Sindhi Media سينيئر رڪن 14 فيبروري 2015 #1 سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن(ساوا) گُلستان جوهر ڪراچي سنڌ برانچ جي تعاون سان(ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ريسرچ سينٽر(نيوسعيدآباد) ضلع مٽياري سنڌ، ٻيڙو کنيو آهي علم ڦهلائڻ جو ! ۽ (ايجيوڪيٽ سنڌ) پاليسيءَ تحت اسان سوشل ميڊيا جي وسيلي سنڌي نوجوانن کي فري آن لائين سپورٽ پُهچائيندا آهيون ته جيئن هو به جڳ جي قومن جيان اڄ جي هن سائنس و ٽيڪنالاجي، سيٽلائيٽ و ميڊيا ميڊيم معاشري ۾ فخر سان ڪنڌ اوچو ڪري سگهن ۽ چون ته سائنس، ٽيڪنالجي تعليم ۽ هُنر ۾ هو ڪنهن ٻي قوم کان گهٽ هرگز ناهن ! پوءِ چاهي کين محروم ڪرڻ لاءِ، سنڌ دشمن غير جهموري قوتون (سنڌي غدار وڏيرن، پيرن، شاهن، ميرن، رئيسن. ڀوتارن، ڪانڀو خانن سان ملي ) صدين کان هڪ سازش وسيلي امن پسند معصوم سنڌي ڳالهائيندڙن کي ، جيڪي نهنجو ڌن من آرام سان هر پناهگير جي حوالي ڪري ڇڏندا آهن ، جيڪي موٽ ۾ هن جديد تعليم ۽ صحت کان محروم ڪرڻ لاءِ ڀلي ڪيتريون ئي سازشون جوڙين يا ڀلي کڻي کڻي مشرف ۽ اُن جي اسٽيبلشمينٽ جا ساٿاري ۽ ڀائيوار۽ مددگار، لنڊن پلان (ڊي) جوڙين، (جنهن جو واحد مقصد سنڌ جا ماڻهون سمجهن ٿا ته سنڌ جا ٻه ڀاڱا ڪرڻآهي) ۽ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ، سنڌ جو پاڻي چورائي زمينن کي بنجر ڪرڻ، سنڌ جي زمينن، معدنيات، کاڻن، فيول ۽ گئس تي قبضو ڪري ويهڻ سندن منشور ۽ نيت آهي ۽ اهو ممڪن تڏنهن آهي جڏنهن سنڌ جا غدار ڪامياب ٿين يا جڏنهن اسان سنڌين ۾ سازشن تحت روح ۾ رچايل (سيڪڙو سالن کان( وڌل موالي ڪلچر، ڪاپي ڪلچر، رشوتي ڍِل ڪلچر۾ ڦاسائڻ لاءِ آزادي ڏئي مفلوج ۽ اپاهج بڻائين ۽ اهو ڪم سنڌي وڏيرن جي مدد سان ٿئي يا بغير تعليمي اسڪل جي ، گوسڙو استاد يا آفيس يا ڊاڪٽر ٿيڻ ڇڏي ڏيون ۽ جي بي علم رهياسون ته اسان کي سنڌ دشمنن، جيڪي ڄاڻي ٻُجهي اسان کي انهن بيمارين ۾ وچوڙي ٿا وجهن ۽ غير اخلاقي سرگرمين ۽ غير قانوني سهولتن جي لالچون ڏئي سمهاري ۽ ڪم چور ڪري ڇڏيندا آهن. ته جيئن هو سُتل قوم هُئڻ ڪري آسانيءَ سان سنڌ جي سمورن وسيلن تي قبضو ڪري سگهن ۽ کين وڏيرن يا پيري مُريدي جي ڪري جي معرفت هميشه لاءِ غلام بڻائي رکڻ آهي. ته اچو ته گڏجي هوش ، عقل، فهم ۽ علم کان ڪم وٺون ، اونداهين مان نڪري عملي زندگيءَ ۾ داخل ٿيون، رت ۾ رچايل (عباسي، ميرن ۽ نادرشاهي) دئورن ۾ مليل (موالي ڪلچر) سُلفي، ڀنگ، ٺرو ڪلچر ڇڏي ۽ ولي الله، درويشن ۽ بُزرگن جي مزارن جي گرد ، اوتارا يونيورسٽيون ڇڏي، علم جي حقيقي يونيورسٽين ۾ بغير ڪاپي ڪلچر جي داخل ٿيون. ميرٽ شاگرد بڻجون، مُفت ، رُشوت تي يا سفارش تي سڻڀيون نوڪريون وٺڻ ڇڏي ڇڏيون، ڇو جو اها عارضي ۽ بغير محنت جي پُهچايل سهولت اسان لاءِ دائمي بيماري بڻجي وئي آهي ۽ اسن عياش بڻجي سنڌ جي حفاظت ڪرڻ کان اپاهج بڻجي وينداسون. اچو سچو علم پرايون، صحيح سنڌي ٻولي جي حفاظت ڪريون، علم ڏيون، جي گوسڙو ۽ گهوسڙو آهيون ته واپس اسڪول، آفيسون ۽ اسپتلون جوائن ڪريون ته سنڌ بچائي سگهجي، سنڌي ماڻهون جاهل ٿيڻ کان بچائي سگهجي. انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: 14 فيبروري 2015
سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن(ساوا) گُلستان جوهر ڪراچي سنڌ برانچ جي تعاون سان(ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ريسرچ سينٽر(نيوسعيدآباد) ضلع مٽياري سنڌ، ٻيڙو کنيو آهي علم ڦهلائڻ جو ! ۽ (ايجيوڪيٽ سنڌ) پاليسيءَ تحت اسان سوشل ميڊيا جي وسيلي سنڌي نوجوانن کي فري آن لائين سپورٽ پُهچائيندا آهيون ته جيئن هو به جڳ جي قومن جيان اڄ جي هن سائنس و ٽيڪنالاجي، سيٽلائيٽ و ميڊيا ميڊيم معاشري ۾ فخر سان ڪنڌ اوچو ڪري سگهن ۽ چون ته سائنس، ٽيڪنالجي تعليم ۽ هُنر ۾ هو ڪنهن ٻي قوم کان گهٽ هرگز ناهن ! پوءِ چاهي کين محروم ڪرڻ لاءِ، سنڌ دشمن غير جهموري قوتون (سنڌي غدار وڏيرن، پيرن، شاهن، ميرن، رئيسن. ڀوتارن، ڪانڀو خانن سان ملي ) صدين کان هڪ سازش وسيلي امن پسند معصوم سنڌي ڳالهائيندڙن کي ، جيڪي نهنجو ڌن من آرام سان هر پناهگير جي حوالي ڪري ڇڏندا آهن ، جيڪي موٽ ۾ هن جديد تعليم ۽ صحت کان محروم ڪرڻ لاءِ ڀلي ڪيتريون ئي سازشون جوڙين يا ڀلي کڻي کڻي مشرف ۽ اُن جي اسٽيبلشمينٽ جا ساٿاري ۽ ڀائيوار۽ مددگار، لنڊن پلان (ڊي) جوڙين، (جنهن جو واحد مقصد سنڌ جا ماڻهون سمجهن ٿا ته سنڌ جا ٻه ڀاڱا ڪرڻآهي) ۽ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ، سنڌ جو پاڻي چورائي زمينن کي بنجر ڪرڻ، سنڌ جي زمينن، معدنيات، کاڻن، فيول ۽ گئس تي قبضو ڪري ويهڻ سندن منشور ۽ نيت آهي ۽ اهو ممڪن تڏنهن آهي جڏنهن سنڌ جا غدار ڪامياب ٿين يا جڏنهن اسان سنڌين ۾ سازشن تحت روح ۾ رچايل (سيڪڙو سالن کان( وڌل موالي ڪلچر، ڪاپي ڪلچر، رشوتي ڍِل ڪلچر۾ ڦاسائڻ لاءِ آزادي ڏئي مفلوج ۽ اپاهج بڻائين ۽ اهو ڪم سنڌي وڏيرن جي مدد سان ٿئي يا بغير تعليمي اسڪل جي ، گوسڙو استاد يا آفيس يا ڊاڪٽر ٿيڻ ڇڏي ڏيون ۽ جي بي علم رهياسون ته اسان کي سنڌ دشمنن، جيڪي ڄاڻي ٻُجهي اسان کي انهن بيمارين ۾ وچوڙي ٿا وجهن ۽ غير اخلاقي سرگرمين ۽ غير قانوني سهولتن جي لالچون ڏئي سمهاري ۽ ڪم چور ڪري ڇڏيندا آهن. ته جيئن هو سُتل قوم هُئڻ ڪري آسانيءَ سان سنڌ جي سمورن وسيلن تي قبضو ڪري سگهن ۽ کين وڏيرن يا پيري مُريدي جي ڪري جي معرفت هميشه لاءِ غلام بڻائي رکڻ آهي. ته اچو ته گڏجي هوش ، عقل، فهم ۽ علم کان ڪم وٺون ، اونداهين مان نڪري عملي زندگيءَ ۾ داخل ٿيون، رت ۾ رچايل (عباسي، ميرن ۽ نادرشاهي) دئورن ۾ مليل (موالي ڪلچر) سُلفي، ڀنگ، ٺرو ڪلچر ڇڏي ۽ ولي الله، درويشن ۽ بُزرگن جي مزارن جي گرد ، اوتارا يونيورسٽيون ڇڏي، علم جي حقيقي يونيورسٽين ۾ بغير ڪاپي ڪلچر جي داخل ٿيون. ميرٽ شاگرد بڻجون، مُفت ، رُشوت تي يا سفارش تي سڻڀيون نوڪريون وٺڻ ڇڏي ڇڏيون، ڇو جو اها عارضي ۽ بغير محنت جي پُهچايل سهولت اسان لاءِ دائمي بيماري بڻجي وئي آهي ۽ اسن عياش بڻجي سنڌ جي حفاظت ڪرڻ کان اپاهج بڻجي وينداسون. اچو سچو علم پرايون، صحيح سنڌي ٻولي جي حفاظت ڪريون، علم ڏيون، جي گوسڙو ۽ گهوسڙو آهيون ته واپس اسڪول، آفيسون ۽ اسپتلون جوائن ڪريون ته سنڌ بچائي سگهجي، سنڌي ماڻهون جاهل ٿيڻ کان بچائي سگهجي.