Sindhi Media
سينيئر رڪن
قوم سوال ڪندي آهي! سنڌين کي ته ڪو سهي نٿو ! اسان سنڌين کي اڙدو ميڊيا تي ته موٽ ملي نٿي ۽ ڪو ادارو ڀلي سنڌ ۾ ئي هُجي اسان سنڌين کي جاب ڏي نٿو (علاوه سفارشي ۽ موالي سنڌين جي) ۽ اسانجا پنهنجا سنڌي ادارا ۽ ٽيليوزن چئنل به مفلوج بڻيل آهن غير سنڌي مين پاور ري ۽ ڀري ڇڏيا اٿن سڀ سيڪشن يا گهڻي ڀاڱي غير سنڌي ، يا جن کي نه سنڌي به اچي پوري سوري ۽ واقف ناهن سنڌي ڪلچر ، تهذيب، ٻوليءَ جي پروڙ سا ! ته اُهي جيڪا اسان لاءِ پروڊڪشن ٺاهيندا ان سان ٻولي ، سنڌي معاشرو ڪهڙو ترقي ڪندي ۽ غير سنڌي ئي اهميت رکندا آهن مُڪمل فائدي جي قوت سان. اهو ڇو ! ان ڪري جو اسانجو نوجوان محنت، سچائي ۽ جفا ڪشيءَ کان لهرائي ٿو ۽ جي ڪو ملازم رکيو به وڃي ٿو ته اول اُهو گهڻي ڀاڱي موالي آهي يا موالين جي صحبت ۾ وڌ موالي بڻجيو وڃي ۽ انهن جي لڇڻن کي ڏسي ڪو خانداني ۽ پڙهيل لکيل سنڌي جي آهي به ميڊيا جو ڄاڻو ته سنڌي ميڊيا ۾ اچي ڪونه ٿو! جيڪي آهن تن جي ڪوشش اڙدو ميڊيا ۾ ڀڄڻ جي ۽ موقعي جي تلاش جي. آڄ جي دئور ۾ سڀني شعبن ۾ پاور فُل شعبو رهيو آهي (ميڊيا مئنيجمينٽ) جو نه ڊاڪٽرن جي گهرج نه انجنيئرن جي سالن کان ڊگريون هٿن ۾ پيا نوڪرين لاءِ گهمن ۽ ميڊيا جيئن چاهي مُلڪ اُٿلائي، ماڻهن جو ذهن بدلائي. پوءِ ڇو نه وقت سان هلون ۽ هن هن ميڊيا شعبي لاءِ مين پاور تيار ڪريون. اسان به هڪ ڪاوش ڪئي آهي (سوشل ميڊيا) جي ذريعي، فلحال نيٽ ان دلچسپي رکڻ وارن لاءِ ته ميڊيا جي هر سيڪشنن جي ڪرتن جا کين فري ڪورس ڪرايون ته سنڌي صحتمند معاشرو بچائي سگهون سنڌ ۾ روز بروز ترقي ڪندڙ موالي ڪچر کان. ڇو جو سنڌ ۾ ميرٽ ته آهي ڪونه! هڪ ڊگري آهي (موالي هُجي، ڪرپشن جو ماهر هُجي، رشوت ۽ سفارش اضافي ڪورس ٿيل هُجن) پاڻ به کائي ۽ اسانکي به کارائي. ڇا ڪوڙ ٿو ڳالهايان ! چوڌاري نظر ڪريو توهان موالين ۾ گهيريل آهيو جان ڇڏايو سنڌ بچايو . موالي ڀڄايو تحريڪ آڻي.