اڻپورو عنوان

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ حفظ الله ڪاڪا طرفان آندل موضوعَ ‏19 فيبروري 2015۔

  1. حفظ الله ڪاڪا

    حفظ الله ڪاڪا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    وقت ۽ حالتون تبديل ٿيندي ويرم ئي نٿي لڳي، ڪلهه جيڪي هڪ ٻئي جا سخت مخالف هئا، اڄ اهي پاڻ ۾ ميل ملاپ لاءِ پيا واجهائين، ڪڏهن هڪ ٻئي تي لفظي ڪاهون پئي ٿيون ته اڄ پاڻ کي ڳلي لائڻ لاءِ ماندا آهن، ائين ئي جيئن متحده قومي موومينٽ بغير ڪنهن سبب ڄاڻائڻ جي سنڌ حڪومت کان پاسيري ٿي سرڪاري ڌر مٿان ائين پئين ڪاهون ڪيون ڄڻ ته هو ڪڏهن گڏ ويٺا ئي نه هيا، اهڙي ريت ئي سنڌ سرڪار جي سرپست اعلى عوامي مارڪيٽ يعني سنڌ اسيمبلي جي ڪٽهڙي ۾ بيهي متحده تي اهڙيون ته الرون ڪيون جو عام ماڻهون کان اهو بلڪل وسري ٿي ويو ته اهو شخص پيو ڳالهائي جنهن سنڌ کي ٻن انتظامي حصن ۾ ورهائڻ کان به نه لنوايو. اڄ وري وقت پلٽو کاڌو آهي ۽ ٻئي ڌريون هڪ ٻئي کي ڳلي لائڻ لاءِ واجهائن پيون.
    ان راز جي ڪل ته نه آهي پر هاڻي ڇا ٿيڻو آهي اها به ڪل اسان عام ماڻهن لا بلڪل اڻڀي آهي...


    حفظ الله ڪاڪا
    حيدرآباد
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    ان راز جي ڪل ته نه آهي
    چون ٿا ته هڪ همراه ڀرپاسي ۾ ميلي ۾ شريڪ ٿيو ۽ پنهنجو اجرڪ گم ڪري ڳوٺ پهتو، مٽن مائٽن حال احوال ورتو ته خبر ميلي جي ؟؟؟ همراه وراڻيو ڇا جو ميلو ؟؟ هي ته سڀيئي ڪٺي ٿيا هئا منهنجي اجرڪ چورائڻ لاءِ.
    سو مٺڙا هي ٽوپي ڊرامه صرف غريبن جي مال ۽ سنڌ کي لُٽڻ ڦرڻ جي ناٽڪ آهن. هي سڀيئي ڪٺي ۽ جدا وري ڪٺي ٿيڻ اسان غريبن جو اجرڪ چورائڻ لاءي ٿين پيا .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. محمد نويد جمالي

    محمد نويد جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    213
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نواب شاھ
    سياست جو اصل مطلب ئي اهو آهي. جتي جهيڙي جي ڪار ڪانهي... سياست جي راند جو صحيح کلاڙي صرف اهو آهي جيڪو نڪ جو پڪو هُجي....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو