عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
او منهنجا سنڌ جا صوفيو !
سنڌ ۾ ڳڀرو پٽن جا چچريل لاش ملي رهيا آهن
ڪٿي آهن ، توهان جو الفيون
ڪٿي آهن توهان جا گيڙو رومال
ڪٿي آهن توهان جا يڪتارا ۽ چپڙيون
جيڪي اٿي ڪري
پنهنجن ڳڀرن جي قتل تي احتجاج ڪن
” گيڙو باغي “ ڪٿي آهن
جيڪي انهن قاتل هٿن کي روڪين
اهي ” گيڙو ناچ ڪندڙ “ صوفي ڪٿي آهن
جيڪي چوندا آهن ته سنڌي ، پرامن آهن ، اهي ناهن وڙهندا ته
پوء انهيء جي بدلي ۾ ملندڙ لاش ، ڪهڙي ” تحفن “ ۾ آهن ؟