محمد خان سيال
سينيئر رڪن
ڇا جناح صاحب تي قاتلاڻي حملي جي خبر ٻڌي، جي ايم سيد خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي هئي؟
اردو اخبار جنگ جي ڪالم حسن مجتبى پنهنجي 15 جنوريءَ واري ڪالم ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته جناح صاحب تي ٿيل قاتلاڻي حملي جو ٻڌي، جي ايم سيد ٻارڙن وانگيان رڙيون ڪوڪون ڪندي روئندو رهيو ۽ سنڌي اسيمبليءَ جي پراڻي بلڊنگ جي ڇت تان خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش به ڪيائين ـ
جيستائين مون کي ياد آهي ته سائين جي ايم سيد لکيو هو ته جناح صاحب تي ٿيل قاتلاڻي حملي جو ٻڌي هو بيهوش ٿي ويو هو پر اسيمبلي بلڊنگ جي ڇت تان خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ۽ ٻارن وانگيان رڙيون دانھون ڪرڻ واري ڳالهه مون اڳ نه پڙهي آهي ـ
دوستن کي گذارش آهي ته هو اسان جي ڄاڻ ۾ واڌ ڪن ۽ اهو ٻڌائين ته ٻارن وانگيان رڙيون دانهون ڪرڻ ۽ ڇت تان ٽپو ڏئي خودڪشي واري حسن مجتبى جي دعوى درست آهي يا نه ـ منهنجي هن پوسٽنگ جو مطلب ڪنهن کي گھٽ يا وڌ ڏيکارڻ هرگز ناهي پر معلومات وڌائڻ آهي ـ مهرباني ڪري غلط نه سمجھيو وڃي ـ
ان کان اڳ به ڪنهن ڪالم ۾ حسن مجتبى دعوى ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي الزام هنيو هو ته هو نوابشاهه جي مولوي معاذ جي گھر ۾ پيدا ٿيو هو ـ جيتوڻيڪ مان پاڻ ڪيترا ورهيه نوابشاهه ۾ پڙهيو ۽ صحافي رهيو آهيان پر مون اها ڳالهه اڳ ڪانه ٻڌي هئي، سو پراڻن صحافين ۽ مولوي معاذ جي ويجھن مائٽن سان رابطو ڪيم ته جيئن سچائي معلوم ڪري سگھان پر سڀني انهيءَ دعوى جي ترديد ڪئي ـ