قريشي شبير احمد
سينيئر رڪن
فيس بوڪي ڌماچوڪڙي.
چڱو جو اسان ڪا شيء ايجاد نه ڪئي ايمان ۾ خلل پئي ها... ڪافرن ڪافي خرافات ايجاد ڪيون آهن.. جينئن موبائيل فون، انٽر نيٽ، ڪمپيوٽر وغيره اسين انهن جو بيجا ۽ بي ڍنگو استعمال ڪري انهن کان خوب بدلو پيا وٺون.
فيس بوڪ به ڪافرن جي ٺاهيل آهي. اسان جي مرضي ڪيئن به استعمال ڪيون. پر هڪڙي ڳاله ضرور تسليم ڪبي ته فيس بوڪي اوطاق ۾ اچڻ جو دروازو آهي، باقي واپسي جو ڪو چانس ڪونهي. ڀنگ جي نشي وانگر ٿڌو ۽ دير تائين هلندڙ نشو.
صبح جو چانه پي فيس بوڪ تي ويهو اتي سلام دعا سان گڏ قران ، حديث ، حالات حاضره، اخبار جون تازه ترين سرخيون، انٽرٽينمينٽ ، راند جون خبرون، شعر ۽ شاعري، راڳ رنگ آخر ۾ مُلن تي، سنڌين تي، پاڻ تي ۽ دنيا تي لعنت ملامت ڦتڪار سميت هر رنگ مليو وڃي. پوء پيسا ڀري اخبار ڇو وٺون؟
هڪ اندازي موجب مون سميت هر ماڻهو روزانه جي بنياد تي باقائدگي سان 50 کن لائيڪ، 30 کن شيئر ۽ 20 جي لڳ ڀڳ ڪمنٽس ڪري ٿو. دوستن کي راضي جو ڪرڻو آهي. هڪڙا هڻن ٻيا کڻن. موت، بيماري حادثي جي خبر ته به ”لائيڪ“...اصل مزو لڳو پيو آهي. مختلف سوچ رکندڙن جا گروپ ٺهيل آهن جيڪي هڪ ٻئي کي وٺي کڻن ٿا جو اڳلي جو مٿو خراب ٿيو وڃي. Awesome هڪ اهڙو لفظ آهي جو هر پوسٽ تي ٺهڪيو اچي . روزمره ۽ هلڪي ڦلڪي موضوع تي ڪو ڳالهائڻ لاء تيار نه آهي. الله خوش رکي ٽيگ ڪرڻ وارن کي ڪنهن کي ان موضوع ۾ دلچسپي هجي يا نه هرو ڀرو ٽيگ ڪري گهليندس....... فيس بوڪ جو سڀ کان مزيدار آئيٽم ڪوڙي آئي ڊي وارا عورت نما مرد آهن ...عورت جي خوبصورت تصوير رکي سوين دوست ٺاهيو هڪڙي پوسٽ ڪندا ”مين آج حيدرآبادجا رهي هون“ پوء ته سائين 700 لائيڪ ۽ ڪمنٽس هي هي هاها..... سڀ کان مسڪين طبقو اهڙن شريف ۽ عالم فاضل دوستن جو آهي جيڪي واقعي به ڪجھ سکڻ يا سيکارڻ اچن ٿا وڏي عرق ريزي سان ڪا چيز تيار ڪري پوسٽ ڪن ٿا کين ٻه ٽي لائيڪ ته مليو وڃن پر گھاگھه قسم جي فيس بوڪين ۾ اچي ٿا ڦاسن . جينئن ”رضيه غنڊون مين پهنس گئي“... اهڙو غير ضروري ۽ غير متعلقه بحث ۾ الجھائيندس جو همراه فيس بوڪ ڇڏي الله الله ڪندو وتندو.
فيس بوڪي فلاسافر اسان کي پنهنجو فلسفو ٻڌائين ٿا جنهن جي هر حالت ۾ آمين ڪرڻي آهي نه ته چڙيو پون ” مان جتي ڳالهايان پيو تون ان تائين پهچي به نه ٿو سگھين“
ڪي فيس بوڪي درويش آهن جيڪي صحيح معني ۾ خلوص سان پنهنجي سوڇ ۽ ڄاڻ ۽ شوق مطابق ڪم ڪن ٿا پنهنجو هم ذوق حلقه احباب تيار ڪن ٿا، پسند ناپسند، حوصله افزائي جي پرواه ڪرڻ بغير ڪم ۾ مگن رهن ٿا، کين دوست به ملنگ مليو وڃن ... هي فيس بوڪ جي دنيا اهڙن سان آباد آهي ..منهجا اهڙا مخلص ملنگ دوست شل شاد و آباد رهن.