جبار آزاد منگي
سينيئر رڪن
سنڌي سندري شيلا راماڻي
ممتاز علي شيخ
زندگيءَ جي هر شعبي ۾ سنڌي عورت پاڻ مڃرايو آهي. سائنس، سياست، صحافت، ميڊيڪل، موسيقي، ماڊلنگ يا اداڪاري هر جاءِ تي سنڌي عورت نمايان نظر ايندي.
محترمه فاطمه جناح، محترمه بينظير ڀٽو (شهيد)، جيجي زرينه بلوچ، عابده پروين، مهتاب اڪبر راشدي، آشا چاند، سلطانه صديقي ۽ ٻيون به کوڙ ساريون سنڌي عورتون آهن جن پنهنجي محنت ۽ صلاحيت سان هڪ ڌار مٿانهون مقام ماڻيو آهي.
ننڍي کنڊ جي فلمي دنيا تي نظر ڊوڙائبي ته اُتي به کوڙ ساريون سنڌي آرٽسٽ نظر اينديون جيئن اداڪارا شهزادي، روشن عطا، سڪينه سمون، ڀڳونتي ناواڻي، پراڻي اداڪارا بينا، ببيتا ڪپور، ساڌنا شو داساڻي ۽ سنگيتا بجلاڻي وغيره.
انهن خوبصورت آرٽسٽن ۾ هڪ نمايان ۽ حسين نالو آهي سنڌي سُندري شيلا راماڻي جو، هن خوبصورت اداڪارا جو جنم 1930 ڌاري نواب شاهه ۾ ٿيو، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ هن جو ننڍپڻ گذريو ۽ اتان ئي هن شروعاتي تعليم حاصل ڪئي.
نهايت اعليٰ درجي جي فيملي ۾ جنم وٺندڙ هن فنڪارا موسيقي ۽ ڊانس جي سکيا گهر ۾ ئي ورتي، بعد ۾ هيءَ فيملي سميت ممبئي لڏي وئي، جتي شيلا راماڻي پنهنجي اڌوري تعليم مڪمل ڪئي. ناچ گاني جي سکيا جو سلسلو هن اُتي به جاري رکيو، 1950 ۾ ممبئي جي فلمي نگري پنهنجي عروج تي هئي، نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۾ اهو لاڙو تيزي سان وڌي رهيو هو ته اداڪاري جي دنيا ۾ پاڻ ملهائين، نالو ۽ ناڻو ڪمائين.
1953ع ۾ اخبارن ۾ اشتهار ڇپيو ته مشهور اداڪار ۽ هدايتڪار ڊاڪٽر وي شانتارام کي نون چهرن جي گهرج آهي.
شيلا راماڻي هڪدم ڊائريڪٽر سان رابطو ڪيو ۽ هوءَ اسڪرين ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿي وئي، اها فلم هئي “تين بتي چار راستي”. انهيءَ فلم ۾ شيلا هڪ سنڌي ڇوڪريءَ جو ڪردار ڏاڍي اعتماد ۽ ڪاميابي سان ادا ڪيو. هن انهي فلم لاءِ هڪ سنڌي گانو به ڳايو، جنهن جي موسيقي گلشن صوفي ترتيب ڏني هئي. انهيءِ موسيقار معرفت شيلا راماڻي جي ملاقات ٿي، مشهور اداڪار ۽ ڊائريڪٽر ديپڪ آشا سان، جيڪو ممبئي ۾ هڪ سنڌي فلم “اباڻا” جي اسڪرپٽ ۽ ڪاسٽ تي ڪم ڪري رهيو هو، اهو 1958 جو زمانو هو، هو ته فلم اباڻا ۾ هيروئن تي سئنيما جي اسڪرين تي ظاهر ٿي، پراڻا ماڻهو ٻڌائين ٿا ته جڏهن فلم اباڻا سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنيما گهرن ۾ ڏيکاري وئي ته انهي وقت جون ٻيون اردو ۽ پنجابي فلمون بلڪل بيهي ويون، فلم جا بهترين گانا ۽ شيلا راماڻي جي حُسن، ماڻهن کي موهي ڇڏيو. شيلا راماڻي چيتن آنند جي هڪ مشهور فلم ٽيڪسي ڊرائيور ۾ هڪ ڪلب ڊانسر جو رول ڪري ڪاميابي جي بلندين تي پهچي وئي، ان فلم ۾ ديو آنند جي زال ڪلپنا ڪارتڪ هيروئن هئي پر پرفامنس ۽ حُسن ۾ هوءَ سنڌي سندري شيلا راماڻي جو مقابلو نه ڪري سگهي، ساحرلڌيانويءَ جي گيتن جون خوبصورت ڌنون ايس ڊي برمن بڻايون هيون، انهن گيتن تي شيلا راماڻي جي ناچ ماڻهن کي چريو ڪري ڇڏيو. انڊسٽري جي خوبصورت اداڪار ديو آنند سان شيلا راماڻي جي جوڙي ڏاڍي فٽ هئي. هنن ٽيڪسي ڊرائيور کان علاوه ڪجهه ٻين فلمن ۾ به ڪم ڪيو جيئن پليٽ فارم ۽ فن ٽوٽس وغيره.
شيلا راماڻي 1952 واري زماني ۾ شمله ۾ ٿيندڙ خوبصورت ۽ ماڊرن ڇوڪرين جي مقابلي ۾پهريون نمبر آئي ۽ کيس مس شمله جو ٽائٽل ڏنو ويو.
هيءُ سنڌ ڄائي خوبصورت اداڪارا 1955 ڌاري پنهنجي جنم ڀومي سنڌ ۾ اچي هڪ اردو فلم به ڪري چڪي آهي، انهيءَ فلم جو نالو هو“ انوکي”، اصل ۾ اها يادگار فلم شيلا راماڻي جي سڳي مامي لڇو سيٺ (اسلام قبولڻ بعد هن جو نالو سيٺ عبداللطيف ٿيو) پروڊيوس ڪئي هئي. انهيءَ فلم جو هيرو شاد به ڀارت مان گهرايو ويو هو. پاڪستان جي منفرد ڪاميڊين لهري صاحب جي اها پهرين فلم هئي، فلم جي موسيقي ڏيڻ لاءِ هندستان جو پراڻو ميوزڪ ڊائريڪٽر تمر برن به خاص طور تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي آيو هو. تمربرن ڀارت جي مشهور فلم ديوداس جو ميوزڪ ڊائريڪٽر رهي چڪو هو. ان فلم انوکي ۾ نيئر سلطانا به هئي. اها هڪ ڪاميڊي ۽ ميوزيڪل مووي هئي. ان ڪامياب فلم جو ڪم مڪمل ڪري هوءَ حيدرآباد وئي ۽ نواب شاهه ۾ اُهو گهر ڏٺائين جتي هن جنم ورتو ۽ ننڍپڻ گذاريو، ڪراچي ۽ لاهور جي ڪيترن ئي هدايتڪارن هن کي فلمون آفر ڪيون پر هوءَ ممبئي جي فلمي مصروفيت جي ڪري ٻي ڪنهن به فلم ۾ ڪم نه ڪري سگهي. وري هن ڀارت ۾ به ٻئي ڪنهن سنڌي فلم ۾ ڪم نه ڪيو. اباڻا فلم ۾ هن جي ننڍي ڀيڻ جو ڪردار ادا ڪندڙ آرٽسٽ ساڌنا به ممبئي فلم انڊسٽري جي نامور اداڪارا رهي آهي. ببيتا ۽ سنگيتا بجلاڻي به سنڌي آرٽسٽ آهن ۽ هنن به فلمن ۾ ڏاڍي عزت ۽ شهرت ڪمائي آهي. بمبئي جي فلمي دنيا ۾ ٻيا به ڪيترائي سنڌي موجود آهن. خوبصورت نيڻن واري سنڌي سندري شيلا راماڻي جي ڪجهه يادگار فلمن ۾ گرو گهنٽال، غلام بيگم بادشاهه، سلطانا ڊاڪو، انجلي، ممتاز محل (ڊائريڪٽر رام درياڻي) جنگل ڪنگ، سُرنگهه، مينار، هنگو جوروڪا غلام، گهمنڊ (ڊائريڪٽر ديپڪ آشا) ۽ فلم شهزادا شامل آهن.
1962 ۾ ريليز ٿيندڙ فلم “ماءُ بيٽا” کان پوءِ شيلا راماڻيءَ جي ٻي ڪنهن فلم جو نالو هٿ نه آيو، هن وقت هوءَ آمريڪا ۾ر هي ٿي، حسنِ اداڪاره شيلا راماڻيءَ نهايت ڀرپور زندگي گذري آهي ۽ فلمن ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيا آهن. هن سنڌ ڄائي خوبصورت آرٽسٽ کي ننڍي کنڊ جا ماڻهو ڪڏهن به وساري نٿا سگهن