پاڪستان ورلڊ ڪپ جي شروعاتي ٻنهي ميچن ۾ هندستان ۽ ويسٽ انڊيز کان شڪست کاڌي آهي، هار جيت ته ٿيندي آهي پر ٻئي ميچون هيڏي وڏي مارجن تان هارائي ٽيم عوام کي مايوس ڪيو آهي.
ڪرڪيٽ هڪ راند آهي، ٽيمن تي برو وقت به ايندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان بري وقت مان ۽ ناقص ڪاڪرڪدگي ڏيکاريندڙ ٽيم ڪجهه ناقابل يقين راند ڏيکاري مٿي چڙهندي آهي. 1992ع ۾ به پاڪستان ٽيم جي ڪارڪردگي اهڙي ئي هئي. ان ٽورنامينٽ ۾ انگلينڊ خلاف پاڪستاني ٽيم صرف 74 رنسن تي به آئوٽ ٿي هئي، ان ٽورنامينٽ ۾ به هندستان پاڪستان کي شڪست ڏني هئي ۽ ويسٽ انڊيز ته پاڪستان کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. ڪنهن کي به يقين ڪونه هو ته ڪا هي ٽيم اڳلي رائونڊ يعني سيمي فائنل ۾ ايندي .... پر پوء سڀني ڏٺو ته ان ٽيم نئين پلاننگ ڪئي ۽ نئين جوش ۽ جذبي سان ورلڊ ڪپ کٽيو.
جيڪڏهن هاڻي به پاڪستان ٽيم ويهي هڪ دفعو سوچي ۽ هر ميچ جو هر سيشن پلان ڪري ته شايد ايندڙ چارئي ميچون کٽي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي سگهي ٿي. ان لاء هڪ حڪمت عملي جوڙڻي پوندي ۽ بالنگ ۽ بيٽنگ آرڊر ۾ خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏ فيلڊنگ جو معيار بهتر ڪرڻو پوندو.