اڄ جي سنڌ اسانجي تاريخي آئني ۽ ٽيڪنالجيءَ جي نظر ۾ کُلي ٿي

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏4 مارچ 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اڄ جي سنڌ اسانجي تاريخي آئني ۽ ٽيڪنالجيءَ جي نظر ۾ کُلي ٿي
    عام فهم تحرير، سنڌيڪاري ۽ تحقيق : انجنيئر عبدالزاق ميمڻ

    سڀني کي خبر آهي ته يوناني ڪاهي (اليگزينڊر دي گريٽ) سن 352 ق.م ۾ سنڌ تي قابض ٿيو هو. جنهنڪري يوناني زبان ۾ سنڌ جو نالو (انڊس) پيو هو. اليگزنڊر جنهن انڊس رور (سنڌو ندي) پار ڪئي هُئي ته سنڌو نديءَ جي ڪنارن تي آباد قومن کي انڊوس (سنڌي) سڏيو. سنسڪرت جي زبام ۾ به سنڌوءَ جو مطلب آهي (ندي) تواريخ ٻُڌائي ٿي ته قديم ايرانين جي عادت هُئي ته هو پنهنجي هر شيءِ يا علائقي جو نالو نهرن ۽ ندين جي حوالي سان اُچاريندا آهن. جيئن ته اسانکي به خبر آهي ته فارسي زبان ۾ اڱر (س) اکر (هه) سان اُچاريو ويندو آهي اُن ڪري اُنهن سنڌ جي سين (س) کي (ه) هه سان بدلائي (هندس) ڪري پڙهيو ! ۽ سنڌ به سنسڪرت موجب هندس ۾ سڏجڻ لڳي ۽ پوءِ مذهبي تهذيب جي آڌار کان ٻن اسٽيٽس ۾ ورهائجي وئي يعني هند ۽ سنڌ . پوءِ جڏنهن 17 صديءَ ۾ برصغير ايشايا ۾ انگريز سرڪار جو راڄ آيو ته هُنن به هند ۽ سنڌ لي مختلف حيثيت ڏئي برقرار ته رکيو . پر يونانين جي پيروي ڪندي ٻهين اسٽيٽس کي گڏ ڪري (انڊوس) انڊيا چوڻ شروع ڪيو. يعني انڊس رور (سنڌو نديءَ) جي ڪنارن تي آباد ٿيندڙ قومون. هندستاني تراني ۾ (ورهاست کان پهرين واري) سنڌو (انڊس رور) يعني سنڌو نديءَ جو ذڪر ٿيل آهي. (حوالو : وڪي پيڊيا) هيڊنگ : اوريجن آف دي نيم)
    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏5 مارچ 2015
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌ جا شروعاتي علائقا، وسنديون ۽ ڳوٺ (اسانجي سنڌ تواريخ جي آئني ۾)
    اسانکي خبر آهي ته اڄ جي نالي سان سڏجندڙ واديءَ مهراڻ يا (انڊس سولائيزشن) جي تواريخ 7000 سال ق. م کان آهي. انهن ق م وقتن جي دئور ۾ جيڪا پهرئين سنڌ جي آبادي ملي ٿي اُها اڄ جي بلوچستان ۾ قائم (مهرڳڙه) آهي. اهڙيءَ طرح سان واديءَ مهراڻ جي پکيڙ 3000 سال ق. م تائين مرڪز (مهر ڳڙه) کان شروع ٿي ۽ چوڌاري ڦهلجندي وئي . جنهن اڳتي هلي ايليگزينڊر جي انڊوس (سنڌو) يا انڊس سولائيزيشن (واديءَ مهراڻ) کي جنم ڏنو. سنڌ جي تهذيبن ۾ قديم مصر ۽ ميسوپٽيميا جي تهذيبن به جنم ورتو هو جنهن ۾ تهذيب ۽ ثقافتون جُڙيون هُيون.
    مهرگڙه ، 6500 ق. م کان 2500 ق. م تائين ، انڊس رور جي مغرب ۾، بولان پاس جي ويجهو، ۽ پاڪستاني شهرن ڪوئٽيا، قلات ۽ سبيءَ جي وچ ۾ قائم آهي جنهن کي 1974ع ۾ آرڪيالجسٽ ڳولي لڌو هو. جنهن ٽيم جو فرينچ ليڊر هو ( جين فرانسڪوئس جيرگ) ۽ (ڪيٿرن جيرگ).
    [​IMG]
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌي جون شاندار تهذيبون تمدن ۽ رهڻي ڪحڻي (اسانجي سنڌ تواريخ جي آئني ۾)
    هڙپا، موئن جو دڙو ۽ ڪو ڏيجي اهي گواهيون آهن جيڪي سنڌي ماڻهن جي شاندر تهذيب، رهڻي ڪهڻي ۽ تمدن جون شاهديون ٿيون ڏين ته سنڌي 25 صدي ۽ 1500 ق. ۾ به اُن وقت جا معزز ۽ بهترين شهري هُئا ۽ هي نشانيون سندن هُنر ، علم ، تهذيب، ادب آداب ، رهڻي ڪهڻي شهريت جي گواهي ڏين ٿا. جنهن کي اڄ جا بي پيڙها پناهگير نندين ٿا ۽ جاهل چون ٿا جن کين پنهنجي هنج ۾ پناه ڏئي نئون روح ڦوڪي انسان نٻايو ۽ گهر گهاٽ ڏنو. ۽ ڪو به سنڌي ادب جو دائو کين ماضيءَ جا ۽ تواريخي حوالا ڏئي خاموش نٿو ڪري!
    هي تهذيبون ٻوڌائين ٿيون ته ڪيئن سنڌي پنهنجا گهر ٺاهي رهندا هُئا جيڪا اڄ جي انجنيئرنگ جا به مڃيل آهن. ڇهين صدي ق. م ۾ سنڌ پهرئين مفتوح ٿيو هو (فارسي اڪامينڊ امپائر) جنهن لازمي نڌ جي شاندار تهذيب ۽ تمدن تي پنهنج اٿر به ڇڏيا هوندا. ۽ اُن کان پوءِ 300 صديون ق. م سنڌ مفتو ح ٿيو هو ، اليگزينڊر جي سربراهيءَ ۾ ۽ شامل ٿي سنڌ ۾ (ميڪيڊونين گريڪ) تهذيب به. ۽ اها محض ڪي ڏهاڪا سنڌ تي مقبوض رهي. الگزينڊر جي موت کان پوءِ سنڌ وري قابض ٿي (سيلسوڊ رول جي) ۽ پوءِ وري چڙهي 305 ق. ۾ ۾، چندر گُپتا جي (موران ايپائر جي) ، جنهن دوارن سنڌ ۾ (اشوڪا ۽ بڌ ڌرم ) مذهبن جنم ورتو هو. ماريا جو دئور 185 ق. ۾ ختم ٿي چُڪو ، ۽ آخري سنڌ تي قابض هو (سنگا ڊينسٽي) جو بادشاه . 1000 ق. م (اڪائيٿين قبيلو) ڦهليو ۽ سنڌ مان (پنجاب ريجن ) جو بُياد پيو. اُنهن (سسٽان )کي سنڌ ۾ رهي پنڊ پهڻ ڪري، (سائوٿ افريڪايشيا) جوڙي ورتو. ۽ پهرئي صديءَ تائين سنڌ سان (ٽوچان ڪوشارين ايمپائر) جُڙي، ۽ (ڪوشارين) جي ذريعن سان (زوراسٽرين) جنهن جا قديم فارسين سان واسطا هُئا جن سنڌ ۾ بُڌ رم مذهب کي ڇُوٽ ڏني. ۽ انهيءَ ورچاءَ سان گهڻئي مذهبي بلڊنگون جوڙيون. گهڻي تعاد ۾ (آهرس) به سنڌ ۾ ڏسڻ ۾ آيا. پوءِ اڀيرا ٽرائيب جو ابيرا مُلڪ (سائوٿرن سنڌ ۾) به جُڙيو هو. 200 ع جي وچ ۾ (ڪُشان ايمپائر) ، فارس جي (ساسانين ايمپائر ) کان شڪست کاڌي، ۽ انهن حاڪمن به 300ع ۾ (ڪدارٽس) کان شڪست کاڌي. ۽ پوءِ سنڌ تي (گُپتا امپائر) يا (هنس) مقبوض رهي. ۽ پوءِ سنڌ تي (هرشاورڌان) جو قبضو ٿيو. ۽ پءِ 478ع ڌاري (راءِ راڄ) جو وُجود پيو. جنهن کي 632ع ۾ (الوڙ) جي چاچڙن ڀڄائي ڪڍيو. ۽ هن دئور ۾ (برهمڻ) جو گهڻو وقت رهيو جن مُلتان کان رڻ ڪڇ تائين ڦهلاءُ ڪيو. ۽ پوءِ 711ع ۾ آيو محمد بن قاسم ۽ سنڌ مُسم امپائر بڻي.
    [​IMG]
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌي ماڻهن جو تواريخي گهر سنڌ
    سنڌ جيئن اسان لکي آيا آهيون ۽ تواريخن جي مختلف حوالن سان به معلوم ٿيو آهي ته، سنڌ يا هند ، سنڌي ماڻهن جو تواريخي گهر تڏنهن کان رهيو آهي جڏنهن کان سنڌو دريا جو وُجود رهيو آهي جنهن کي سنڌي ماڻهون (مهراڻ به) چون ٿا. سنسڪرت ۾ (مهراڻ) کي (سنڌو) سڏيو ويو ۽ رهواسين کي (سنڌي). قديمي ايراني (مهراڻ يعني سنڌوءَ) کي (هندو) سڏيندا هُئا ان ڪري جو هو سين (س) اکر کي هي (ه) اکر ڪري اُچاريندا هُئا. ستين صدي ق. م ۾ (اسيريان) مهراڻ کي (سندا يا سنڌا) جي نالي سان پُڪاريندا هُئا. فارسين جي ويجهو مهراڻ جو نالو (آب سنڌ) اباسند هو. گريڪ يا يوناني مهراڻ کي (انڊوس) ۽ رُومن (انڊس) چوندا ُهئا. پٺاڻن جي ويجهو فارسيءَ کان مُتاثر ٿي (ابا سنڌ) يا اباسين يعني آب سنڌ يعني سنڌ جو پاڻي). عرب سڳوران مهراڻ کي (السند) ته چائني (سِن ٽو) ۽ جاوا (جاوانيز) جا ماڻهون مهراڻ کي (سانتري) سڏيندا آهن. سنڌ جي پکيڙ (ويسٽ ۾) بلوچستان ، (نارٿ ۾) پنجاب ، (ايسٽ ۾) اڄ جو هنستاني گُجرات ۽ راجستان، ۽ (سائوٿ ۾) عربي وڏو سمنڊ (عربين سي) آهي. جتي هر جڳهه کان سنڌوءَ جو پاڻي اچي ڇوڙ ڪندو آهي.

    سنڌ ۾ ٻُڌهسٽ مذهب کان پوءِ اسلام جي آمد

    سنڌ ۾ 711ع کان اڳ (ٻُڌسٽ) مذهب هوندو هو جنهن جو حاڪم راجا(ڏاهر) هو جيڪو چچ (الوڙ) جو به راجا هو. هن جا وڏا (راءِ ڊينسٽيءَ) جا حواري هُئا جيڪي ٻُڌهسٽ ۾ذهب جو پوئلڳ هُئا. راجا ڏاهر جو هڪ ٻيو مخالف راڄ يا قبيلو هو (جاٽ) يا (جَتَ) جو.

    جت يا جاٽ به جيڪي سنڌ جي هڪ علائي تي گورنري ڪندا هُئا. اهي بُنيادي طور سنڌ جا هاري ۽ پورهيت هُئا. جيڪي پوءِ سنڌ مان نڪري قائم ٿيندڙ حصي پنجاب ، دهلي ۽ راجپوتانه علائقن ۾ وڃي رهائش پذير ٿيا. هي اُهي اُهان جن آخر ۾ (مُغل ايمپائر) خلاف سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ هٿيار کنيا هُئا. جنهن مان مهاراجه سورج مل ڀارت پور حاڪم ٿيو هو. ته امي خليفي جي دئور ۽ 711ع ۾ محمد بن قاسم انهن ئي جتن جي تعاون سان راجه ڏاهر تي حملو ڪيو هو.

    نوٽ : (اها هڪ علحده ڪهاڻي آهي ان جا تفصيل اوهان نيٽ تي وڃي (ميمڻ ڊاٽ ڪام) تي پڙهندا جنهن سان سنڌ ۾ پهرين مُسلم قوم (مومن يا ميمڻ جو بُنياد پيو هو) جيڪي بُنيادي طور يمن جا خانه بدوش هُئا ۽ 72 قبيلا هئا ۽ اُهي واپار خاطر بر صغير آيا پئي ته عربي وڏي سمنڊ ۾ ، ديبل بندر ويجهو قذاڪن کين لُٽيو ۽ ڦُريو ۽ پوءِ يمن جي72 مُسلم قبيلن جي مردن، ٻارن ۽ عورتن کي راجا ڏاهر وٽ وڪيو هو جيڪو کائن مُفت پورهيو (ونگار) به وٺندو هو ته ظلم به ڪندو جن مان هڪ ڀڄي وڃي حجاج بن يوسف جي درٻار ۾ پُهتو ۽ دانهيو. حجاج بن يوسف راجه ڏاهر کي گهڻائي ڀيرا تنبيه ڪئي ته مسلم واپاري ۽ ان جا ٻار ٻچا آزاد ڪري پر هُن نه مڃيو ته يس سبق ڏيڻ لاءِ هُن پنهني 16 سالن جي سپهه سالار مُحمد بن قاسم کي موڪليو جنهن الوڙ اسٽيٽ جا شهر ديبل، ملتان فتح ڪيا . هن کان اڳ باندي بڻايلن مُسلمانن اُتي رهي ونگاري ڪم ڪرڻ سان اسلام جي پرچار ڪئي ۽ ٻُڌهسٽ کي مُسلمان ڪيو جيڪي کين نمازي ۽ پرهيزگاريءَ جي ڪري مومن سڏيندا هُئا ۽ پوءِ اهو مومن اچاريل لفء انگريزن جي حڪومت دوران سندن واتان اُچارجي ميمن (ميمڻ) سڏيا ۽ اڄ به آڪسفورڊ جي ڊڪشنريءَ ۾ ميمن ( ايم. اي. ڊب ايم. او . اين) جو لفظ آهي جنهن جي هُنن معني ورتي آهي (پئسي وارا يا واپاري يا دولت جا پُڄاري وغيره.) هي سنڌي ميمڻن جو چوٿون ورجن آهي.
    هيٺيان ڪاٺياواڙي ميمڻن جا ورجن آهن.
    پهريون ورجن هن طرح تفصيل ٿيل آهي
    بِيو ورجن (يمني مُسلمانن جو سنڌ ۾ اسلام لا تبليغ ڪرڻ)
    ٽيون ورجن ((يمني مُسلمانن جو سنڌ ۾ اسلام لا تبليغ ڪرڻ)
    چوٿون ورجن

    سنڌ اُمي خلافت جي زير اثر هڪ پهرئين مُسلم رياست
    اهڙيءَ طرح سنڌ (اُميه خلافت) جي زير اثر اچي وئي. ۽ تڏهوڪي دُنياوي نقشي ۾ (السند) ۽ پوءِ فارسي لفظن تحت (هند) جي نالي سان سڏجڻ لڳي. ۽ محمد بن قاسم شهر (منصوره) جوڙيو ۽ پوءِ ان کي پنهنجي گاديءَ جو به هنڌ بڻايو. اهڙيءَ طرح سنڌ جو اهو نئون ۽ سنڌو نديءَ جي ڪناري تي قائم شهر(منصوره) سنڌ جي مُسلمانن جو پهريون گاديءَ جو هنڌ بڻيو هو ۽ امُيه خلافت جي زير اثر هو. جيڪو 711ع کان 1006ع تائين بطور گاديءَ جي هنڌ قائم رهيو. هن شهر مان عباسين جي دئور حڪومت ۾ به پکيڙ ٿي. منصوره جا شهري ٻعدادي ويس وارا پائڻ وارا پهريان عرب سنڌي بڻيا جن پنهنجا گهر پڪين ۽ باهه ۾ پچيل سرن سان جوڙيا، مصوره وارا مساله، جڙي ٻوٽيون، ڪپهه، زيور، ڌاتو، آئينه بغداد ايڪسپورٽ ڪرڻ لڳا. هتي نالي وارا اسڪول جُڙڻ لڳا، جتان قرآن پاڪ ۾ پهريون سني ترجمون ڪيو يو. هي علائقو گهڻي قدر الاهي تاريخدانن جو علائقو سڏجي ٿو. جهڙوڪ سنڌ ابن علي، جنهن سنڌ مان عربي نمبر جو وُجود آندو، ٻيو هو (زج السنهند) ۽ ٽيون هو(ابو مشر سنڌي) ۽ ٻي الهي توارخدان ۽ حديثون ڪمپائل ڪرڻ وارا هُئا، (ابو راجا سنڌي) بغداد ۾ رهڻ لڳو ۽ سائوٿ ايشيا ۾لاءِ هُن الاهي کوڙ سائنسي صنفن جا ترجما ڪيا جهڙوڪ مئٿيميٽڪس، اسٽرانامي، اسٽرالاجي، ميڊيسن، لٽريچر ۽ ايٿڪس وغيره ۽ اُه به عربي زبان ۾ گهڻي ڀاڱي. جيالاجسٽ موب جڏنهن 893ع ۾ زلزلو آيو ته اهو يبل ۽ منصوره سان به ٽڪرايو ، ۽ تباهي آندي. جنهن کان پوءِ منصوره جي شهر تي (سومرن ) حڪومرت ڪئي. جنهن کان پوءِ طاقت جي زور تي (محمود غزنويءَ) فتح ڪيو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏18 اپريل 2015
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌ ۾ سومرن جي حاڪميت
    جڏنهن سنڌ تي (اُميه خلافت )هُئي ته سنڌ جو ڪنٽرول (هباري ڊينسي) وٽ هو. اموي خليفي (عزيز الهباريءَ) کي سنڌ جو گورنر بڻايو هو. هباري ايستائين سنڌ تي حاڪميت ڪندا رهيا جيسين 1120ع ۾ (محمود غزنويءَ) اچي کين شڪست نه ڏني. محمود غزنويءَ ، اُميه اثر رُسوخ ختم ڪرڻ لاءِ ، عباسي خلاف جو قيام عمل ۾ آندو ۽ سنڌ ڦري عباسين جي منٽرول ۾ هلي وئي. ۽ پوءِ عباسين (سمارا ڪٽنب) مان (القفيف) کي آندو ۽ اُهي سمارا اڄ (سومرا) سڏجن ٿا. جنهن سنڌ ۾ هڪ مظبوط حڪومت جوڙي ورتي. القفيف جيئن ئي حڪومت ۾ آيو هن سڀ اقتداري پوسٽون ٻين کان کسي رُڳو پنهنجي ويجهن عزيزن، مٽن، مائٽن کي سونپي ڇڏيون. اهڙيءَ طرح القفيف يا (سردار قفيف سومرو) سومرو ڊائنسٽيءَ جو بُنياد وڌو ۽ سنڌ جو 1258ع تائين پهريون بادشاه بڻيو جيسين 1285ع ۾ بغداد مفتوح نه ٿيو. سومرو ڊينسٽي، عباسي ڊينسٽيءَ جو ئي سنڌ ۾ هڪ حصو هو. پر پوءِ جڏنهن بغداد جو زوال آيو ته سومرن سنڌ جي لوڪل عورتن سان شاديون ڪيون، سنڌ جو لوڪل رسم ۽ رواج اپنايو، اُهي ئي پوءِ پهريان مُسلم بڻيا هُئا جن قرآن پاڪ جو پهرئين سنڌي زبان ۾ ترجمون ڪيو هو. بغداد جي 1258ع واري زوال کان پوءِ جڏنهن سومرن جو تعلق بغداد کان ٽُٽڻ لڳو، ته پهريون سومرو بادشاه (دودو 1) عربي سمنڊن جي ڪنارن کان نڪري اُن وقت جي سنڌ پاڻيءَ جي پنجن نندين جي ڇوڙ (پنج آب) پنجاب (نارٿ) جي ڪنارن طرف وڌڻ شروع ڪيو ۽ پنجاب(نارٿ) ، راجستان (ايسٽ ) ۽ بلوچستان (ويسٽ) ۾ پنهنجون سنڌ جون رياستون قائم ڪري ورتيون. اهڙيءَ طرح خالص سنڌ جا پهريان مُسلم باشندا (سومرا) بڻيا. ياد رهي ته ميمڻ (مومن) جن سنڌ ۾ اسلام جو ڦهلاءُ ڪيو هو اُهي خانه بدوش (يمن جا مُسلم) باشندا هُئا جيڪي يمن ۽ عرب ڇڏي پوءِ (سنڌ ۽ هند) ۾ مستقل سيٽل ٿي ويا هُئا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو