• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاڪستان ورلڊڪپ جي ڊوڙ ۾ شامل

امير عدنان

سينيئر رڪن
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ مسلسل ٻن شڪستن بعد ٽورنامينٽ مان نڪرڻ واري خدشن ۾ گهريل آ، هن وقت ٽيم پاڪستان مرڻ ۽ مارڻ واري صورتحال سان دوچارآ، ٻن مئچن هارائڻ بعد ڪوارٽر فائنل تائين رسائي حاصل ڪرڻ لا هر مئچ کٽڻو آهي. ورنه اگر مگر جيڪڏهن واري صورتحال هوندي. ان صورتحال ۾ پنهنجي ٽئيڻ مئچ زمبابوي کان ڇڪي تانڻي کٽي آهي. پرفارمنس خاص ته نه رهي پو به مئچ جو کٽڻ آڪسيجن جو ڪم ڪندو. هي حاصل ڪيل فتح ٽيم پاڪستان کي فتح جي ٽريڪ تي چاڙهڻ جو موجب بڻبي. باقي رهيل مئچن مان هڪ متحده عرب عمارت، ڏکڻ آفريقه ۽ آئرلينڊ سان آهن. جن مان ڏکڻ آفريڪا مضبوط ۽ تجربيڪار حريف آهي ۽ باقي ٻه ٽيمون به سٺي فارم ۾ آهن، خاص ڪري آئرلينڊ جي کاتي ۾ ويسٽ انڊيز خلاف حاصل ڪيل شاندار فتح به شامل آهي. شائقين لا ڏسو ۽ انتظار ڪيو واري صورتحال آهي.
 
وڏن ڪشالن کان پوءِ همراهن ڪرڪيٽ مئچ کٽي ورتي.... مزي جي ڳالهه ته 1992 ۾ به پاڪستان پهريان ٻئي مئچ هارائڻ کان پوءِ ٽيون مئڇ زمبابوي خلاف ئي کٽيو هو
 
پاڪستان ميچ ته کٽي ويو پر وڏي جفاڪشي کانپوءِ .... زمبابوي کان وڏي مارجن تان کٽڻو هين پر لڳي ٿو ٽيم گذريل ميچن جي شڪست جي نفسياتي پريشر کان ٻاهر آيل ڪونه هئي .... ناصر جمشيد بيٽنگ ۽ فيلڊنگ ٻنهي ۾ بري طرح ناڪام ويو آهي ۽ ڪافي وقت کان ساڳي قسم جي پُل شاٽ تي آئوٽ ٿي رهيو آهي، عمر اڪمل اسپنرز تي مسلسل ڪيچ ڊراپ ڪري رهيو آهي ... مان سمجهان ٿو سرفراز کي ٽيم ۾ هجڻ گهرجي ۽ اوپن عمر اڪمل ۽ احمد شهزاد کان ڪرائي وڃي.

اسان وارو ڪپتان ٽيم ۽ اننگز کي سنڀالي ته ٿو پر تمام ڍلو ۽ سست پيو کيڏي، جيڪڏهن هو 50 اوور کيڏي به سينچري ڪونه ڪندو ته پوء سڄي عمر ون ڊي سينچري ٺاهي نه سگهندو. پاڪستان ڪالهه به سُستي ۽ آهستگي جا ٻه عالمي رڪارڊ جوڙيا آهن. ان جو مطلب ته عالمي رڪارڊ جي ڊوڙ ۾ پاڪستان سڀني کان اڳتي آهي، پوء اهي ڪهڙا به هجن. 10 اوورن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اسڪور ۽ 15 اوورن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اسڪور جا عالمي رڪارڊ به ڪالهه پاڪستان جي کاتي ۾ آيا.

ڀلو ٿئي سٽوري وهاب رياض جو جنهن جي اڌ سينچري ڪم آئي، نه ته آفريدي صاحب ته سالگرهه جو تحفو انڊي جي صورت ۾ ۽ 10 اوورن ۾ بغير وڪيٽ اڌ سينچري رنسون ڏئي ملڪ کي خوار ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي.

خير پاڪستان ٽورنامينٽ ۾ واپس آيو اهو ڀلو ٿيو پر هاڻ وري ميڊيا اسان جا ڪن کائي ويندي ....
 
بلڪل جهڙي طرح مئچ کٽڻ کپي ان طرح نه کٽي. ناصر کي سرفراز سان مٽجڻ کپي. ڪيپنگ ۾ اڪمل خاندان فيل ٿي چڪوآ. هارث سهيل هونئن ئي اوپنر جو ڪم ڪري رهيو آهي. عمر جي جا3 تي ان کي اوپن ڪرڻ کپي. کاٻي ساڄي وارو جوڙو به ٺهندو. مصباح جو انداز ئي سدائين اهڙو رهيو آ پر وري ٽيسٽ ۾ تيز به کيڏيوآ گذريل ڏينهن ۾. هونئن ته مصباح جو وقت پورو عمر جي حوالي سان پر اميد ته متان سينچري هڻي وڃي هن ٽورنامينٽ ۾. آفريدي پاڪستان ڪرڪيٽ کي نقصان ئي پهچايوآ. ناصر۽ راحت کي اظهر ۽ عمرگل سان مٽائڻ کپي.
 
Back
Top