Sindhi Media
سينيئر رڪن
ون لائين عورت ڪٿا سلسلي جي اسڪرين پلي (شراف جي حد) جي ون لائن
رئيس الطاف خان اها ڳالهه ڪري حويليءَ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو ته هو پنهنجي زال ۽ سئوٽ زينا تي پهاڄ وٺي حويليءَ ۾ رهائيندو. ماءُ پيءَ کيس جتائين ٿا ته شهرن ۾ وڃي هو جيڪي ڪرتوت ڪري ٿو تن جي کين خبر آهي پر جي رواجي رئيسن جي فطرت تحت هو شهر جو گند شهر ۾ رکيل بڻائي رکي ٿو ته سندس خاندان کي ان تي اعتراض نه هوندو باقي هڪ رکيل کي ڳوٺ ۾ آڻي زرينا مٿا پهاڄ هو برداشت نه ڪندا. ٻي طرف هڪ خوبصورت ڇوڪري ڪنول هڪ ڪاليج ۾ پري ميڊيڪل جي اسٽوڊنٽ آهي ۽ هوءَ ڊاڪٽر بڻجي خدمت ڪرڻ چاهي ٿي. ڪنول هڪ طوائف زادي آهي جنهنکي هڪ سازندي ڌيءَ سمجهي نائڪا روشن آرا کان اجازت وٺي پڙهايو هو ۽ کيس پڙهائيءَ جي اجازت به ان شرط ته ملي ته هو جواني ماڻڻ کان پوءِ ڪوڄي تي اچي رقص ۽ سرو محفل جو ڌنڌو ڪندي. ڪنول پوزيشن کڻندي پئي آئي تنهنڪري کيس اُستاد ۽ ڪلاس ميٽ چاهڻ لڳا هُئا پر متان ڪنول جي حقيقت کُل پئي هوءَ روڊ رهي ڪنهن سان واسطو نه وڌائيندي هُئي سواءِ هڪ ساهيڙي ڊُريشه جي. دُريشه ۽ سندس ڀاءُ شهزور جي ضد تي زور ڀري ڪنول کي دُريشه جي سالگره ۾ گهر مدعو ڪيو ويو، ت جيئن سندن ماءُ زينت کين ڏسي ۽ مائٽن کان شهزور لاءِ ڪنول جو رشتو گهري. ڪنول سالگره ۾ سازندي بابا جي مدد سان لڪي آئي هُئي ۽ نهنجي ماءُ بروشن آرا کي ڪونه آيو هو . زينت دريشه ۽ شهزور تي زور ڀري ٿي ته ڪنول کي گهر ڇڏي اچن ڪنول گهڻو انڪار ڪري ٿي پر مڃجي نٿ. ڪار ۾ سفر دوران ڪنول کي ٻُڌايو وڃي ٿو ته دُريشه ۽ شهور ڪنول جي حقيقت کان واقف آهن ته ڪنول ڳالهه وائکي ۽ تنقيد جو نشانو بڻجڻ جي خوف کان ڪاليج پڙهڻ ڇڏي ٿي ڏي . روشن آرا خوش ٿي سندس پهرئين رقص جو احتمام ٿي ڪري جتي تماشاين سان رئيس الخطاف به آهي جيڪو روشن آرا کي راضي ڪري ڪنول کي ٻي زال جي روپ ۾ رکيل بدران نڪاح واري زال ٺاهي ڳوٺ ۾ خاندان ۾ وٺي وڃڻ تي حامي ڀري ٿو. فون تي ڪنول کي شهزور شاديءَ جي آفر ڪري ٿو ۽ ٻي طرف روشن ارا جو زور ته الطاف سان شادي ڪري. ڪنول آخر پوڙهي بابا سازندي جي مدد سان باخبر ٿئي ٿي ته هوءِ طوائف زادي نه پر شريف زاد آهي ۽ کيس روشن آرا اغوا ڪرايو هو. دُريشه سندس ماسي آهي پر سندس ماءُ پيءُ سندس اغوا جي غم ۾ مري ويا آهن. کيس دُريشه جي گهر ۾ آندو وڃي ٿو جتي زينت، دريشه ۽ شهزور کيس ٻُڌائين ٿا ته هوءَ سندس ماءُ جي پوري هم شڪل آهي تڏنهن ته زينت کيس سڃاڻي ورو هو. آخر ۾ جڏنهن خبر پئي ٿي ته شهزور ۽ دريشه ڪنول جا سڳا ماسات آهن ته هو خوش ٿئي ٿي. ٻي طرف رئيس الطاف به اسرو پلي ڳوٺ اچي پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ زال کان معفا وٺي ٿو جيڪي کيس احساس ڏيارين ٿا ته شرافت جي به ڪا حد هوندي آهي.
مُڪمل اسڪرين پلي