فيس بوڪي ڌماچوڪڙي.

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2015۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    فيس بوڪي ڌماچوڪڙي.

    چڱو جو اسان ڪا شيء ايجاد نه ڪئي ايمان ۾ خلل پئي ها... ڪافرن ڪافي خرافات ايجاد ڪيون آهن.. جينئن موبائيل فون، انٽر نيٽ، ڪمپيوٽر وغيره اسين انهن جو بيجا ۽ بي ڍنگو استعمال ڪري انهن کان خوب بدلو پيا وٺون.
    فيس بوڪ به ڪافرن جي ٺاهيل آهي. اسان جي مرضي ڪيئن به استعمال ڪيون. پر هڪڙي ڳاله ضرور تسليم ڪبي ته فيس بوڪي اوطاق ۾ اچڻ جو دروازو آهي، باقي واپسي جو ڪو چانس ڪونهي. ڀنگ جي نشي وانگر ٿڌو ۽ دير تائين هلندڙ نشو.
    صبح جو چانه پي فيس بوڪ تي ويهو اتي سلام دعا سان گڏ قران ، حديث ، حالات حاضره، اخبار جون تازه ترين سرخيون، انٽرٽينمينٽ ، راند جون خبرون، شعر ۽ شاعري، راڳ رنگ آخر ۾ مُلن تي، سنڌين تي، پاڻ تي ۽ دنيا تي لعنت ملامت ڦتڪار سميت هر رنگ مليو وڃي. پوء پيسا ڀري اخبار ڇو وٺون؟
    هڪ اندازي موجب مون سميت هر ماڻهو روزانه جي بنياد تي باقائدگي سان 50 کن لائيڪ، 30 کن شيئر ۽ 20 جي لڳ ڀڳ ڪمنٽس ڪري ٿو. دوستن کي راضي جو ڪرڻو آهي. هڪڙا هڻن ٻيا کڻن. موت، بيماري حادثي جي خبر ته به ”لائيڪ“...اصل مزو لڳو پيو آهي. مختلف سوچ رکندڙن جا گروپ ٺهيل آهن جيڪي هڪ ٻئي کي وٺي کڻن ٿا جو اڳلي جو مٿو خراب ٿيو وڃي. Awesome هڪ اهڙو لفظ آهي جو هر پوسٽ تي ٺهڪيو اچي . روزمره ۽ هلڪي ڦلڪي موضوع تي ڪو ڳالهائڻ لاء تيار نه آهي. الله خوش رکي ٽيگ ڪرڻ وارن کي ڪنهن کي ان موضوع ۾ دلچسپي هجي يا نه هرو ڀرو ٽيگ ڪري گهليندس....... فيس بوڪ جو سڀ کان مزيدار آئيٽم ڪوڙي آئي ڊي وارا عورت نما مرد آهن ...عورت جي خوبصورت تصوير رکي سوين دوست ٺاهيو هڪڙي پوسٽ ڪندا ”مين آج حيدرآبادجا رهي هون“ پوء ته سائين 700 لائيڪ ۽ ڪمنٽس هي هي هاها..... سڀ کان مسڪين طبقو اهڙن شريف ۽ عالم فاضل دوستن جو آهي جيڪي واقعي به ڪجھ سکڻ يا سيکارڻ اچن ٿا وڏي عرق ريزي سان ڪا چيز تيار ڪري پوسٽ ڪن ٿا کين ٻه ٽي لائيڪ ته مليو وڃن پر گھاگھه قسم جي فيس بوڪين ۾ اچي ٿا ڦاسن . جينئن ”رضيه غنڊون مين پهنس گئي“... اهڙو غير ضروري ۽ غير متعلقه بحث ۾ الجھائيندس جو همراه فيس بوڪ ڇڏي الله الله ڪندو وتندو.
    فيس بوڪي فلاسافر اسان کي پنهنجو فلسفو ٻڌائين ٿا جنهن جي هر حالت ۾ آمين ڪرڻي آهي نه ته چڙيو پون ” مان جتي ڳالهايان پيو تون ان تائين پهچي به نه ٿو سگھين“
    ڪي فيس بوڪي درويش آهن جيڪي صحيح معني ۾ خلوص سان پنهنجي سوڇ ۽ ڄاڻ ۽ شوق مطابق ڪم ڪن ٿا پنهنجو هم ذوق حلقه احباب تيار ڪن ٿا، پسند ناپسند، حوصله افزائي جي پرواه ڪرڻ بغير ڪم ۾ مگن رهن ٿا، کين دوست به ملنگ مليو وڃن ... هي فيس بوڪ جي دنيا اهڙن سان آباد آهي ..منهجا اهڙا مخلص ملنگ دوست شل شاد و آباد رهن.
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هاهاها ... تمام سٺو ۽ سچو لکيو اٿو ... سڀ ڳالهيون درست
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مظفر

    مظفر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2014
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    113
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    بيلفيلڊ ، جرمنی
    پر ان نشي مان جان ڇڏائڻ ڏکيو ضرور آهي ناممڪن ناهي. .آء جون 2014 ۾ ان نشي ما ن جان ڇڏائي.قيمتي وقت جي لاء فيس بڪ زهر قاتل آهي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    زبردست ادا قريشي شبير احمد ......سوشل نيٽورڪ ٽيڪنڪل نيٽورڪ آهي زندگي ۾ جتي انسان روبرو دوکو کائي ٿو ته اتي پسي پرده رابطي ۾ ته دوکو لازم آهي چند اهڙا ماڻهون ملندا جن کي ڪنهن مان به ڪي مطلب ناهن هوندا سواءِ ڪجهه سکڻ پڙهڻ جي...مان ايترو چوڻ چاهيندس ته اسان جي وچ ۾ ڪيڏا به عقابر رهندا هجن پر ڊگهي پرک رکڻ باوجود به دوکو کائي ويندا آهن انهن جو ڪو ڏوهه ناهي بس هو اهڙن ماڻهن کي پنهنجو قيمتي ڌيان نه ڏيندا ڪن اهڙن ڄارن ۾ عقلمند جو ڦاسڻ جا سبب هي به آهن ته اسان مان هر انسان وٽ مصروفيت ناهي ٻيو ته انٽرٽيلمنٽ نه هوئنڻ جي برابر آهن.. ٻاهرين ملڪن ۾ ته گهر آئي مهمان کي سلام دعا ڪري وري ڪتاب پڙهڻ لڳي ويندا چاهي مهمان جيڪو سمجهي پر هتي جيستائين ڪلاڪن جا ڪلاڪ مهمان کي انٽرٽلمينٽ نه ڪجي تيستائين لڳيا پيا هجو ڀلي توهان جا ڪيترا ڪم سريل ڇونه هجن........رهي ڳالهه فيس بوڪ جي ته هي نشو به وقت سان گڏ جلد ختم ٿي ويندو ته جئين موبائيل جو جهان آهستي آهستي ختم ٿيندو پيو وڃي ۽ ماڻهون سمجهي ويا آهن ته رانگ نمبر جو مطلب ڇا آهي.... ائين فيس بوڪ مان رانگ نمبر جلد ختم ٿي ويندا..
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. MUHAMMAD ASIF BROHI

    MUHAMMAD ASIF BROHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    323
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    زمينداري
    ماڳ:
    سرهاري،شهدادپور ضلع سانگهڙ
    بلڪل صحيح
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. محمد نويد جمالي

    محمد نويد جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    213
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نواب شاھ
    فيس بُڪ ۽ گوگل سميت ڪيتريون ئي انٽرنيٽ ڪمپنيون پنهنجي يوزرجي باري وقتا فوقتا سروي ڪنديون رهنديون آهن. ايستائين جو ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن شيءَ جي ڳولا ڪندا آهيون ته انهي شيءَ جي باري ۾ جيڪي اشتهار هوندا آهن کڻي اسان جي اڳيان رکنديون آهن. اهي ڪمپنيون اسان جي نفسيات کان به واقف هونديون آهن. اسان جهڙي سوچ رکندا آهيون، اسان کي اهو ئي مواد پيش ڪن ٿيون...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    [​IMG]


    هي وٺو فيس بوڪ جي نشي مان جند آجي ڪرڻ لاء ٽڪيون هڪ صبح جو پاڻي سان وٺو ۽ هڪ شام جو توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    فيس بوڪي فلاسافر اسان کي پنهنجو فلسفو ٻڌائين ٿا جنهن جي هر حالت ۾ آمين ڪرڻي آهي نه ته چڙيو پون ” مان جتي ڳالهايان پيو تون ان تائين پهچي به نه ٿو سگھين“

    فيس بوڪ تي هر تحرير تي آمين ھا سهي سٺو چوڻو آ ڪافي سٺو لکيو اٿو سائين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    سائين سچ لکيو اٿَوَ......
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عبدالعزيز لغاري

    عبدالعزيز لغاري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 فيبروري 2015
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    299
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    سانگهڙ سنڌ
    بلڪل حقيقت آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    حقيقت آ دوست
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو