نثارناز
سينيئر رڪن
ٻُڌِي ڇڏ او سنڌ جا ازل کان ته ويرِي
ڪڍِي اک کي ڇڏبو کنئِي جنهن به ميرِي
وڳو بوسڪيءَ جو ٻڌل موڙ سر تي
لهن گهوٽَ لانئون لکين سر لکيرِي
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم. جيئي سنڌڪڍِي اک کي ڇڏبو کنئِي جنهن به ميرِي
وڳو بوسڪيءَ جو ٻڌل موڙ سر تي
لهن گهوٽَ لانئون لکين سر لکيرِي
دوستو ڪجهه عرصو پهرين سنڌ جي سرتين واري موضع ۾ مشهور سنڌي چينل مهراڻ پاران سنڌي سهرن واري رسمن تي رخصتي واري شوٽنگ جون تصويرون توهان سان ونڊ ڪيون هيون، انهن تصويرن تي توهان سڀني دوستن جي پسند واري موٽ منهنجي ۽ ادا عبدالغفور سمون جي همت افزائين ۾ سوين ڀيرا اضافو ڪيو، پيارا دوستو هن ڀيري اسان کي دعوت ملي محترم خالد ڪليار پاران جيڪو ڊائريڪٽر آهي مهراڻ ٽي وي جو، جنهن ۾ هن اسان کي دعوت ڏني سنڌي سهرن جي گهوٽ ۽ ڪُنوار جي لانئن واري رسم جي شوٽنگ ڏسڻ جِي، دوستو اسان جي سنڌ سلامت جي اڱڻ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته ان سلسلي جون نيون ۽ نڪور تصويرون صرف ۽ صرف سنڌ سلامت تان ئي ونڊ ڪيون وينديون آهن دوستو جڏهن مان ۽ عبدالغفور سمون گهوٽ ۽ ڪنوار جي لانئُن واري سيٽ تي پهتاسين ته هڪ گهڙي اهو محسوس پئي ٿيو ته اسان ڪنهن حقيقي شادي ۾ آيا آهيون ۽ باقائده لانئُن واري رسم ۾ اسان شامل آهيون، اها ڳالهه سوچي بي اختيار دل مهراڻ ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محترم غلام نبي مورائي جي سنڌ دوستي واري جذبي کي ساراهائڻ لڳي جنهن ۾ سنڌ جي خوبصورت شادي واري ريتن ۽ رسمن کي نئين سري کان ٻيهر اُجاگر ڪرڻ لاءِ کوڙ سارن سنڌي شاديءَ جي سهرن ۽ شاديءَ جي ڳيچن ۾ حقيقي رسمن جي فلمبندي ڪرائي مهراڻ ٽي وي تان نشرڪرائڻ آهي، دوستو هن هڪڙي سهري ۾ گهوٽ ڪُنوار جي لانئن جي رسم جون تصويرون آهن انهن لانئُن واري رسم ۾ ڪُنوار جو ڪردار اداڪيو آهي ماڊل راڻي شيخ، جڏهن ته گهوٽ جو ڪردار ادا ڪيو آهي ماڊل سيد عبدالغفور شاهه باقي ڄاڃين ۾ اسان سڀ آهيون، هن محنت طلب سهرن جي ڊائريڪشن ڏئي رهيو هو، مهراڻ ٽي وي جو نهايت ئي محنتي ڊائريڪٽر محترم خالد ڪليار . دوستو توهان سان اها ڳالهه ونڊ ڪندو هلان ته هي تصويرون سنڌ سلامت لاءِ منهنجي ۽ ادا عبدالغفور سمون جون مشترڪا ڪوششون آهن، ان کان علاوه اسان ٿورائتا آهيون محترم خالد ڪليار ، محترم آزاد گوپانگ، محترم وڪيل مڱريو صاحب جن جا جن سنڌ سلامت لاءِ هن شادي جي سهرن جون تصويرون ڪڍڻ ۾ اسان سان ڀرپور تعاون ڪرڻ فرمايو.
پيش آهن مهراڻ ٽي وي پاران شاديءَ جي سهري گهوٽ ڪنوار جون لانئون جون تصويرون صرف سنڌ سلامت تي.

گهوٽ جو ڪردار ادا ڪندڙ ماڊل سيد عبدالغفور شاهه



ڪُنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ ماڊل فنڪاره راڻي شيخ



گهوٽ ۽ ڪنوار جو ڪردار ادا ڪندڙ سيد عبدالغفور شاهه ۽ ماڊل فنڪاره راڻي شيخ گڏيل تصويرون
هن لانئن ۾ ڄاڃين جو ڪردار ادا ڪندڙ سنڌ سلامت جو نثارناز ۽ ماڊل فنڪاره نجما بلوچ ۔ نثار ابڙا سائين هن تصوير جي باري ۾ تنهنجو ڇا خيال آهي واقعي نثارناز ڄاڃي لڳي ٿو يا نه

گهوٽ ڪُنوار جِي مُٺ کولي ويو لانئن ويلي گهوٽ ڪُنوار جي مٺ کولڻ واري رسم