهرباني جو اسان جي هن شئرنگ کي بهترين شيئرنگ چيو ، انشاالله دوست ڪوشش ڪنداسين ته سنڌ جي هر ميڊيا چينل جي خوبصورت پروگرامن کي تصويرن ذريعي توهان سڀني دوستن سان ونڊ ڪريون ، ادا وسيم ڇو؟ توهان وٽ مهراڻ ٽي وي ڪونه هلندو آهي ڇا؟ ڪيبل آپريٽر نٿا هلائن ڇا مهراڻ ٽي وي۔ توهان کي خبر آهي ته مهراڻ ٽي وي تان شاهه عبداللطيف ڀٽائي جِي شاعري بلڪل هڪ نئين انداز سان نشر ڪئي ويندي آهي۔ هي ڪجهه وڌيڪ تصويرون آهن انهي سهري جون جيڪي توهان سان گڏ ٻين سمورن سنڌي دوستن کي پڻ ارپيان ٿو۔

shaadi%2038.jpg
گهوٽ ڪُنوار سيد عبدالغفور شاهه ۽ ماڊل فنڪاره راڻي شيخ سان گڏ شوبز جي هڪ ٻي ماڊل فنڪاره غزاله صنم نمايان آهي​

shaadi%2039.jpg

گهوٽ ڪُنوار سان گڏ سنڌ سلامت جو ڪئميرا مين عبدالغفور سمون نمايان آهي

shaadi%2032.jpg
هاڻي ڪُنوار ماڊل فنڪاره راڻي شيخ گهوٽ ماڊل فنڪاره سيد عبدالغفور شاهه جي مُٺ کولڻ‌جي ڪوشش ڪري رهي آهي ٻنهي پاسن ۾ ميڊم فريده سهتو ۽ غزاله صنم موجود آهن​

shaadi%2027.jpg
لانئُن واري رسم ۾تِرَ ڀرائڻ واري رسم جنهن ۾ ائين ٿيندو آهي جو گهوٽ ۽ڪنوار چانور مُٺن ۾‌ کڻي گهڙي کن لا هڪ ٻئي جي مُٺن مان خُشڪ ڪچا چانور وهائيندا آهن۔​

shaadi%2028.jpg

لانئُن واري رسم سان گڏ گهوٽ ڪُنوار جو پيتل جهوٽو کير پيئندو آهي جيئن ٻنهي جي پيار ۾ اظافو ٿئي واري رسم جو خوبصورت ترين نظارو

shaadi%2021.jpg
لانئُن واري رسم ۾‌گهوٽ کي آرسي ذريعي ڪُنوار جو ديدار ڪرايو ويندو آهي واري رسم جو دلڪش منظر​

shaadi%2026.jpg
گهوٽيتو ۽ گهوٽيتاڻيون​

shaadi%2016.jpg
هِي پهرين لان چنڊ ڀائڙي، اسان هي ٻه ڏٺا سڄڻ سيڄ چڙهندي​

shaadi%2018.jpg
هِي ٻيئَڙِي لان ڀا ئُڙي ، اسان هي ٻه ڏٺا سڄڻ سيڄ چڙهندي ڪيئن دوستو واقعي سنڌ جون شاديواريون رسمون سڀني رسمن کان پياريون ۽ منفرد آهن​
 
جواب: سنڌي شادي ۾ گهوٽ ڪُڻوار جون لانئون نه هجن ته شادي جي هر رسم اڌوري هوندي آهي۔

ناز صاحب سنڌ جي ريتن جو زبان سان بيان ڪرڻ مشڪل آهي پر اوهان انهن کي تصويري انداز ۾ پيش ڪري 4 چنڊ لڳائي ڇڏيا
پيارا طاهر سنڌي لک لائق توهان جا جو منهنجي هن تصويرن تي توهان پنهنجا بهترين ڪامينٽس ڏنا، مهربانيون۔ اڃان ڪجهه وڌيڪ تصويرون آهن جيڪڏهن اجازت ڏيو ته توهان سميت سڀني ساٿين سان ونڊ ڪيان۔
shaadi%2020.jpg
هِيءَ ٽِيئَڙِي لانءُ چنڊ ڀائُڙي، اسان هي ٻه ڏٺا سڄڻ‌ سيڄ چڙهندي، اسان جو دوست وڪيل منڱريو ٽي لانءُ ڏئي رهيو آهي​

shaadi%2015.jpg
کِلِي وٺ گهوٽ لاڏا اهو مُسڪرائڻ مهانگو ٿي پوندئي​

shaadi%204.jpg
ڪُنوار سان گڏ ڪُنوار جون ڀيڻون هڪڙو بهترين سين​

shaadi%202.jpg
گهوٽ لانئُن کان پوءِ پنهنجي مائٽن رشتيدارن سان گڏ​

shaadi%2013.jpg
لانئُن کان پوءِ خوشيءَ مان جهمريون هنيون پيون وڃن​

shaadi%208.jpg
هڪ ٻيو شاديءَ وارو دلفريب نظارو​

shaadi%2034.jpg

آخر ۾ لانئُن کان پوءِ گهوٽ ڪُنوار گڏ ويٺا آهن پاسي ۾ ڪُنوار جون سرتيون سهيليون پڻ‌ موجود آهن​
 
جواب: سنڌي شادي ۾ گهوٽ ڪُڻوار جون لانئون نه هجن ته شادي جي هر رسم اڌوري هوندي آهي۔

ادا ناز! فنڪارن جي دنيا ئي پنهنجي هوندي آهي، جنهن ۾ فن ئي فن هوندو آهي ۔۔۔ باقي اوهانجي جوڙي به ماشاء الله ۔۔۔ اوهان ڄاڃي ۽ نه پر ڄاڃين جا ڪفيل پيا لڳو ۔۔۔ ڀلا ڀت به هيو يا صرف سکڻيون رسمون هيون، اصل رسم ته ڀت جي هوندي آهي ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته شهري شادي ۽ ڳوٺاڻي شادي جي ثقافت ۾ به ڪجهه فرق هوندو آهي، وري سنڌ جي لاڙ، وچولي ۽ اتر جي شادين جي ثقافت به ڪجهه ڪجهه مختلف هوندي آهي ۔۔۔ پر خئير ملان جو ڪم ڀت سان ۔۔۔ سو اوهان ڀت کاڌو يا نه؟ اصل سوال اهو آهي ۔۔۔ ڀوڳن ۾ ۔۔۔
واهه واهه سائين نثار ابڙا توهان کي گهوٽ ڪُنوار جي جوڙي کان وڌيڪ سنڌ سلامت جي جهوني واري جوڙي وڻي، محترم نثار ڀت به کاڌوسين ، کير به پيتاسين ، مٺايون به کاڌيونسين، باقي رهي رسمن واري ڳالهه ٿوري گهڻي ڦير گهير کان پوءِ چاهي سنڌ جي شهر واريون رسمون يا سنڌ جو اتر هُجي چاهي لاڙ هُجي، چاهي ڪاڇو هُجي يا چاهي ٿر هُجي پنهنجي سنڌي شاديءَ واريون رسمون تقريبن هڪ جهڙيون هونديون آهن۔
ادا سورهان آنا سچو آهين ته ڀت کان سواءِ ڪابه شادي سُونهندي ڪانهي، پر لانئُن واري رسم ڀت ، پُوئا پات، کان پوءِ ڪُنوار جي گهر ۾ خوبصورت ترين آخري رسم هُوندي آهي، باقي ڪُنوار جي رخصتي واري رسم جون تصويرون هن کان اڳ واري پوسٽ ۾ توهان سان ونڊ ڪري چُڪو آهيان۔ بهرحال لک لائق ادا نثار جو منهنجي هن غريباڻي ونڊ تي توهان بهترين ڪامينٽس ڏنا
 
جواب: سنڌي شادي ۾ گهوٽ ڪُڻوار جون لانئون نه هجن ته شادي جي هر رسم اڌوري هوندي آهي۔

ادا وسيم توهان جي مهرباني جو اسان جي هن شئرنگ کي بهترين شيئرنگ چيو ، انشاالله دوست ڪوشش ڪنداسين ته سنڌ جي هر ميڊيا چينل جي خوبصورت پروگرامن کي تصويرن ذريعي توهان سڀني دوستن سان ونڊ ڪريون ، ادا وسيم ڇو؟ توهان وٽ مهراڻ ٽي وي ڪونه هلندو آهي ڇا؟ ڪيبل آپريٽر نٿا هلائن ڇا مهراڻ ٽي وي۔ توهان کي خبر آهي ته مهراڻ ٽي وي تان شاهه عبداللطيف ڀٽائي جِي شاعري بلڪل هڪ نئين انداز سان نشر ڪئي ويندي آهي۔ هي ڪجهه وڌيڪ تصويرون آهن انهي سهري جون جيڪي توهان سان گڏ ٻين سمورن سنڌي دوستن کي پڻ ارپيان ٿو۔

نه ادا مان وٽ ڊش لڳل آهي. جنهن ۾ پاڪ سيٽ نه آهي.......*
 
جواب: سنڌي شادي ۾ گهوٽ ڪُڻوار جون لانئون نه هجن ته شادي جي هر رسم اڌوري هوندي آهي۔

سائين اهيو ڪم ، ڀلو ڪم چئبو۔​
سائين توهان اهيو شادين وارو ڪم ڀلو ڪم ڳوليو آهي۔ ڪنهن جون دليون ملائڻ ڪو سولو ڪم ناهي۔ پر سائين گهوٽ ڪنوار کي ماري ويو، اسان سنڌي ۾ چوندا آهيون ته فلاڻي ماڻهون ۾ ڪشش وڌيڪ آهي، سو ادا ڪنوار کان گهوٽ وڌيڪ ڪشش وارو لڳي رهيو آهي۔

سائين گهوٽ ڪنوار کي اسان طرفان شادي مبارڪ هجي، ۽ هي وٺو ڪنوار جو موڙو​

rs5000a.jpg

rs1000a.jpg

rs500a.jpg

rs100a.jpg

tbl8.jpg

tbl7.jpg

tbl8.jpg

tbl7.jpg
 
جواب: سنڌي شادي ۾ گهوٽ ڪُڻوار جون لانئون نه هجن ته شادي جي هر رسم اڌوري هوندي آهي۔

ممتاز وگهيا شال جُڙيوهُجين: گهوٽ سُٺو يا ڪُنوار سُٺي اهو تون ڄاڻين تنهنجو ڪم، آئون ۽ ًادا غفور سمون راتيون سرف ڪري صرف سنڌ سلامت لا تصويرون حاصل ڪندا آهيون، باقي شادي ڪرائي دليون ملائڻ‌ وارو ڪم فقط ماڊلنگ جي صورت سنڌي رسمن کي اُجاگر ڪرڻ جي صورت ۾ صرف مهراڻ ٽي وي ڪري رهيو آهي، جنهن جي جيتري تعريف ڪئي وڃي سا گهٽ آهي۔ ادا ممتاز توکي خبر هُئڻ کپي ته اهڙي قسم جون تصويرون سيٽ تي وڃي ڪڍڻ توهان بظاهر ته آسان ٿا سمجهو پر ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي اول ته غير متعلقه ماڻهو جو اهڙن شوٽنگن ۾ وڃڻ ئي تمام مشڪل آهي ان کان پوءِ انهن شاٽس جي ڦوٽو گرافي، اها انهن شريف ماڻهن جي انتهائي شرافت آهي جو سنڌ سلامت جو نالو ٻُڌي پنهنجي دلين جي دروازن سميت شوٽنگس جي سيٽس جا دروازا سنڌ سلامت لاءِ کولي ڇڏيندا آهن، باقي توهان جو مُوڙو جڏهن به ۽ جٿي به اهي ماڊلنگ ڪندڙ فنڪار مليا ضرور پهچائبو۔ شادي وارين رسمن جون اڃان کوڙ ساريون تصويرون رهن ٿيون جنهن ۾ مينڌيءَ جِي رسم آهي، ونواهه جي رسم آهي، ٻهراڙيءَ جي شاديءَ جو تصويرون وغيره پر لڳي ٿو ته اهو سلسلو مونکي بند ڪرڻو پوندو۔ خير شادين کي ڇڏي ڪنهن ٻي سبجيڪٽ جي طرف نظر ڊوڙائينداسين۔ ٺيڪ آهي ممتاز، سنڌ سلامت ساٿ سلامت
آخر ۾ هي هڪڙو سنڌي شاديءَ جو سهرو توکي ارپيان پيو اميد ته پسند ايندو توکي

[MP3]http://www.fileden.com/files/2009/12/2/2672587/My%20Documents/shadi%20mubarak.mp3[/MP3]​
 
جواب: سنڌي شادي ۾ گهوٽ ڪُڻوار جون لانئون نه هجن ته شادي جي هر رسم اڌوري هوندي آهي۔

سائين ناز صاحب ڀلا نڪاح ڪنهن پڙهايو؟
ڏاڍو ڳولڻ باوجود مولانا نظر ڪين آيو
 
جواب: سنڌي شادي ۾ گهوٽ ڪُڻوار جون لانئون نه هجن ته شادي جي هر رسم اڌوري هوندي آهي۔

سائين اهيو ڪم ، ڀلو ڪم چئبو۔​
سائين توهان اهيو شادين وارو ڪم ڀلو ڪم ڳوليو آهي۔ ڪنهن جون دليون ملائڻ ڪو سولو ڪم ناهي۔ پر سائين گهوٽ ڪنوار کي ماري ويو، اسان سنڌي ۾ چوندا آهيون ته فلاڻي ماڻهون ۾ ڪشش وڌيڪ آهي، سو ادا ڪنوار کان گهوٽ وڌيڪ ڪشش وارو لڳي رهيو آهي۔

سائين گهوٽ ڪنوار کي اسان طرفان شادي مبارڪ هجي، ۽ هي وٺو ڪنوار جو موڙو​

rs5000a.jpg

rs1000a.jpg

rs500a.jpg

rs100a.jpg

tbl8.jpg

tbl7.jpg

tbl8.jpg

tbl7.jpg

ادا ممتاز اهي پراڻآ نوٽ ڏيکاري يار ننڍپڻ ياد ڪرائي ڇڏيو مهرباني ادا
لڳي ٿو توهان کي پراڻي ڪرنسي يادگار طور جمع ڪرڻ جو شوق آهي & مونکي يقين آهي ته توهان اهي تصويرون نيٽ تان نه کنيون هونديون بلڪه اوريجنل نوٽ توهان وٽ موجود هوندا
 
جواب: سنڌي شادي ۾ گهوٽ ڪُڻوار جون لانئون نه هجن ته شادي جي هر رسم اڌوري هوندي آهي۔

ادا ناز! فنڪارن جي دنيا ئي پنهنجي هوندي آهي، جنهن ۾ فن ئي فن هوندو آهي ۔۔۔ باقي اوهانجي جوڙي به ماشاء الله ۔۔۔ اوهان ڄاڃي ۽ نه پر ڄاڃين جا ڪفيل پيا لڳو ۔۔۔ ڀلا ڀت به هيو يا صرف سکڻيون رسمون هيون، اصل رسم ته ڀت جي هوندي آهي ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته شهري شادي ۽ ڳوٺاڻي شادي جي ثقافت ۾ به ڪجهه فرق هوندو آهي، وري سنڌ جي لاڙ، وچولي ۽ اتر جي شادين جي ثقافت به ڪجهه ڪجهه مختلف هوندي آهي ۔۔۔ پر خئير ملان جو ڪم ڀت سان ۔۔۔ سو اوهان ڀت کاڌو يا نه؟ اصل سوال اهو آهي ۔۔۔ ڀوڳن ۾ ۔۔۔

هل ابا نه سَٺُوَ اسان جهڙن مُلن جي اصل ڳالهه کي پڌرو ڪري وڌوَ۔۔۔۔۔۔

سائين نثار ناز جي تحرير تمام وڻندڙ پر انهي ۾ سائين وارو تصوير اصل ته ڪمال جو هئو۔۔۔
 
جواب: سنڌي شادي ۾ گهوٽ ڪُڻوار جون لانئون نه هجن ته شادي جي هر رسم اڌوري هوندي آهي۔

سائين ناز صاحب ڀلا نڪاح ڪنهن پڙهايو؟
ڏاڍو ڳولڻ باوجود مولانا نظر ڪين آيو

سائين شايد مونکي مهراڻ ٽي وارن نه گهرايو هئو۔۔۔۔۔
 
جواب: سنڌي شادي ۾ گهوٽ ڪُڻوار جون لانئون نه هجن ته شادي جي هر رسم اڌوري هوندي آهي۔

ڀاء مون وٽ پراڻه نوٽ ۽ پراڻه خط، پراڻيون پوسٽ ٽڪيٽون۔ وغيره اوريجنل صورت ۾ پڻ موجود آهن۔ ۽ اهيو منهنجو شوق پڻ آهي۔
 
جواب: سنڌي شادي ۾ گهوٽ ڪُڻوار جون لانئون نه هجن ته شادي جي هر رسم اڌوري هوندي آهي۔

ڀاء مون وٽ پراڻه نوٽ ۽ پراڻه خط، پراڻيون پوسٽ ٽڪيٽون۔ وغيره اوريجنل صورت ۾ پڻ موجود آهن۔ ۽ اهيو منهنجو شوق پڻ آهي۔

ڀاء ممتاز اها ته فيلڊ ئي الڳ ٿي وئي
مان توهان کي مشورو ڏيندس ته جيئن توهان ڪتابن شيئر ڪرڻ جي مهم هلائي آهي اهڙي ريت هڪ نئون ٽاپڪ اچي سگهي ٿو جنهن ۾ توهان آهستي آهستي اهي پراڻان نوٽ ٽڪليون سڪا وغيره تصويرون شيئر ڪريو
يقين ڪريو ته ڏاڍو فائدو ٿيندو
 
جواب: سنڌي شادي ۾ گهوٽ ڪُڻوار جون لانئون نه هجن ته شادي جي هر رسم اڌوري هوندي آهي۔

ڀاء توهان پراڻن خطن جي به ڳاله ڪئي آهي ان جي وضاحت ڪندا
 
جواب: سنڌي شادي ۾ گهوٽ ڪُڻوار جون لانئون نه هجن ته شادي جي هر رسم اڌوري هوندي آهي۔

ادا انشاءالله ٻيو ڪو سلسلو به شروع ڪبو۔ باقي خطن لاء عرض ته ادا اهي خط ڪافي ته منهنجا پنهنجا خط آهن دوستن جا ، دوستاڻين جا، ۽ ان کان علاوه علامه دائود پوٽه جي گهرواري بيگم خديجه خانم دائودپوٽه جا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جا، ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب جا، ڊاڪٽر مهتاب علي شاه صاحب جا، وغيره وغيره۔

f2130_1_1_1_envelope_520.jpg
 
جواب: سنڌي شادي ۾ گهوٽ ڪُڻوار جون لانئون نه هجن ته شادي جي هر رسم اڌوري هوندي آهي۔

هل ابا نه سَٺُوَ اسان جهڙن مُلن جي اصل ڳالهه کي پڌرو ڪري وڌوَ۔۔۔۔۔۔

سائين نثار ناز جي تحرير تمام وڻندڙ پر انهي ۾ سائين وارو تصوير اصل ته ڪمال جو هئو۔۔۔

مخدومي زاهد يار ڏاڍي پيو ٻُڌائين اسان توکي انهن مهراڻ ٽي وي جي سهرن ۾ گهوٽ جو ڪردار ڏيڻ جو سوچي رهيا هُئاسين تون نڪاح پڙهائڻ وارو ملون ٿيڻ پيو چاهين توکي ٿي ڇا ويو آهي الجميلي، سائين واري تصوير کي سائين وارو تصوير ڪري پيو لکين۔
 
Back
Top