محمد خان سيال
سينيئر رڪن
ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي چوڻ موجب آصف علي زرداري ۽ ملڪ رياض ملي ڀُڳت ڪري ساري سنڌ کي پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپنيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ـ
منهنجي خيال ۾ مرزا صاحب جي سياست کي ڇڏي، اها سچائي آهي ته آصف علي زرداري توڙي ملڪ رياض ٻيئي سنڌ لاءِ ڪينسر جي حيثيت رکن ٿا ـ سنڌي عوام جيڪڏهن زندهه رهڻ چاهي ٿو ته انهيءَ ڪينسر خلاف اُٿي کڙو ٿئي نه ته تاريخ ۾ انهن جو سکڻو نالو نشان ملندو ـ
مون کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جا اهي تاريخي لفظ ياد اچن ٿا جيڪي هن سنڌي ٻوليءَ کي سال 1972 ۾ سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي قرار ڏيڻ کانپوءِ ان جو بچاءُ ڪندي، قومي اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي چيا هئا ته سنڌي جيڪڏهن ٿورائي يعني اقليت ۾ تبديل ٿي ويا ته اهو تاريخ ۾ وڏو ظلم ٿيندو ـ ياد رهي ته سال 1972 واري ٻولي واري ايڪٽ ۾ سنڌي، سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي قرار ڏنل آهي ۽ سنڌ کي ٻه لساني صوبو قرار ڏيڻ واري ڪوڙن سنڌي قومي پرستن جي دعوى نسوريَ ڪوڙ تي ٻڌل آهي ۽ منهنجو کين انهيءَ سلسلي ۾ کليو کلايو چئلينج آهي ـ
افسوس ته انهيءَ پارٽيءَ تي قابض آصف علي زرداري، هڪ غيرسنڌي ملڪ رياض سان ملي سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ بدلائڻ جون سازشون سٽي رهيو آهي ـ