• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

الطاف يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو. جي ايم سيد ۽ سورهيه بادشاهه يونيورسٽين جو ڇا ٿيو؟

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
الطاف يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو. جي ايم سيد ۽ سورهيه بادشاهه يونيورسٽين جو ڇا ٿيو؟

لساني تنظيم جو سربراهه ۽ سنڌ کي چار ٽُڪر ڪرڻ جو مطالبو ڪرندڙ الطاف حسين جي نالي ۾ پرائيويٽ يونيورسٽيءَ جي پيڙهه جو پٿر 30 جنوري 2015 تي حيدرآباد ۾ رکيو ويو آهي.

هاڻ ڏسون ته جي ايم سيد ۽ سورهيه بادشاهه جي نالي ۾ پرائيويٽ يونيورسٽيون ڪڏهن ٿيون ٺهن؟
ڇا جي ايم سيد توڙي سورهيه بادشاهه جا پوئلڳ ۽ حامي اها آس لڳايو ويٺا آهن ته پنجابي ڪنسٽرڪٽر ملڪ رياض کين يونيورسٽيون ٺاهي تريءَ تي رکي ڏئي ۽ سندن سياسي مخالف آصف علي زرداري اهڙو اعلان ڪري؟

سائين جي ايم سيد ٿوري سورهيه بادشاهه جا خاندان غريب ناهن، سي اهڙين پرائيويٽ يونيورسٽيون پنهنجي خرچ تي به سولائيءَ سان ٺاهڻ جو اعلان ڪري سگھن ٿا پر انهن هيلتائين اهڙو اعلان ڪونه ڪيو آهي ـ جيستائين سنڌي قوم پرستن جو واسطو آهي ته انهن جي آمدني به ماشاءَالله شاندار آهي، سي به اهڙي يونيورسٽي اڪيلا ٺاهي سگھن ٿا ـ
 
بس سائين جت جي پُٽ زرداري جون مهربانيون آهن..خير يونيورسٽي ڪهڙي به نالي سان هجي بس رڳو سنڌي شاگردن جي داخلائون ڪيون وڃن ته به گنج آهي..پر لڳي ٿو سنڌ جي ڪوٽا ۾ به ٻه اکيائي ڪئي ويندي.
 
يونيورسٽي لاءِ سڀ ڪوششون ايم ڪيو ايم ڪيون آهن. لازمي ڳالھ آ جيڪي يونيورسٽي ٺهرائيندا سي نالو به پنهنجي مرضي جو ئي رکندا نه. ڪنهن کي نالي تان اعتراض آهي ته پنهنجي يونيورسٽي ٺاهي پنهنجي مرضي جو نالو رکيس انهي کي ڪير به منع ڪونه ڪندو...
 
حی ها اسان ان آس م آهیون ته کڈهن تها اهڑو اعلان کن پر آهی نا ممکن جیستاء زر_داری آهی سند ء سندین کی کجه نہ ملندو پاکستان کپی هاٹ وری سند کی پیو کپائی
 
ادا توهان زبردست ڳالهه آهي اسان جا قومپرست وڏيرن لاءِ ڪم ڪندا آهن نه ڪي عوام لاءِ........ڪالاباغ ڊيم سان ڪنهن جون زمينون تباهه ٿينديون وڏيرن جون.... پوءِ ليڊر جو ڇا وڃي عوام کي جن جون نه ٻنيون ٻاريون آهن انهن کي روڊن تي آڻي خوار ڪن ٿا.. ڪو ڊي سي.. برطرف ٿئي ٿو عوام کي تڪليف سوچو ڊي سي اوهان جي ڀلائي جا ڪڏهن ڪم ڪيا آهن هرگز نه.....پوءَ اسان ڇو ڪنهن جي چوڻ ته غلط ماڻهن کي سپورٽ پيا ڪيون هڪ سائيڪل آهي جنهن تحت سنڌ جو عوام بهتر ڏانهن مورڻ بجاءَ بدتر ماڻهن جي ور ٿو چڙهي نتيجن تباهيون نصيب ٿينديون ۽ ڌارين کي موقعا ملندا ويندا پنهنجي جاءَ ٺاهڻ جو
 
Back
Top