• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاڪستان جي مايوس ڪن ڪارڪردگي پر اڃان به اميدون قائم آهن

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
پاڪستان ورلڊ ڪپ جي شروعاتي ٻنهي ميچن ۾ هندستان ۽ ويسٽ انڊيز کان شڪست کاڌي آهي، هار جيت ته ٿيندي آهي پر ٻئي ميچون هيڏي وڏي مارجن تان هارائي ٽيم عوام کي مايوس ڪيو آهي.

ڪرڪيٽ هڪ راند آهي، ٽيمن تي برو وقت به ايندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان بري وقت مان ۽ ناقص ڪاڪرڪدگي ڏيکاريندڙ ٽيم ڪجهه ناقابل يقين راند ڏيکاري مٿي چڙهندي آهي. 1992ع ۾ به پاڪستان ٽيم جي ڪارڪردگي اهڙي ئي هئي. ان ٽورنامينٽ ۾ انگلينڊ خلاف پاڪستاني ٽيم صرف 74 رنسن تي به آئوٽ ٿي هئي، ان ٽورنامينٽ ۾ به هندستان پاڪستان کي شڪست ڏني هئي ۽ ويسٽ انڊيز ته پاڪستان کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. ڪنهن کي به يقين ڪونه هو ته ڪا هي ٽيم اڳلي رائونڊ يعني سيمي فائنل ۾ ايندي .... پر پوء سڀني ڏٺو ته ان ٽيم نئين پلاننگ ڪئي ۽ نئين جوش ۽ جذبي سان ورلڊ ڪپ کٽيو.

جيڪڏهن هاڻي به پاڪستان ٽيم ويهي هڪ دفعو سوچي ۽ هر ميچ جو هر سيشن پلان ڪري ته شايد ايندڙ چارئي ميچون کٽي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي سگهي ٿي. ان لاء هڪ حڪمت عملي جوڙڻي پوندي ۽ بالنگ ۽ بيٽنگ آرڊر ۾ خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏ فيلڊنگ جو معيار بهتر ڪرڻو پوندو.
 
پاڪستان هيل به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو افسوس انهن وڙهين پوڙهين تي هر هر پئسا خرچ ڪرڻ کان بهتر ناهي ته ٽيم مڪمل تبڊيل ڪئي وڃي.....
 
ڪرائسٽ چرچ ۾ جڏهن پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته کٽڪي ان ئي وقت ويو هو ته ڪاٿي ٽارگٽ کي ڏسي وري نه بيٽس مينن جا هٿ پير سڄي وڃن.. ۽ کٽڪن جي بلڪل مطابق اهو ئي ٿيو.. جڏهن ويسٽ انڊيز جي رانديگرن آخري ٽن اوورز ۾ 51 رنز حاصل ڪري ٽوٽل 310 تائين پهچايو ته پريشر ان ئي وقت پاڪستان جي مٿان اچي چڪو هو.. ۽ اهو به ظاهر به ٿيو جو موٽ ۾ رڳو هڪ رن تي پاڪستان جون 4 وڪيٽون ڪري پيون...

cVfMsKW.jpg

ان طرح ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان پهريون شرمناڪ اعزاز رکندڙ ملڪ بڻيو جنهن جون 4 وڪيٽون رڳو هڪ رن تي ڪريون هجن.. هتي دوستن جي دلچسپي خاطر سڀ کان گهٽ اسڪور تي 4 وڪيٽون وڃائيندڙ ٽيمن جا انگ اکر پيش ڪجن ٿا..

  • پاڪستان بمقابلا ويسٽ انڊيز ماڳ ڪرائيسٽ چرچ 21 فيبروري 2015 .. 1 رن 4 آئوٽ
  • ڪينيڊا بمقابلا زمبابوي ماڳ پورٽ آف سپين 16 مئي 2006 ... 4 رنز 4 آئوٽ
  • بنگلاديش بمقابلا سري لنڪا ماڳ پيٽرميرٽزبرگ 14 فيبروري 2003 ... 5 رنز 4 آئوٽ
  • سري لنڪا بمقابلا بنگلاديش ماڳ ڍاڪا 16 جنوري 2009... 5 رنز 4 آئوٽ
  • ڪينيڊا بمقابلا هالينڊ ماڳ ڪنگ سٽي 29 آگسٽ 2013... 5 رنز 4 آئوٽ
  • بنگلاديش بمقابلا انگلينڊ ماڳ ڍاڪا 10 نومبر 2003... 7 رنز 4 آئوٽ
  • آسٽريليا بمقابلا ڏکڻ آفريڪا ماڳ ڪيپ ٽائون 4 مارچ 2006.... 7 رنز 4 آئوٽ
  • بنگلاديش بمقابلا ويسٽ انڊيز ماڳ ڍاڪا 7 ڊسمبر 2012... 7 رنز 4 آئوٽ
  • بنگلاديش بمقابلا سري لنڪا ماڳ ڍاڪا 2 نومبر 1988 ... 8 رنز 4 آئوٽ
  • زمبابوي بمقابلا بنگلاديش ماڳ چٽاگانگ 3 نومبر 2009... 8 رنز 4 آئوٽ
  • انڊيا بمقابلا زمبابوي ماڳ ٽينبرج ويلز 18 جون 1983.... 9 رنز 4 آئوٽ
  • پاڪستان بمقابلا ويسٽ انڊيز ماڳ سڊني 17 ڊسمبر 1992... 9 رنز 4 آئوٽ
  • پاڪستان بمقابلا ڏکڻ آفريڪا ماڳ لاهور 2 نومبر 1997... 9 رنز 4 آئوٽ
 
ورلڊ ڪپ جي آغاز کان پهريان ويسٽ انڊيز کي ڪمزور ٽيم سمجهيو ٿي ويو ۽ آئرلينڊ کان بدترين شڪست کان پوءِ ان ڳالهه جي پڪ به ٿي چڪي ... پر جڏهن پاڪستان کي 150 رنز جي شڪست ڏنائين ته ڪافي مضبوط، تواني ۽ تڳڙي ٽيم ثابت ٿي.. ان طرح پاڪستان کي ڌوئيندي ويسٽ انڊيز ٽيم آئرلينڊ کان کاڌل شڪست به ڌوئي ڇڏي...
هڪ موقعي تي پاڪستان ناصر جمشيد، يونس ۽ حارث جي زيرو زيرو رنس جڏهن ته رڳو شهزاد جي هڪ رنز تي 4 رانديگر وڃائي ويٺو ۽ وري ٽوٽل 25 تي مصباح به همت هاري ته کٽڻ يا هارائن ته ٺهيو پر رڳو اهو طئي ڪرڻ باقي وڃي رهيو ته پاڪستان کي شڪست ڪيتري مارجن کان ملندي..

yxhsUNt.jpg

160 رنز تي آل آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان 150 رنز کان وڏي مارجن جي شڪست ورتي... اها ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ ڪنهن به ٽيم جي سڀ کان وڏي شڪست هئي ... هتي دوستن جي دلچيسپي خاطر ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ پاڪستان طرفان وڏي مارجن کان کاڌل شڪست لسٽ پيش ڪجي ٿي...
  • پاڪستان بمقابلا ويسٽ اينڊيز ماڳ ڪرائسٽ چرچ 21 فيبروري 2015.. 150 رنز تان شڪست
  • پاڪستان بمقابلا انگلينڊ ماڳ ڪيپ ٽائون 22 فيبروري 2003... 112 رنز تان شڪست
  • پاڪستان بمقابلا نيوزيلينڊ ماڳ پالي ڪيلي 8 مارچ 2011... 110 رنز تان شڪست
  • پاڪستان بمقابلا آسٽريليا ماڳ جوهانسبرگ 11 فيبروري 2003... 82 رنز تان شڪست
  • پاڪستان بمقابلا انڊيا ماڳ ايڊيليڊ 15 فيبروري 2015 ... 76 رنز تان شڪست
  • پاڪستان بمقابلا آسٽريليا ماڳ ليڊز 7 جون 1975 ... 73 رنز تان شڪست
 
جيڪڏهن هاڻي به پاڪستان ٽيم ويهي هڪ دفعو سوچي

توهان جي ڳالھ صحيح آهي پر اها پاڪستاني ٽيم تي لاڳو ڪيئن ٿي ڪري سگهجي؟ هتي کلاڙي ڪوچ سان ته، ڪوچ ڪپتان سان، ڪپتان اوپنر سان ۽ اوپنر وري ڪنهن ٽِئين سان ٺهي ئي ڪو نه... هي پاڻ ۾ ئي ڪونه ٿا ٺهن...
 
ادا اسان وارن جو حال پورو آهي ، خدا جي طرفان کان سولي ٿئي اُها ٻي ڳالهه آهي
جيئن ڀا زيشان رشيد پاکستان جي ڪارڪردگي بيان ڪئي آهي اُن کي ڏسندي پاکستان ۾ اميد رکڻ به فضول آهي
 
ڳالهين ۾ وزن ته آهي.
مئچ فڪسنگ کي پاسي رکي ڳالهه ڪجي ته منهنجي ذاتي پسند جون ڪجهه ٽيمون آهن.
آسٽريليا ۽ سائوٿ آفريڪا (ڪڏهن به ڪنهن به حالت ۾ هٿيار فٽا نه ڪبا ڀلي ڪجهه به ٿي پئي.
انڊيا (هر دؤر ۾ بئٽنگ ٽاپ تي).
ويسٽ انڊيز ۽ پاڪستان (ڪڏهن به ڪجهه به ڪري وڃڻ جي صلاحيت).
باقي ڪنهن کي ڪا ٽيم قوميت جي بنياد تي نه ٿي وڻي ته اها ان جي سوچ
 
ڪرڪيٽ جي وڏڙن کان ٻڌو آهي ته ڪرڪيٽ راند ۾ 3 شعبا ٿيندا آهن، بالنگ، بيٽنگ ۽ فيلڊنگ.
پاڪستان جي بيٽنگ هلندي آهي ته بالنگ ڪم نه ڪندي آهي، بالنگ ڪم ڪندي آهي ته فيلڊنگ ڪم نه ڪندي آهي ... اهي ٽئي شعبا بلڪل ڪمزور آهن، جيڪي لڳي ٿو ته ڪڏهن به صحيح نه ٿيندا.
 
بلڪل صحيح ... پاڪستان ٽيم تي ڪيترا اهڙا موقعا آيا آهن جن ۾ ٽيم جي پرفارمنس ٽنهي شعبن ۾ زيرو رهي آهي .... پر پوء به اميد قائم رهي.
 
بلڪل اوهان سچا ثابت ٿيا. نه سرفراز ڌوڪو ڏنو نه وري اوهان.

هاهاهاها ... سرفراز واقعي ڌوڪو ڪونه ڏنو .... پر مان هڪ اينالائسز ڪئي هئي ... ان بنياد تي لکيو هيم ... هاڻي ٽيم اڳتي ڇا ٿي ڪري اها ٻي ڳالهه آهي، ڇو ته هاڻ دنيا جون 8 ٽاپ ٽيمون ميدان ۾ آهن، جن مان هڪ پاڪستان به آهي.
 
هڪ دفعي سليمان لکيو ته پاڪستان مليل ٽارگيٽ 170 ڪونه ٺاهي سگهندو... سندس اهو فيس بوڪ اپڊيٽ مونسان گڏ ويٺل هڪ دوست پڙهي ورتو جيڪو پاڪستان جو وڏو مداح آهي... کائنس رڙ نڪري وئي ته ... چيائين ”يار هاڻي پاڪستان واقعي نه کٽندو... جو توهان وارو هي دوست جڏهن به ڪرڪيٽ بابت ڪجهه لکندو آهي ته ائين ئي ٿيندو آهي..“
مون کيس تسليون ته ڪافي ڏنيون پر ٿيو وري به اهو جيڪو سليمان لکيو هو...
هاڻي به جڏهن سليمان اميدون قائم ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي ته ساڳي دوست فون ڪري پڪ ڏني ته پاڪستان ڪوارٽر فائنل ۾ اچي ويندو... ۽ ڳالهه ثابت ٿي... :)
هاڻي دوست سليمان کي اڳتي جي پيشنگوئي جو عرض رکجي ٿو.. :)
 
مون صرف ڪوارٽر فائنل ۾ پهچڻ جي ڳالهه ڪئي هئي ...... ڇوته هاڻ دنيا جو ٽاپ ليول جون 8 ٽيمون ميدان ۾ آهن ۽ ڪنهن به غلطي جي گنجائش ناهي .... تنهنڪري اڳڪٿي ته نه پر مفروضا جوڙي سگهجن ٿا.

ڪوارٽر فائنل جي ڳالهه ڪجي ته نوزيلينڊ ۽ انڊيا ڇو ته ناقابل شڪست آهن ۽ انهن سان ٽيمون به نسبتن آسان آهن، تنهنڪري ٻئي کٽي سگهن ٿيون ..... پر ويسٽ انڊيز پاڪستان وانگر ڪجهه به ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي ، پر پلڙو نيوزيلينڊ جو ڳرو آهي.

سريلنڪا ۽ ڏکڻ آفريڪا ... سڀ کان وڌيڪ ٽف مقابلو آهي پر ڏکڻ آفريڪا هميشه وڏن ميچن جو پريشر کڻي نه سگهندي آهي ۽ اها سندس روايت آهي، تنهنڪري سريلنڪا کٽي سگهي ٿي.

هاڻي اچو پاڪستان ۽ آسٽريليا طرف ..... آسٽريليا جو هوم گرائونڊ ۽ هوم ڪرائوڊ آهي، تنهنڪري اهو ايڊوانٽيج اٿس، ٻيو ته ورلڊ چيمپيئن ۽ دنيا جي پهريون نمبر ٽيم آهي. پر اسان واري ٽيم جو جنهن ڏينهن ڪجهه ڪرڻ جو موڊ هوندو آهي ته وڏن وڏن کي زير ڪري وٺندي آهي .... ۽ ٻيو ته هنن ٻنهي ٽيمن وٽ ورلڊ ڪلاس سئنگ بالر موجود آهن. آسٽريليا جو اسٽارڪ ۽ مچل جانسن لاجواب بالر آهن ۽ پاڪستان جا تيز بالر ئي ته آهن جن پاڪستان کي ٽورنامينٽ ۾ واپس آندو آهي ..... تنهنڪري بظاهر آسٽريليا فيورٽ آهي پر هوم گرائونڊ ۽ هوم ڪرائوڊ جو پريشر به اٿس. ڳالهه ڏکي ضرور آهي پر ناممڪن ناهي ..... پهريان 15 اوور ٻنهي ٽيمن لاء اهم آهن
 
يار سياڻو ماڻهون آهين... هن چڪر ڳالهه سياسي ڪري وئين نه... :)
 
Back
Top