• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گوگل جو سنڌي ترجمو : سڀني سنڌين کي هٿ ونڊائڻ جي گذارش

دوستن کي گذارش آهي شبير ڪنڀار صاحب پاران وقت به وقت گوگل ترجمي بابت اپڊيٽس اچن پيون. سندس فيسبوڪ پروفائل جو ڀيرو ڀريندا رهو ۽ هن لنڪ تي موجود تصويرن جي البم ۾ به ڪافي صلاحون ۽ رهنمائي موجود آهي.
 
مان روزانو 20 يا 30 جملا الله جي ڏني مان ترجما ڪندو آهيان
اميد ته هي پروجيڪٽ تمام جلد مڪمل ٿيندو ۽ اسان جي سنڌي ٻولي گوگل ٽرانسليٽ ۾ شامل.ٿيندي
 
هن ۾ هڪ ڳالهه هي به آهي ته نج سنڌي لفظن جي معني لکڻ تمام ضروري آهي، ڇو ته بازاري ٻولي ۽ ڪتابي ٻولي ۾ وڏو فرق آهي اهو خيال رهي جيڪي دوست اردو ٽرانسليٽ تان مدد وٺن ٿا اهي سڌي ريت اردو وارن لفظ کي سنڌي ۾ نه لکن بلڪ اصل سنڌي ٻولي جو پنهنجو لفظ ان ترجي اڳيان لکيو وڃي ته جئين نج سنڌي ٻولي جو ترجمو ٿي سگهجي.
 
تمام سٺو ڪم ٿي رهيو آهي پر.....

پهريان سنڌي ڳالهائڻ تي ڪنٽرول هجڻ گهرجي ڇو ته مان زندگي جا 24 سال سنڌ ۾ رهي ڪري غير سنڌين سان گذاريا آهن ۽ مون مشاهدو ڪيو آهي ته ...

1. ڪراچي ۾ رهڻ وارا سنڌي ڀائر پهنجن ٻارن کي سنڌي بدران اردو ڳالهائڻ کي طرجيح ڏين ٿا.

2. ڪراچي ۾ جيڪو سنڌي ڀاء غير سنڌين مان شادي ڪريٿو ته ان جي اولاد کي ته سنڌي اچيئي ڪونه ٿي.

3. جيڪڏهن ڪٿي سنگت ۾ چار ڄڻا ويٺا آهن ۽ انهن ۾ هڪ غير سنڌي آهي ته اهي چارئي ڄڻا پاڻ ۾ به ڌارئي ٻولي ڳالهائن ٿا جيئن اهو غير سنڌي به سمجهي حالانڪ ڪرڻ اڃين گهرجي ته هو پاڻ به ۽ ان ڌارئي سان به سنڌي ڳالهائن ته جيئن اهو به سنڌي سکي وٺي.

ان ڪري چوان پيو لکڻ سان گڏ ڳالهائڻ تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي. ڇوته انسان پهريان ڳالهائڻ سکندو آهي پوء لکڻ ۽ پڙهڻ سکندو آهي.
 
Back
Top