• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڻپورو عنوان

حفظ الله ڪاڪا

سينيئر رڪن
وقت ۽ حالتون تبديل ٿيندي ويرم ئي نٿي لڳي، ڪلهه جيڪي هڪ ٻئي جا سخت مخالف هئا، اڄ اهي پاڻ ۾ ميل ملاپ لاءِ پيا واجهائين، ڪڏهن هڪ ٻئي تي لفظي ڪاهون پئي ٿيون ته اڄ پاڻ کي ڳلي لائڻ لاءِ ماندا آهن، ائين ئي جيئن متحده قومي موومينٽ بغير ڪنهن سبب ڄاڻائڻ جي سنڌ حڪومت کان پاسيري ٿي سرڪاري ڌر مٿان ائين پئين ڪاهون ڪيون ڄڻ ته هو ڪڏهن گڏ ويٺا ئي نه هيا، اهڙي ريت ئي سنڌ سرڪار جي سرپست اعلى عوامي مارڪيٽ يعني سنڌ اسيمبلي جي ڪٽهڙي ۾ بيهي متحده تي اهڙيون ته الرون ڪيون جو عام ماڻهون کان اهو بلڪل وسري ٿي ويو ته اهو شخص پيو ڳالهائي جنهن سنڌ کي ٻن انتظامي حصن ۾ ورهائڻ کان به نه لنوايو. اڄ وري وقت پلٽو کاڌو آهي ۽ ٻئي ڌريون هڪ ٻئي کي ڳلي لائڻ لاءِ واجهائن پيون.
ان راز جي ڪل ته نه آهي پر هاڻي ڇا ٿيڻو آهي اها به ڪل اسان عام ماڻهن لا بلڪل اڻڀي آهي...


حفظ الله ڪاڪا
حيدرآباد
 
ان راز جي ڪل ته نه آهي
چون ٿا ته هڪ همراه ڀرپاسي ۾ ميلي ۾ شريڪ ٿيو ۽ پنهنجو اجرڪ گم ڪري ڳوٺ پهتو، مٽن مائٽن حال احوال ورتو ته خبر ميلي جي ؟؟؟ همراه وراڻيو ڇا جو ميلو ؟؟ هي ته سڀيئي ڪٺي ٿيا هئا منهنجي اجرڪ چورائڻ لاءِ.
سو مٺڙا هي ٽوپي ڊرامه صرف غريبن جي مال ۽ سنڌ کي لُٽڻ ڦرڻ جي ناٽڪ آهن. هي سڀيئي ڪٺي ۽ جدا وري ڪٺي ٿيڻ اسان غريبن جو اجرڪ چورائڻ لاءي ٿين پيا .
 
Back
Top