هڪ ٻئي کي اسپيس ڏيو پنهنجي فيلڊ ۾ ! زر جي لالچ ۾ لتاڙيو نه جو اوهان کي ايترو ئي ملندو جيڪو نصيب

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏21 مارچ 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هڪ ٻئي کي اسپيس ڏيو پنهنجي فيلڊ ۾ ! زر جي لالچ ۾ لتاڙيو نه جو اوهان کي ايترو ئي ملندو جيڪو اوهانجو نصيب آهي پوءِ ڇا به کڻي ڪريو ! اڻ سهپ جي فطري مادي تحت سنڌي اڀرندڙ ٽيلنٽس سان ٻيائي، هڪ اکيائي نه ڪريو !

    ڳالهه آهي رُڳو سنڌ جي ! نه توهانجي سوچ جي ! نه مذهب ، خيال ۽ نظرئي يا سياست جي ! نه ذات ، پات ، رنگ ، نسل جي ! ته اچو جُڙو ملي ڪري هن پليٽ فارم تي ۽ سنڌ کي ايندڙ خطرن کان بچايو ملي ڪري ! ڀلي توهان دُنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهو ٿا ! پر جي آهيو سنڌي ڳالهائيندڙ سنڌي ته ! سنڌ پُڪاري ٿي اوهان کي ! ته جُڙو اڄ سڀ ويڇا وساري سنڌ لاءِ ! سنڌ سلامت ته ساٿ سلامت ! سنڌ تباه ڪئي وئي ، سنڌين کي غلام ڪري آمرن ۽ سنڌ جي جابرن ملي ڪري ! سنڌ غلام ڪئي وئي ننڊ ۾ سمهاري ۽ نشا پياري آمرن ۽ سنڌي جابرن ملي ڪري ! امڙ سنڌ بچايو ! هڪ ايجنڊا کڻي ! امڙ سنڌ ! مُنهنجي سنڌ ! سنڌ جا ريسورسز بچايو ! ملي جُلي ڪري،! ڌارين جي يلغار کان ! سنڌ وڃي پئي ڀُڳڙن مُٺ تي ۽ اوهانجي سامهون کسڪندي وڃي ، ڌارين وٽ خوشيءَ سان يا جبر سان زبردستي . ۽ حيرت آهي پوءِ به توهان اڃان به هڪ ٻئي جي ٽنگ ڇڪڻ ۾ گهٽتائي ڪونه ٿا ڪريو ! ۽ آئون نه ته ڪير نه جي فلسفي تي عمل پيرا آهيو ! نشا ڇڏيو ته سنڌ جي سوچ ۽ مُحبت وري ! سُڄاڳ ٿيو ! سنڌ کسڪندي وڃي تيزيءَ سان !
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين سائين
     
  3. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    بلڪل صحيح آهي
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
    سوچ ۽ آئڊيا اسانجي عمل توهانجو ! پوءِ يقينن سنڌ ۽ سنڌ سماج بڻجي سگهي ٿو خوشحال.
    اسان ڪنداسون توهان لاءِ گهر گهر گهسي انٽرنيٽ وسيلي(پرائمري اسڪول کان پولي ٽيڪنڪتائين) فني (ڪرت) ٽرينگ سکيا جو انتظام ۽ فري آن لائين سکيا ۽ سرٽيفڪيٽس (فري آن لائين ميڊيا يونيورسٽي) ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر (نيوسعيدآباد) ۽ سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن(ساوا) جي مدد سان! ڇا توهان (سماجي تنظيمون، اين جي اوز، ويلفيئر جا خواهان فرد) به هن نيڪ ڪم ۾ والينٽيئر ڀائيوار ٿي سنڌ سماج سُڌار جو عملي حصو بڻجڻ چاهيندئو؟
    سنڌ جا گهڻ گهريو، سنڌ تڏنهن خوشحال هُئي جڏنهن ڪرت(ڌنڌو) عيب ڪونه مڃيو ويندو هو ۽ ذاتيون به ڌنڌي جي ڪري ئي سُڃاتيون ۽ سڏيون وينديو هُيون ۽ اُهي اڄ به موجود آهن ۽ هر ذات پات وارو سنڌي ان وقت ڪنهن اوتاري يا اوطاق ۾ ڀنگ ۽ سُلفين جا سوٽا ڀرڻ ڪونه ويندو هو يا ديسي ولائتي ٺري جو شوقين ڪونه هو. پر هو ڪنهن نه ڪنهن ڌنڌي ۾ لڳل هو ۽ ڪمائيندو هو، خوشحال هو. جهڙوڪ : درزي، واڍو، مير بحر، ڊکڻ، ڪوري، موچي، ڪنڀر، حجام، رازو وغيره. ان وقت ڪي فني ادار ته هوندا ئي ڪون هُئا ۽ گهڻي ڀاڱي پرائمري تعليم لاءِ دڪانن تي وڏڙن کان پرائمري سکيا سکبي هُئي. ۽ ٻار ڪم سکڻ سان ٻه ٽڪا به گهر آڻيندو هو، جنهن کي اڄ جي دئور ۾ (اپرنٽس شپ ٽرينگ چئجي) يعني ڪم به سکو ۽ پئسا به ڪمايو. پوءِ چائلڊ ليبر رسٽرڪشن جو قانون آيو، اهي دُڪانن تي ڪم ڪندڙ (چائلڊ ليبر گرفت ۾ اچڻ لڳا) ۽ انهن جي پُهچ غُربت جي ڪري (ڪنهن ٽيڪنيڪل اداري، فيڪٽري يا انڊسٽري طرف ڪانه هُئي، لاچار ٻار مجبور ٿي موالين جي حوالي ٿيڻ لڳو ۽ اوتارن، اوطاقن ۾ وڃي موالي ٿيڻ لڳو، سنڌ سماج تباهه ٿيڻ لڳو.
    ته دوستو ڇو نه اسان وري هڪ ڪوشش ڪريون ۽ انهن ٻارن لاءِ پنهنجن ڳوٺن ۾ ئي قائم ڪرت وارن دڪانن تي پرائمري ليول کان فني سکيا جو احتمام ڪيون ۽ انهن ئي دُڪانن کي ئي (اپرنٽس ٽرينگ اسڪول) بڻايون جيڪي اوهانجي ڳوٺ ۽ شهر جي هر دُڪان تي موجود آهن ۽ کين تعليمي ادارن (ٽيڪنيڪل بورڊس) مان رجسٽر ڪرائي پائمري، سيڪنڊري، هاءِ، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ليول تي کڻي هلون. جي اهو پلان صحيح آهي ته اسان هن سنڌ سماج سُڌار ۾ توهانجي مدد سان گهڻو ڪُجه ڪري سگهون ٿا. ڇا ساٿ ڏيندئو؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو