محمد خان سيال
سينيئر رڪن
الطاف يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو. جي ايم سيد ۽ سورهيه بادشاهه يونيورسٽين جو ڇا ٿيو؟
لساني تنظيم جو سربراهه ۽ سنڌ کي چار ٽُڪر ڪرڻ جو مطالبو ڪرندڙ الطاف حسين جي نالي ۾ پرائيويٽ يونيورسٽيءَ جي پيڙهه جو پٿر 30 جنوري 2015 تي حيدرآباد ۾ رکيو ويو آهي.
هاڻ ڏسون ته جي ايم سيد ۽ سورهيه بادشاهه جي نالي ۾ پرائيويٽ يونيورسٽيون ڪڏهن ٿيون ٺهن؟
ڇا جي ايم سيد توڙي سورهيه بادشاهه جا پوئلڳ ۽ حامي اها آس لڳايو ويٺا آهن ته پنجابي ڪنسٽرڪٽر ملڪ رياض کين يونيورسٽيون ٺاهي تريءَ تي رکي ڏئي ۽ سندن سياسي مخالف آصف علي زرداري اهڙو اعلان ڪري؟
سائين جي ايم سيد ٿوري سورهيه بادشاهه جا خاندان غريب ناهن، سي اهڙين پرائيويٽ يونيورسٽيون پنهنجي خرچ تي به سولائيءَ سان ٺاهڻ جو اعلان ڪري سگھن ٿا پر انهن هيلتائين اهڙو اعلان ڪونه ڪيو آهي ـ جيستائين سنڌي قوم پرستن جو واسطو آهي ته انهن جي آمدني به ماشاءَالله شاندار آهي، سي به اهڙي يونيورسٽي اڪيلا ٺاهي سگھن ٿا ـ