• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا جناح صاحب تي قاتلاڻي حملي جي خبر ٻڌي، جي ايم سيد خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي هئي؟

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ڇا جناح صاحب تي قاتلاڻي حملي جي خبر ٻڌي، جي ايم سيد خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي هئي؟
اردو اخبار جنگ جي ڪالم حسن مجتبى پنهنجي 15 جنوريءَ واري ڪالم ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته جناح صاحب تي ٿيل قاتلاڻي حملي جو ٻڌي، جي ايم سيد ٻارڙن وانگيان رڙيون ڪوڪون ڪندي روئندو رهيو ۽ سنڌي اسيمبليءَ جي پراڻي بلڊنگ جي ڇت تان خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش به ڪيائين ـ
جيستائين مون کي ياد آهي ته سائين جي ايم سيد لکيو هو ته جناح صاحب تي ٿيل قاتلاڻي حملي جو ٻڌي هو بيهوش ٿي ويو هو پر اسيمبلي بلڊنگ جي ڇت تان خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ۽ ٻارن وانگيان رڙيون دانھون ڪرڻ واري ڳالهه مون اڳ نه پڙهي آهي ـ
دوستن کي گذارش آهي ته هو اسان جي ڄاڻ ۾ واڌ ڪن ۽ اهو ٻڌائين ته ٻارن وانگيان رڙيون دانهون ڪرڻ ۽ ڇت تان ٽپو ڏئي خودڪشي واري حسن مجتبى جي دعوى درست آهي يا نه ـ منهنجي هن پوسٽنگ جو مطلب ڪنهن کي گھٽ يا وڌ ڏيکارڻ هرگز ناهي پر معلومات وڌائڻ آهي ـ مهرباني ڪري غلط نه سمجھيو وڃي ـ

ان کان اڳ به ڪنهن ڪالم ۾ حسن مجتبى دعوى ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي الزام هنيو هو ته هو نوابشاهه جي مولوي معاذ جي گھر ۾ پيدا ٿيو هو ـ جيتوڻيڪ مان پاڻ ڪيترا ورهيه نوابشاهه ۾ پڙهيو ۽ صحافي رهيو آهيان پر مون اها ڳالهه اڳ ڪانه ٻڌي هئي، سو پراڻن صحافين ۽ مولوي معاذ جي ويجھن مائٽن سان رابطو ڪيم ته جيئن سچائي معلوم ڪري سگھان پر سڀني انهيءَ دعوى جي ترديد ڪئي ـ
 
اها مون لاء به بلڪل نئين ڳالهه آهي ..... سائين جي ايم سيد اهو انڪشاف ته پنهنجي ڪتابن ۾ به ڪيو آهي ته هو محمد علي جناح جي قاتلاڻي حملي ۾ مري وڃڻ واري خبر تي سخت صدمي ۾ هيو ۽ خوب رنو هيو .... پر خودڪشي واري اها خبر اڳ ڪٿي به ناهي پڙهي يا ٻُڌي.
 
سَستي شُهرت حاصل ايئن ئي ڪبي آهي، گهڻو اڳ جڏهن حسن مجتبىٰ تي دوستن ڪنهن ادبي ڪچهري ۾ ٽيڪا ٽپڻي ڪئي هئي ته ان وقت نالي چڙهيا صحافي چِڙي پَٽَ ڪري ويا هيا. پر همراه جي افعالن مان ظاهر آهي ته هُن جي ڪيتري قابليت آهي.
 
حسن مجتبى پنهنجي هر ڪالم ۾ ڪوڙ ڪُٽي ٿو، خبر ناهي ته ڇو مون تي به ڪجھه سينيئر صحافي دوست، اهڙي صحافتي بدديانتي جي نشاندهي ڪرڻ تي ڏمرجي پيا هئا ؛ سندس سارو ڪالم ٻُڌل ڳالهين ۽ افواهن تي ٻَڌل هوندو آهي، شايد انهيءَ ڪري بي بي سي اردو وارن به کيس ڪڍي ڇڏيو آهي ـ
 
سائين جيڪا دوست ڪاوڙجن ٿا انهن کان رڳو هڪ سوال ڪريو ته حسن مجتبى ڪهڙي بنياد تي آمريڪا جي ويزا ورتي آهي؟ ان جو کليو کلايو پاڻ به فخر سان عتراف ڪري ٿو ته هو جنسي طور مجبور آهي ـ هت اخلاق اهڙي ڳالهه لکڻ جي اجازت ڪونه ٿو ڏيئي پر سمجھڻ وارن لاءِ اشارو ئي ڪافي آهي ـ
مونکي اچرج آهي ته سنڌي قوم پرست سائين جي ايم سيد جي خودڪشيءَ واري ڪوشش جي ڪوڙي ڳالهه لکڻ تي خاموش ڇو آهن؟
 
سائين اڄ جو صحافي ته ڪوڙ نه ته اصل منهن ۾ ڌوڙ..حسن مجتبي ا ڇا به لکيو ۽ ڇو لکيو اها خبر ناهي پر سائين لڳي ٿو اوهان به سائين جي ايم سيد جا پڪا پڪا مخالف آهيو..هرو ڀرو توهان ڇو ان ڳالهه جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لا منٿون ٿا ڪيو ته ڪنهن کي معلومات هجي ته ٻڌايو..سائين معاف ڪجو هر پهلو جا ٻه رُخ هوندا آهن اوهان سائين جي ايم سيد جي هڪ رُخ کي پنهنجي مخالفت جي نظر سان ڏسي رهيا آهيو پر شايد توهان سائين جي ايم سيد جي ڪيل خدمتن کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪري رهيا آهيو...
 
سياسي اختلاف رکڻ جو حق هر ڪنهن کي آهي ـ جي ايم سيد جي سنڌ سان محبت ڪنهن به شڪ شبهي کان بالاترهئي، ان جو مون کي اعتراف آهي پر هو هو ڪامياب سياستدان گھٽ هو ـ جنرل ضياءَالحق جنهن سنڌين کي تباهه ڪيو، تعليم تباهه ڪئي، ڪلاشنڪوف ڪلچرعام ڪيو، منشيات عام ڪئي، سنڌين تي مگ جهازن ذريعي بمباري ڪرائي ڪيترا شهيد ڪيائين پر ان کي شريف النفس جو لقب ڏيڻ ڇا مناسب هو؟ موٽ ۾ کانئس سنڌ لاءَ ڪجهه به نه گھريائين پر پنهنجي پوٽي بدر شاهه لاءِ پي آءِ اي ۾ نوڪري گهريائين جيڪو ميڊيڪلي ان فٽ هو ۽ اها ڳالهه مون پاڻ پي آءِ اي کان تصديق ڪئي هئي ـ جناح صاحب کي سنڌ لاءِ نه پر حسن بخش شاهه کي ٽڪيٽ نه ڏيڻ سبب ڇڏيو هئائين جيڪو اسان جي ضلعي جو هو ـ اڃا به ٻيا به وڏا داستان آهن پر ڪجھه دوست سچ برداشت ڪونه ڪندا سو ايترو ڪافي آهي ـ
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top