• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آصف علي زرداري ۽ ملڪ رياض سنڌ لاءِ ڪينسر آهن

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي چوڻ موجب آصف علي زرداري ۽ ملڪ رياض ملي ڀُڳت ڪري ساري سنڌ کي پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپنيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ـ
منهنجي خيال ۾ مرزا صاحب جي سياست کي ڇڏي، اها سچائي آهي ته آصف علي زرداري توڙي ملڪ رياض ٻيئي سنڌ لاءِ ڪينسر جي حيثيت رکن ٿا ـ سنڌي عوام جيڪڏهن زندهه رهڻ چاهي ٿو ته انهيءَ ڪينسر خلاف اُٿي کڙو ٿئي نه ته تاريخ ۾ انهن جو سکڻو نالو نشان ملندو ـ
مون کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جا اهي تاريخي لفظ ياد اچن ٿا جيڪي هن سنڌي ٻوليءَ کي سال 1972 ۾ سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي قرار ڏيڻ کانپوءِ ان جو بچاءُ ڪندي، قومي اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي چيا هئا ته سنڌي جيڪڏهن ٿورائي يعني اقليت ۾ تبديل ٿي ويا ته اهو تاريخ ۾ وڏو ظلم ٿيندو ـ ياد رهي ته سال 1972 واري ٻولي واري ايڪٽ ۾ سنڌي، سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي قرار ڏنل آهي ۽ سنڌ کي ٻه لساني صوبو قرار ڏيڻ واري ڪوڙن سنڌي قومي پرستن جي دعوى نسوريَ ڪوڙ تي ٻڌل آهي ۽ منهنجو کين انهيءَ سلسلي ۾ کليو کلايو چئلينج آهي ـ
افسوس ته انهيءَ پارٽيءَ تي قابض آصف علي زرداري، هڪ غيرسنڌي ملڪ رياض سان ملي سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ بدلائڻ جون سازشون سٽي رهيو آهي ـ
 
صحيح ٿا چئو، اهي ماڻهو ڀٽو جي نالي تي ووٽ وٺي ڀٽو کي به بدنام پيا ڪن، هاڻي سنڌين کي سوچڻ کپي ته آئينده انهن ماڻهن جي چونڊ ڪن جيڪي سنڌ جي ترقي ۽ سنڌين جي ترقي لاءِ ڪم ڪن جي نه ته پوءِ پنهنجو و
 
صحيح ٿا چئو، اهي ماڻهو ڀٽو جي نالي تي ووٽ وٺي ڀٽو کي به بدنام پيا ڪن، هاڻي سنڌين کي سوچڻ کپي ته آئينده انهن ماڻهن جي چونڊ ڪن جيڪي سنڌ جي ترقي ۽ سنڌين جي ترقي لاءِ ڪم ڪن جي نه ته پوءِ پنهنجو و
...پر مسئلو اهو آهي ته سنڌين وٽ ڪوبه متبادل ناهي، جستائين ائين نه ٿئي، سنڌي ڀوڳيندا رهندا .
 
صحيح ٿا چئو، اهي ماڻهو ڀٽو جي نالي تي ووٽ وٺي ڀٽو کي به بدنام پيا ڪن، هاڻي سنڌين کي سوچڻ کپي ته آئينده انهن ماڻهن جي چونڊ ڪن جيڪي سنڌ جي ترقي ۽ سنڌين جي ترقي لاءِ ڪم ڪن جي نه ته پوءِ پنهنجو و
سائين....سچ ته اهو آهي ته سنڌين لاءِ پ پ پ جو في الحال ڪو متبادل ڪونهي...قومپرست گڏجي اهڙو متبادل پيدا ڪن ته ماڻهو کين ووٽ ڏيندا پر انهن کي ڀتاخوري، پلاٽن تي قبضا ۽ تعليمي ادارن ۾ دهشتگردي ڇڏڻي پوندي جيڪا هو ڇڏڻ لاءِ هرگز تيار ڪونهن ـ گذريل اليڪشن ۾ ماڻهن پير پڳاري کي متبادل سمجھيو هو پر هو به سندن اميدن تي پورو ڪونه لٿو ـ هاڻ سنڌي وڃن ته ڪيڏانهن وڃن ـ
 
Back
Top