امير عدنان
سينيئر رڪن
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ مسلسل ٻن شڪستن بعد ٽورنامينٽ مان نڪرڻ واري خدشن ۾ گهريل آ، هن وقت ٽيم پاڪستان مرڻ ۽ مارڻ واري صورتحال سان دوچارآ، ٻن مئچن هارائڻ بعد ڪوارٽر فائنل تائين رسائي حاصل ڪرڻ لا هر مئچ کٽڻو آهي. ورنه اگر مگر جيڪڏهن واري صورتحال هوندي. ان صورتحال ۾ پنهنجي ٽئيڻ مئچ زمبابوي کان ڇڪي تانڻي کٽي آهي. پرفارمنس خاص ته نه رهي پو به مئچ جو کٽڻ آڪسيجن جو ڪم ڪندو. هي حاصل ڪيل فتح ٽيم پاڪستان کي فتح جي ٽريڪ تي چاڙهڻ جو موجب بڻبي. باقي رهيل مئچن مان هڪ متحده عرب عمارت، ڏکڻ آفريقه ۽ آئرلينڊ سان آهن. جن مان ڏکڻ آفريڪا مضبوط ۽ تجربيڪار حريف آهي ۽ باقي ٻه ٽيمون به سٺي فارم ۾ آهن، خاص ڪري آئرلينڊ جي کاتي ۾ ويسٽ انڊيز خلاف حاصل ڪيل شاندار فتح به شامل آهي. شائقين لا ڏسو ۽ انتظار ڪيو واري صورتحال آهي.