• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي سئنيما ۽ ٽيليويزن (ساليوُوڊ) جي تاريخ ۾ هي هڪ مُنفرد ۽ جديد انداز ۾ (ايوارڊ شو ) ڪيو پيو وڃي

Sindhi Media

سينيئر رڪن
سنڌي سئنيما ۽ ٽيليويزن (ساليوُوڊ) جي تاريخ ۾ هي هڪ مُنفرد ۽ جديد انداز ۾ (ايوارڊ شو ) ڪيو پيو وڃي
سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ (سنڌي ميڊيا ۽ سنڌي ٽيليويزن نيٽ ورڪ ) يعني سنڌي سئنيما ۽ ٽيليويزن (ساليوُوڊ) جي تاريخ ۾ هي هڪ مُنفرد ۽ جديد انداز ۾ (ايوارڊ شو ) ڪيو پيو وڃي ۽ هن جي سابقه ايوارڊ ڏيڻ جي ڀيٽ ۾ ! خاص خصوصيت اها آهي ته ! (هي ايوارڊ 10 سالن جي ڪارگردگيءَ تي ڏنا پيا وڃن جنهن ۾ اوهان کي هاليوُوڊ ۽ باليوُوڊ ايوارڊ تقريبن جهڙيون جهلڪيون ملنديون. ته انهيءَ نسبت سان (ايوارڊ وٺندڙ ۽ نامينيٽ ٿيندڙ فنڪار)، پروگرام ڊائريڪٽر (سيليبريٽيز) وغيره به لازمي طور (هڪ خوبصورت ۽ شاندار ڊريس ڪوڊ) ۽ اسٽائل سان پيش ٿين ته ساليوُوڊ سيلبريٽيز به (هاليوُوڊ ۽ لاليوُوڊ) سيليبريٽيز جي اسٽائل سان ئي ايوارڊ وٺي هن پهرئين مُنفرد يعني (اسڪرن چينج) ايوارڊ اسڪيم جو حصو بڻجن . يقينن چينلس جي مالڪان (انتظاميا) چيئرمين. سي. اي او ۽ ايم ڊيز ( محترمان ڊاڪٽر ڪريم راڄپر ۽ اجيت آهوجا) کان علاوه هن (اسڪرين چينج) محنت ۾ سنڌ ٽي وي جي اعلي تعليم يافته پروگرام مئنيجر (محترم عبدالرئوف ڪنڌر صاحب ۽ سندس منتخب ٿيندڙ ٽيم) هن لاءِ ڏينهن رات جاکوڙ ڪئي هوندي. باخبر ذريعن موجب هي ڪرسٽل خوبصورت ايوارڊ (سنگاپور) مان ٺهرايا ويا آهن.
جيئن ته هن ايوارڊ شو ۾ جيڪي ڪارڊ (سنڌ ٽي. وي انتظاميا )طرفان مليل آهن اُنهن تي باقائده (پُٺيان) سيٽ نمبر لکيل آهن تهنڪري ڪنهن پريشانيءَ کان بچڻ لاءِ مهرباني ڪري پنهنجا ڪارڊ آڻڻ ۽ سيٽ ڳولي ويهڻ هرگز نه وساريندا.
سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن(ساوا) سنڌي فنڪارن کي سندن ڏهن سالن جي ڪارگردگي ڏيڻ تي مالڪان، انتظاميا ۽ بلخصوص پروگرام مئنيجر عبدالرئوف ڪنڌر جي ٿورائتي آهي. جنهن اها چينج ڏني. ۽ ان اُميد سان ڦهلائي ٿي ته ته اهڙا ئي سالانا ايوارڊ شوز (سنڌ ميڊيا ساليوُوڊ) جا ٻيا سنڌي چينل پڻ مُنفرد اندازن ۾ پيش ڪندا ۽ هر ڀيري سئو سيڪڙو ميرٽ مد نظر رکي ايوارڊ شوز ۾ هڪ نواڻ آڻيندا جنهن کي اسان (چينج اسڪرين )چئون ٿا.
ته سنڌ سلامت رهي شال، خوشحال ۽ خوشي ماڙيندڙ توهانجي پتي ۽ حصو وجهڻ سان هڪ قوي فرض ڄاڻي. سنڌ بچايو، جيڪي بچي سگهي ٿي صرف روز بروز وڌندڙ موالي ڪلچر ختم ڪري ۽ موالي ڀڄايو تحريڪ سان ! سنڌي بچايو ! جهالت ڀڄايو ! سنڌي گهرن ٿا تعليم يافته ۽ صحتمند معاشرو ! پنهنجي خوشين ۽ ڪاميابن جو اظهار ڪريو سجده ريز ٿي شڪر بجا آوري ڪري نه ڪه ڄرو ۽ پيئڻ پيئارڻ وارين تقريبن سان ڇو جو اوهان جي سنڌ بڻي هُئي (باب الاسلام) ۽ دشمنان اسلام ٻيڙو ٻوڙيو سنڌ ۽ سنڌين جو موالي ڪلچر سان سُمهاري ۽ غلام بڻائي. سُچاڳ ٿيو! جاڳو ! متان هي موالي سنڌ نه وڪڻي ويهن ڀُڳڙن مُچ تي نشي جي لت پوري ڪرڻ لاءِ.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
11057833_10205887013715304_1491885659308204685_n.jpg
 
سنڌ سلامت رهي شال، خوشحال ۽ خوشي ماڙيندڙ توهانجي پتي ۽ حصو وجهڻ سان هڪ قوي فرض ڄاڻي. سنڌ بچايو، جيڪي بچي سگهي ٿي صرف روز بروز وڌندڙ موالي ڪلچر ختم ڪري ۽ موالي ڀڄايو تحريڪ سان ! سنڌي بچايو ! جهالت ڀڄايو ! سنڌي گهرن ٿا تعليم يافته ۽ صحتمند معاشرو ! پنهنجي خوشين ۽ ڪاميابن جو اظهار ڪريو سجده ريز ٿي شڪر بجا آوري ڪري نه ڪه ٺرو ۽ پيئڻ پيئارڻ وارين تقريبن سان ڇو جو اوهان جي سنڌ بڻي هُئي (باب الاسلام) ۽ دشمنان اسلام ٻيڙو ٻوڙيو سنڌ ۽ سنڌين جو موالي ڪلچر سان سُمهاري ۽ غلام بڻائي. سُچاڳ ٿيو! جاڳو ! متان هي موالي سنڌ نه وڪڻي ويهن ڀُڳڙن مُٺ تي نشي ۽ چسڪي جي لت پوري ڪرڻ لاءِ.
 
Back
Top