ڪنول طوائف زادي هُئي يا شريف زادي!رئيس الطاف کيس رکيل ڪري شهر ۾ ته رکي سگهي ٿو پر حويليءَ ۾ نه عورت

Sindhi Media

سينيئر رڪن
ون لائين عورت ڪٿا سلسلي جي اسڪرين پلي (شراف جي حد) جي ون لائن
رئيس الطاف خان اها ڳالهه ڪري حويليءَ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو ته هو پنهنجي زال ۽ سئوٽ زينا تي پهاڄ وٺي حويليءَ ۾ رهائيندو. ماءُ پيءَ کيس جتائين ٿا ته شهرن ۾ وڃي هو جيڪي ڪرتوت ڪري ٿو تن جي کين خبر آهي پر جي رواجي رئيسن جي فطرت تحت هو شهر جو گند شهر ۾ رکيل بڻائي رکي ٿو ته سندس خاندان کي ان تي اعتراض نه هوندو باقي هڪ رکيل کي ڳوٺ ۾ آڻي زرينا مٿا پهاڄ هو برداشت نه ڪندا. ٻي طرف هڪ خوبصورت ڇوڪري ڪنول هڪ ڪاليج ۾ پري ميڊيڪل جي اسٽوڊنٽ آهي ۽ هوءَ ڊاڪٽر بڻجي خدمت ڪرڻ چاهي ٿي. ڪنول هڪ طوائف زادي آهي جنهنکي هڪ سازندي ڌيءَ سمجهي نائڪا روشن آرا کان اجازت وٺي پڙهايو هو ۽ کيس پڙهائيءَ جي اجازت به ان شرط ته ملي ته هو جواني ماڻڻ کان پوءِ ڪوڄي تي اچي رقص ۽ سرو محفل جو ڌنڌو ڪندي. ڪنول پوزيشن کڻندي پئي آئي تنهنڪري کيس اُستاد ۽ ڪلاس ميٽ چاهڻ لڳا هُئا پر متان ڪنول جي حقيقت کُل پئي هوءَ روڊ رهي ڪنهن سان واسطو نه وڌائيندي هُئي سواءِ هڪ ساهيڙي ڊُريشه جي. دُريشه ۽ سندس ڀاءُ شهزور جي ضد تي زور ڀري ڪنول کي دُريشه جي سالگره ۾ گهر مدعو ڪيو ويو، ت جيئن سندن ماءُ زينت کين ڏسي ۽ مائٽن کان شهزور لاءِ ڪنول جو رشتو گهري. ڪنول سالگره ۾ سازندي بابا جي مدد سان لڪي آئي هُئي ۽ نهنجي ماءُ بروشن آرا کي ڪونه آيو هو . زينت دريشه ۽ شهزور تي زور ڀري ٿي ته ڪنول کي گهر ڇڏي اچن ڪنول گهڻو انڪار ڪري ٿي پر مڃجي نٿ. ڪار ۾ سفر دوران ڪنول کي ٻُڌايو وڃي ٿو ته دُريشه ۽ شهور ڪنول جي حقيقت کان واقف آهن ته ڪنول ڳالهه وائکي ۽ تنقيد جو نشانو بڻجڻ جي خوف کان ڪاليج پڙهڻ ڇڏي ٿي ڏي . روشن آرا خوش ٿي سندس پهرئين رقص جو احتمام ٿي ڪري جتي تماشاين سان رئيس الخطاف به آهي جيڪو روشن آرا کي راضي ڪري ڪنول کي ٻي زال جي روپ ۾ رکيل بدران نڪاح واري زال ٺاهي ڳوٺ ۾ خاندان ۾ وٺي وڃڻ تي حامي ڀري ٿو. فون تي ڪنول کي شهزور شاديءَ جي آفر ڪري ٿو ۽ ٻي طرف روشن ارا جو زور ته الطاف سان شادي ڪري. ڪنول آخر پوڙهي بابا سازندي جي مدد سان باخبر ٿئي ٿي ته هوءِ طوائف زادي نه پر شريف زاد آهي ۽ کيس روشن آرا اغوا ڪرايو هو. دُريشه سندس ماسي آهي پر سندس ماءُ پيءُ سندس اغوا جي غم ۾ مري ويا آهن. کيس دُريشه جي گهر ۾ آندو وڃي ٿو جتي زينت، دريشه ۽ شهزور کيس ٻُڌائين ٿا ته هوءَ سندس ماءُ جي پوري هم شڪل آهي تڏنهن ته زينت کيس سڃاڻي ورو هو. آخر ۾ جڏنهن خبر پئي ٿي ته شهزور ۽ دريشه ڪنول جا سڳا ماسات آهن ته هو خوش ٿئي ٿي. ٻي طرف رئيس الطاف به اسرو پلي ڳوٺ اچي پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ زال کان معفا وٺي ٿو جيڪي کيس احساس ڏيارين ٿا ته شرافت جي به ڪا حد هوندي آهي.
مُڪمل اسڪرين پلي
 
10959528_789103121139226_1591732550991920973_n.jpg
 
توهان به لکو ته جيئن سنڌي چئنلن تان رواجي لکت مٽارائي اسڪرين چينج آڻي سگهجي، رواجي ڌاڙيلگيري، موالي ڪلچر ۽ وڏيراشاهي (ڀوتارا، ڪمدار پوليس) پروموشن ۽ هيرو شپ ڪلچرکان سنڌ آزاد ڪرائي سگهجي قوم جي برين واش ڪري کين حقيقي سائنسي، سماجي، فني تعليم ۽ ٻين مضمونن طرف آڻجي ته سنڌ جو جوان ڪاپي ڪلچر ۽ سفارشي ڪلچر کان آجو ٿي ميرٽ سنڌ بڻجي . سنڌ سلامت ساٿ سلامت. اچو ، گهسو جي سنڌ ۽ سنڌي بچائڻ چاهيو ٿا ، ته ملي پنهنجي مختلف سائني، سماجي، ثقافت، فني، علمي، ادبي، فنون لطيفه، لکتن سان سنڌي قوم جي برش واش ڪريو! ۽ کين سست ، ڪم چور، مواليگيري، ڀوتار گيري، ڪمداري، پوليس ڌاڙيل ڪلچر کان آزادي ڏياري باب الاسلام وارو ، مڪي ۽ مديني مان علم پرائي سنڌ کي نور ڪرڻ وارو ۽ سٻاجهڙو سنڌي بڻايو!. دشمنان اسلام ۽ دشمنان سنڌ ! سازشن تحت صدين کان سنڌ ۾ پناهه وٺندڙن ۽ قابضن ، سنڌ تان باب الاسلام جو نعرو مٽائڻ لا ، سنڌي ريسورسز هٿيائڻ لا ، سنڌ دشمني پاري عياش مائل (عباسي، ميرن ۽ نادرشاهي ڪلچرروشناس ڪرايو. نادر شاه جيڪو سنڌ مٿان گهوڙا چاڙهي آيو ۽ ظلم جي انتها ڪئي ۽ فطري طور تي اڄ جو نئون ڄاول سنڌي به ڪنهن درد تي (گهوڙا ڙي) جي رڙ ٿو ڪري اها انهن ظلمن (عباسي، ميرن ۽ نادرشاهي) ڪلچر جي نشاني آهي . نشا ڏئي سنڌ سُمهاري ڇڏي وئي آهي، کين جاڳائي حقيقي (مڪي مدني) مذهب ۽ دُنياوي ، سائنسي، سماجي ، ٽيڪنيڪل ۽ اڄ جو پاور فُل ميڊيا ميڊيم جو علم حاصل ڪرائڻو آهي. جنهن لا نبي سائين جي حديث آهي ته علم هاضل ڪڻ لا چين وڃڻو پوي ته وڃو. سنڌيو جاڳو! ان موالي ڪلچر کان جان ڇڏايو. دشمنان اسلام۽ دشمنان سنڌ ، جنهن مڪي مدني علم ڏيڻ بجا ، سنڌ جي ماڻهن جي اسلام ۽ سنڌ جي ولين، بُزرگن ۽ نيڪو ڪارن ۽ درويشن سان عقيدتمندي ڏسي انهن جي ئي جي گرد اوتارا يونيورسٽيون جوڙي ، نشي جي عادت ۽ مٿان عشق و محبت وغيره جو ڪلچر ڏئي نه صرف مذهب اسلام کسيو آهي پر سنڌي قوم کي به هميشه لا غلام بڻايو آهي. نادرشاهي جو پيري مُريدي ڪلچر ڏئي سدائين تائين نادرشاه جي (گهوڙا ڙي واري رڙ ۾ ڦاسائي) مٿائن قابض ٿي غلام بڻاو ويو آهي . اچو ته درٻاري شاعرن ۽ اديبن جي سمويل ۽ غلام ٻڻائيندڙ علم مان جان ڇڏائي ، حقيقي (مڪي مديني) جو علم ۽ ٻيا علم به پرايون جنهن ڪري ئي سنڌ باب الاسلام بڻي هُئي ۽ اسلام دشمنن کان برداشت نه ٿيو ۽ اسانکي موالي ڪلچر ۾ ڦاسائي غلام ابن غلام بڻايو ويو. پنهنجي پنهنجي برين واش ڪريو ! علم حاصل ڪريو ! جديد سائنسي، ٽيڪنالاجي ۽ اڄ جو پاور فُل ميڊيا ميڊيم وٺي پنهنجي پاڻ ٿراپي ڪري واپس باب الاسلام وارو ميرٽ سنڌي بڻجو. ڪاپي ۽ سفارشي ڪلچر کان جان آجي ڪريو ! انهن زهرن کان جان ڇڏايو ! (اهي زهر ئي توهان کي سنڌ دشمنن سان دوستي تي اُڀارين ٿا) خدارا !جاڳو ۽ سنڌ کي مزيد جاهل ۽ ٽڪڙا ٽڪڙا ٿيڻ کان بچايو ! سنڌ سلامت ته ساٿ سلامت.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top