
پي ڪي ... هي موووي ضرور هڪ طبقي جي تنقيد ۽ حملن هيٺ رهندي...... مونکي فلم ڏسڻ جو شوق ڪو گهڻو ناهي، هڪ ئي فلم ٻن ٽن قسطن ۾ ڏسندو آهيان. پر حفيظ لغاري سدائين ڪجهه سٺيون موويز ڏئي ويندو آهي ۽ اهي ضرور ڏسندو آهيان، جيئن هن هڪ فلم ثري ايڊيٽ ڏسڻ جو مشورو ڏنو وري اوء ماء گاڊ بهترين فلم لڳي. پي ڪي به اهڙي مووي آهي جيڪا هر هر سوچڻ تي مجبور ٿي ڪري. خاص ڪري اهي سين جن ۾ اسان ڪجهه ٻيو پئي سوچيو پر مووي ۾ ڪجهه ٻيو پئي ٿيو. ڪهاڻي اوء ماء گاڊ جو سيڪوئينس لڳي. مذهب جي سختي، ڊڄ ڏئي ماڻهن کي مذهب طرف آڻڻ ۽ مذهب کي بزنس بنائڻ ... سڀ ڪجهه ان فلم جي ڪهاڻي ۾ هو.
اهي ڳالهيون اسان به ڪندا رهندا آهيون پر هڪ ڊڄ ۾ هوندا آهيون ۽ اسان جون ڳالهيون ڪنهن تي اثر ناهن ڇڏينديون .... پر فلم وڻي.
فلم جو پلاٽ ۽ اسٽوري پڙهو