• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هاڻ لنڊن پلان(ڊي) تحت ڪراچي بند ڪرڻ جو اعلان( اهو به مشرف جو لندڻ پلان(ڊي) اسڪرپٽ آهي

Sindhi Media

سينيئر رڪن
10351764_10205131264542047_5146698220366141073_n.jpg

جيئن عيد ڏهاڙن تي ڏيکاربو آهي ته مُلڪ جا جوڌا ڪهڙي مسجد ۾ نماز پڙهي رهيا آهن يا عيد تقريبون ڪٿي ۽ ڪيئن ملهائي رهيا آهن. ته ساڳي طرح سان سنڌي ميڊيا کي به اپيل ٿي ڪجي ته انهن سڀني ۽ مڙني ، سياسي، سماجي، قومي سنڌي ليڊرن جي ايڪٽوٽي به 7 ڊسمبر 2014 تي ضرور مڪمل ڪوريج سان ڏيکارجو ته هو ڪٿي سنڌي قوم کي ليڊ پيا ڪن ته مٿائن جان فدا ڪرڻ وارا به ڏسن ته ڇا اهي ڀوتار پنهنجي ڊرائنگ روم ۾ ويهي فيملي سان ٽي.وي تقريبون ڏسي محض تماشائي بڻيل آهن يا واقعي ايڏو سنڌ جو به درد رکن ٿا ۽ سنڌ جي هر غم ۽ خوشيءَ ۾ پنهنجي سنڌي ووٽرن،مريدن،خادمن سان گڏ آهن. غم هُجي يا خوشي! سنڌ سلامتيءَ لاءِ لازمي آهي ته ڪلچر سلوگن ۾ رهي 7 ڊسمبر تي ايڪتا جو ڏينهن گڏجي ملهايون ۽ سنڌي شهيدن سان به عقيدت جو اظهار ڪريون! ته مستقبل جي رٿابنديون به ته ڪيئن سنڌ کي دشمن جي سوچن ۽ منصوبن کان بچائجي. دوستئو ! سنڌي ۽ بلوچ قومن جو ازلي دشمن ڊڪٽيٽر مشرف! اڄ جيڪو 250 يوٿ ماڻهن کي خطاب ڪري ٻين ڳالهين سان اهو چيو ته صوبا ٺاهڻ گهرجن ته اهو اسانجا سڀ خدشن سان ثابت ڪري ٿو ته سنڌ کي ڪنهن لساني تنظيم جنهن کي هن سنڌ ۾ مظبوط ڪيو هو، لاءِ ئي هڪ ڌار صوبو (جناح پور) گهرڻ جي گهر ڪئي آهي ۽ هيءَ لنڊن پلان تحت جيڪا پاڪستان ۾ سياسي هلچل ڊزائين ٿيل اسڪرپٽ لکيل آهي جنهن ۾ طاهرالقادري، (جيڪو اسڪرپٽ تحت گهڻن صوبن جي شرارت ڪري هاڻ مشن ٻين سازشي سياستدانن (شيخ رشيد ۽ ڪو جي حوالي ڪري) بيماريءَ جي بهاني سان امريڪا ويو آهي) ۽ عمران خان(نيازي) هاڻ لنڊن پلان(ڊي) تحت ڪراچي بند ڪرڻ جو اعلان( اهو به مشرف جو لندڻ پلان(ڊي) اسڪرپٽ آهي ۽ ان ۾ ڪراچيءَ جي هڪ لساني پارٽي به پويان حصيدار بنيل هُئي ۽ طاهرالقادري اڳيان آندو ويو هو. دوستو! سنڌ جا سڄڻئو ڪنهن جي مٺين چالن ۽ ڪوڙن آسرن ۾ اچي سنڌ نه وڃائي ويهجو! ۽ نه ئي هميشه جيان معصوم رهي ڪنهنجي چال ۾ ۾ نه اچجو، سنڌ جو دفا ڪجو، سنڌ کي بلوچستان ٿيڻ نه ڏجو ۽ پنهنجي سياسي بسيرت ڏيکاري ۽ غير مسلح جدوجهد ڪري پنهنجي ڪردار ۽ گفتار سان سنڌ بچائجو ۽ پنهنجي سنڌ کي ٻه ٽڪڙا ٿيڻ نه ڏجو ۽ دشمنن جي چال جو حصو نه بڻجو ، 7 ڊسمبر تي هر اختلاف وساري فقط هڪ سنڌي ٿي سوچجو هڪ ٿي صرف ۽ صرف سنڌ بچاءَ لاءِ رٿائون جوڙي سنڌ دشمنن کي شڪست ڏجو جيڪو متحد ٿيڻ کان سواءِ نا ممڪن آهي. دوستئو! سمجهو پوري اڙدو پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا توهانجي ثقافتي ۽ ايڪتا ڏهاڙي تي ۽ سنڌ سان مسلسل ٿيل ظلم تي خاموش ۽ ٽوٽل بليڪ آهي جنهن مان توهان سندن سنڌ دُشمنيءَ کي ڏسي، سمجهي ۽ پرکي سگهو ٿا. سنڌي ميڊيا تي سنڌي ڪلچر جا قومي گيت اُنهن مٿان نانگ بڻجي ڦري رهيا آهن ۽ هو ڪن بيوقوف سنڌين کي هٿيار بڻائي ڪلچر ۽ ايڪتا ڏهاڙو نه ملهائڻ ۽ سنڌي ليڊرن جي شهيد ٿيڻ جي حوالي سان ڪينسل ڪرڻ جون رٿائون به ڏياري رهيا آهن. دوستو !غم هُجي يا خوشي 7 ڊسمبر هر صورت ۾ شايان سان ملهائي ، شهيدن کي ڀيٽا ڏئي سنڌ بچائڻ جا وچن کڻڻا آهن ، اتحاد ۽ ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪري سنڌ دشمنن کي ميسيج ڏيڻپو آهي ته (مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون) دشمنن جي چال تحت فلحال هڪ ٻئي کي به تنقيد جو نشان نه بڻايو ! تنقيد لاءِ ٻيو وقت آهي. ثقافتي رنگن ۾ رنگجي پاڻ ۾ جُڙي هلڻ جو سالانو ڏينهن يقينن سنڌي قوم لاءِ عيد جي ڏينهن جيان آهي جيڪو هر سنڌ ڄائو جتي به هُجي هر غم ۽ خوشيءَ هوندي به ملهائي ٿو ۽ ان ڏهاڙي ۾ ملي پنهنجن سال ڀر جي سنڌ مُفاد ۾ نه ايندڙ غلطن تي نظر وجهي آئنده سنڀلي هلڻ جو وچن ڪري ٿو (اي سنڌ امان جتي هُجان ، تُنهنجو ٿي هلان) سو ان پس منظر ۾ هي هڪ سادو ۽ سولي سنڌيءَ ۾ سوال آهي سنڌي ڀوتارن کان (پير، شاه، مير، رئيس، جاگيردار، پوءِ ڍايا وڏيرا، ڌاڙيل، پاٿريدار، اي.نجي اوز، سياسي، سماجي ، مذهبي تنظيمون)، هلائيندڙن، اديبن، ليکڪن، شاعرن، ڀلائي تنظيمون هلائيندڙن کان جن پويان سنڌ جي هارين، مزدورن، غريب مفلس، لاچار ۽ غيرتمند سنڌين جان ڏني ۽ ڏئي کين اقتدار،اپوزيشن يا ڀلائين واري طنظيم ۾ موٽ ڏني ته اُنهن کي ليڊنگ لاءِ صدارتي ڪُرسين تي يا سنڌ صوبي يا قومي اسيمبلي يا سينٽ ۾ آني ويهارين ٿا ته ڇا اُهي هي 7 ڊسمبر 2014 جي ڪلچر رنگ ۾ ياڪتا ڏهاڙو پنهنجي ڊرائنگ رومس ۾ فيملين سان ويهي سنڌي (ميڊيا) ٽي.وي چئنلن تي ڏسي گُذاريندي يا پاڻ مٿان قربان ٿيندڙ 85 سيڪڙو غريب سنڌي ڀائرن سان گڏ، سنڌي ثقافت جي رنگ ۾ رنگجي پنهنجي گهران نڪري پوري گروپ کي ليڊ ڪري ملهائيندا! خاص سوال آهي مُنهنجو مُحترم آصف علي زرداري (سابق صدر پاڪستان کان) ته ڇا هو به جتي هُجي شال جيئندو رهي) پنهنجي هن ثقافتي ڏهاڙي جي ليڊ ڪري 7 ڊسمبر تي سنڌي قوم سان ٻانهه ٻيلي ٿيندو ڇو جو هن ڏهاڙن جي ملهائڻ جي شروعات به تڏنهن ٿي هُئي جڏنهن محترم سابق صدر صاحب هڪ آفيشل تقريب (سنڌي ٽوپي) پائي ڪئي هُئي ۽ سنڌ دُشمن اڙدو ميڊيا جي متعصن اينڪرن ۽ اڙتو چئنلن سنڌ جي ڪلچر کي ٽوڪي سنڌي قوم سان نفرت جو اظهار ڪيو هو! ۽ پوري سنڌي قوم (دوست ۽ دشمن) هڪ ئي ڪلچر ڊي ۾ رنگجي، اتحاد ڪري ميدان ۾ اچي ويٺا ۽ ملعونن تي ڪلچر جي ڄُٺ ڪرڻ تي ننديدا رهيا. ۽ پوءِ هر سال سڀ ويڇا وسراي پاڻ ۾ جُڙي پوري دُنيا کي ميسيج ڏيڻ لڳا ته (مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون)
 
Back
Top