• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌسلامت آن لائين رسالو ڪڍڻ لا صلاح مشورو

سائل مهراڻ

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا ساٿيو اسلام عليڪم.

دوستو اڄ هتي اوهان کان اها صلاح وٺڻ جو سوچي پوسٽ ڪري رهيو آهيان ته جئين اوهان پنهنجي را اسان تائين پهچايو.
سائين عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم صاحب سنڌي ٻولي جي وڏي فورم کي اڃان به هٿي وٺرائڻ جي لا سنڌ سلامت آن لائين رسالو ڪڍڻ جو سوچيو آهي، جنهن ۾ 20 صفحا سنڌي ادب جي لا مخصوص ڪيا آهن ۽ 20 صفحا ڪمپوٽينگ لا،
جڏهن ته ڪجهه دوستن سان رابطو به ڪيو آهي، جنهن ۾سائين سليمان وساڻ صاحب، سائين ذيشان رشيد صاحب سان به رابطو ڪيو آهي، ٻنهي صاحبن هن ڪم ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ جي حامي ڀري آهي ۽ همٿايو به آهي.
هتي اوهان کان اهو سوال آهي ته اوهان هن ڏس ۾ ڪا صلاح، شڪايت ڪري سگهو جئين اسان کي خبر پئي ته اسين هن ڪم لا ڇا ڇا ڪريون

هن ڪم ۾ اوهان ساٿ ڏيو ته سائين عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم صاحب سان رابطو ڪري سگهو ٿا.
 
ادا اسان اوهان سان سهڪار ڪرڻ ۾ گڏ آهيون ۽ منهنجي صلاح آهي ته آن لائن سان گڏوگڏ رسالو پبلش ڪرائي شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ پهچايو وڃي ته جيئن جن ماروئڙن وٽ آنلائن سهولت نه آهي ، اهي به لاڀ حاصل ڪري سگهن ، رسالو علمي ۽ ادبي سان گڏوگڏ ڪمپيوٽر سائنس ۽ ٻاراڻي ادب تي مشتمل هجي جيئن هر طبقو انکي دلچسپي سان پڙهي ، باقي ٻانهي وس پرينءَ جي جيڪا سنگت جي صلاح
 
جي ادا اڃان هن جي باري ۾ هتي پوسٽ ڪئي آهي جئين ته سڀ دوست پنهنجي را ڏين اوهان جي را سان مان ته سهمت آهيان ٻيا دوست ڏسون ڇا ٿا چون
 
ادا اسان اوهان سان سهڪار ڪرڻ ۾ گڏ آهيون ۽ منهنجي صلاح آهي ته آن لائن سان گڏوگڏ رسالو پبلش ڪرائي شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ پهچايو وڃي ته جيئن جن ماروئڙن وٽ آنلائن سهولت نه آهي ، اهي به لاڀ حاصل ڪري سگهن ، رسالو علمي ۽ ادبي سان گڏوگڏ ڪمپيوٽر سائنس ۽ ٻاراڻي ادب تي مشتمل هجي جيئن هر طبقو انکي دلچسپي سان پڙهي ، باقي ٻانهي وس پرينءَ جي جيڪا سنگت جي صلاح
سائين لک قرب توهان را ڏني.
اوهان جي را سان سهمت آهيان.
ڳالهه هي آهي ته پبلش ڪرائڻ لا تمام گهڻي جدوجهد ڪرڻي پوندي ۽ رسالو مسلسل هلائڻ لا ٽيم جي ضرورت پوندي. ۽ منهنجو خيال آهي ته رسالي کي في الحال آنلائن رکجي . جيڪڏهن ٻه يا تي ڪاپيون هليون ۽ دوستن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي رسالي جي ڪم ۾ اسان جي مدد ڪئي ته پو رسالي کي پبلش به ڪرائينداسين.
في الحال ته ان کي آنلائن رکڻ جو سوچيو آهي. وري به جن دوستن کي ادا سائل مهراڻ ٽيگ ڪيو آهي انهن جا رايا ۽ تبصرا ڏسڻا پوندا.
 
انهي حوالي سان وڏي وقت کان ڳالهه ٻولهه هلندڙ آهي. پر ڪجهه اڻ ٽر رُڪاوٽن ڪري اهو ڪم اڃان ٿي ناهي سگهيو. جيڪڏهن معاملا سِڌا ٿي ويا ته ڪم ۾ هٿ وجهبو.
باقي صلاح اڳ به اها هُئي هاڻ به آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 4 کان 6 شمارن جي تياري ۽ سيڙپ اڳواٽ هُجي ته ڪم شروع ڪجي.
 
في الحال مونکي صرف هڪ رسالي جو مواد ڏيو ته آئون اهو آنلائن ٺاهي موڪليان. ان کان پوءِ ئي وڌيڪ مواد ملي سگهي ٿو.
 
مان پهريان به هن شي جو حامي هيس ۽ هاڻي به آهيان.
جيڪڏهن پبلش ٿيندو ته پو واه واه
انفارميشن ٽيڪنالاجي وارا صفحا توهان تي آهن. انهن لاءِ جيڪو مواد کپندو اهو اوهان ئي هٿ ڪري ڏيندا ته مهرباني ٿيندي. :)
منهنجو اِرادو آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي اوترو جلد رسالي جي پهرين ڪاپي آنلائن ڪجي..

ان متعلق منهنجي سائين ابو واصف جَن سان ڳالهه ٻولهه ٿي هُئي پاڻ هڪ صلاح ڏيندي چيائون ته ”رسالي جي پهرين پيج تي سنڌسلامت انتظاميه جو تعارف تصويرن سان ڏِجي ته بهتر ٿيندو.“ ۽ مونکي اها ڳالهه وڻي.
سنڌسلامت جا جيڪي انتظامي رُڪن آهن انهن جا نالا، عهدا ۽ تصويرون پهرين صفحي تي لڳائيندس. :)
 
  • پهريون مرحلو آهي عملي ڪم. رسالي کي پرنٽ ۾ آڻجي يا فل الحال آنلائن؟ اهو طئي ٿئي. (جيڪڏهن ماهوار رسالو آنلائن ڇهه مهينن کان سال تائين هلي وڃي ۽ ان جو فيڊ بيڪ ملي، پذيرائي ٿئي ۽ پڙهندڙ دلچسپي وٺن ته ان کي پرنٽ تي آڻڻ ۾ ڪو حرج ناهي).
  • ان کان پوءِ جو مرحلو آهي مواد جي چونڊ. جيڪو انتهائي ذميداريءَ جو ڪم آهي. هڪ طرف جانبداري يا پنهنجا نوازيءَ جي الزام جو انديشو به نه رهي ته ٻي طرف روايتي مواد ڏيئي بس فرض پورو ڪرڻ جي ڳالهه به نه هُجي. سڀني سيڪشن مان مواد هُجي ۽ تناسب سان هُجي. مواد جيڪو به هُجي ان ۾ دلچسپيءَ جا پهلو ضرور هُجن. اهو خاص خيال رکجي. ان سان ڪم جي اهميت به ٿيندي، محنت به سجائي ٿيندي ۽ منفرد پڻ هوندو.
  • ان کان پوءِ واراو آهي لي آئوٽ جو جيڪا ذميداري توهان رضاڪارانه کڻو ٿا ته مهرباني ۽ لک ٿورا.
  • اڃان به دوستن وٽ جيڪي رايا آهن سي ضرور هتي ڏين.
 
انفارميشن ٽيڪنالاجي وارا صفحا توهان تي آهن. انهن لاءِ جيڪو مواد کپندو اهو اوهان ئي هٿ ڪري ڏيندا ته مهرباني ٿيندي. :)
. :)
مان مواد ڏيڻ لا حاضر آهيان پر اهيو ڪم رڳو مون تي نه هجڻ گهرجي.توهان،سائين رشيد ۽ ٻين رڪنن تي ذميداري هجي.جيڪي آئي ٽي ۾ شوق رکن ٿا.
 
زبردست بهترين ڪم ادا اوهان جي ڳالھ بلڪل درست آهي منهنجي صلاح اها آهي ته 20 صفحا ادب جي لا رکيا وڃن جيئن ان ۾ شاعري ڪهاڻيون اسلام ادبي شخصيتن جي باري ۾ ڄاڻ وغيره موجود هجي 10 صفحا انفارميشن ٽيڪنالاجي متعلق رکيا وڃن جنهن ۾ ڪمپيوٽر جي باري ۾ معلومات سکيا ، موبائل جي باري ۾ معلومات سکيا ۽ جديد مشينن جي باري ۾ اپ ڊيت معلومات رکي وڃي ۽ باقي 10 صفحن تي مختلف معلومات جنهن ۾ صحت کل ڀوڳ ۽ ٻيو سڀ ڪجھ .......
وڌيڪ دوستن جي صلاح مصلحت سان..
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
مان مواد ڏيڻ لا حاضر آهيان پر اهيو ڪم رڳو مون تي نه هجڻ گهرجي.توهان،سائين رشيد ۽ ٻين رڪنن تي ذميداري هجي.جيڪي آئي ٽي ۾ شوق رکن ٿا.

ها سائين رشيد به ساٿ ڏيندو ته پر توهان جهڙا دوست جيڪڏهن ساٿ ڏين ته پو رسالو آنلائن ڪرڻ ۾ وقت نه لڳندو. :)

توهان جي صلاح سُٺي آهي. رسالي ۾ 42 صفحا ٿيندا. ڪجهه تفصيل هيٺ ڏِجن ٿا.

رسالي جي شروعاتي صفحي جو لي آئوٽ ڪجهه هن طرح هوندو :
  • مٿيان سنڌسلامت جو ڪَور ڦوٽُو هوندو جيڪو تقريبن 2 انچ هوندو.
  • ساڄي پاسي انتظاميه (منتظم اعلى، انچارج، ايڊيٽر، سب ايڊيٽر، ڊزائينر وغيره) نالا هوندا.
  • کاٻي پاسي اندر صفحن ۾ موجود مواد جي فهرست هوندي.

رسالي جو انسائيڊ ٽائٽل پيج (ٽائٽل پيج جون اندريون صفحو)
  • سنڌسلامت فورم جي انتظاميه جا نالا، عهدا، تصويرون (۽ سنڌسلامت اڪائونٽ لنڪ اگر جيڪڏهن صحيح لڳو ته) ڏنا ويندا.
  • ٽائٽل جي بيڪ سائيڊ ۾ سنڌسلامت جو لوگو وڏن اکرن ۾ ۽ ٻه لفظ ايڊيٽر سائين رشيدسمون بابت (منهنجي صلاح آهي) ته ڏجن.
  • ٽائٽل بيڪ انسائيڊ (پوئين صفحي جو اندريون حصي) ۾ سنڌسلامت جا پراجيڪٽس رکيا ويندا.

رسالي جو اندريون لي آئوٽ:

جيئن ته هي رسالو صرف انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ادبي نه هوندو ان ڪري هن رسالي ۾ قانوني صلاح مشورا، ٻارڙن جي دنيا سميت سير تفريح وارا موضوع (تصويرن ساڻ) رکيا ويندا.
  • رسالي ۾ هڪ صفحو اسلامي صفحو هوندو جنهن ۾ حديث ۽ قرآن مجيد فرقان الحميد جي آيتن جو ترجمو ۽ مختصر تفسير به لکيو ويندو.
  • پو سنڌي شخصيتن بابت ٻه يا ٽي پيج ، جنهن ۾ مهيني (رسالي شايع ٿيندڙ مهيني) جون سنڌي شخصيتن جا تعارف يا انهن بابت مختصرف موضوع لکيا ويندا.
  • پو سنڌي ادب ۾ هڪ صفحو شاعري جو هوندو جنهن ۾ هڪ پاسي شاعر جو تعارف ۽ ان جي شاعري. (سُٺي ۽ معياري شاعري جيڪڏهن توهان موڪليندا ته اها به شايع ڪئي ويندي.)
  • رسالي ۾ ڪهاڻي به شايع ڪئي ويندي. (جيڪڏهن ناول جيترا صفحا بچيا ته انکي به قسط وار رکيو ويندو).
  • ان بعد ٻه صفحا قانوني صلاح مشورن بابت هوندا.
  • ان کان پو رسالي ۾ ٻارڙن جي دنيا ، انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت موضوع رکيا ويندا.
  • ٻه صفحا سنڌسلامت ڊائونلوڊز نالي سان هوندا جنهن ۾ مفت سافٽويئرز جو مختصر تعارف ۽ سنڌسلامت ڊائونلوڊ لنڪ ڏنا ويندا.
  • ٻه صفحا پڇڻا نه منجهڻا مطابق هوندا جنهن ۾ رُڪن جي سوالن (ڪمپيوٽر، فيسبوڪ، سنڌسلامت) جا جواب ڏنا ويندا.
 
مان اوهان جي ڳالھ سان بلڪل متفق آهيان ادا ۽ اسانجي لا به جيڪو حڪم ڏيو اهو اکين تي........
 
مهرباني.
رسالي جي لا مواد سنڌسلامت تي موجود آهي. بس ان مان صرف چونڊ ڪرڻي آهي ته ڪهڙو مواد رکجي (مواد سڀ رکيو ويندو پر سلسليوار.)
توهان کي ذاتي ڪچهري ۾ عنقريب هڪ ننڍڙو عرض ٻڌايو ويندو. :)
 
Back
Top