• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

او منهنجا سنڌ جا صوفيو !

او منهنجا سنڌ جا صوفيو !
سنڌ ۾ ڳڀرو پٽن جا چچريل لاش ملي رهيا آهن
ڪٿي آهن ، توهان جو الفيون
ڪٿي آهن توهان جا گيڙو رومال
ڪٿي آهن توهان جا يڪتارا ۽ چپڙيون
جيڪي اٿي ڪري
پنهنجن ڳڀرن جي قتل تي احتجاج ڪن
” گيڙو باغي “ ڪٿي آهن
جيڪي انهن قاتل هٿن کي روڪين
اهي ” گيڙو ناچ ڪندڙ “ صوفي ڪٿي آهن
جيڪي چوندا آهن ته سنڌي ، پرامن آهن ، اهي ناهن وڙهندا ته
پوء انهيء جي بدلي ۾ ملندڙ لاش ، ڪهڙي ” تحفن “ ۾ آهن ؟
 
ادا صوفي الائي ڪنهن کي پيا چئو
ادا پنهنجي حق جي ويڙه انسان جي قدرن ۾ آهي ان تان هٿ کڻڻ عار آهي اهو صوفي چوي ته به غلط جي ملان چوي ته به غلط باقي اهي ڳڀرو ڇو ٿا مرن پيا انهن جي مالڪي ڇو نه ٿي ٿئي اها هڪ جُدا حقيقت آهي. ذليلن پٺيان رسوائي ئي ملندي آهي اسان جي نوجوان جو غلط ماڻهون استعمال پيو ڪري اهو اسان کي سوچڻ گهرجي .
 
Back
Top