• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پوءِ هن پنهنجي وات جي مُهر ٽوڙي ڇڏي ۽ سماج جي اندر جي شيطانن کي اگهاڙو ڪري ورتائين اڳتي ڇا ٿيو؟

Sindhi Media

سينيئر رڪن
سنڌي ميڊيا اسڪرين گهري ٿي تبديلي، بي مقصديت ۽ مختلف اينگلز کان پيش ٿيندڙ ساڳين ڊرامن جي هڪ جهڙائيءَ کان ۽ هڪ جهڙائي اسڪرپٽ کان .
اسين ڳوليندا آهيون ڪرنٽ افيئرس ڊراماٽائيز ڪرڻ لاءِ ۽ پوءِ ڏيندا آهيون ڄاڻ ۽ دڳ سماج سڌار جو، ته سماج پنهنجي اصلاح پاڻ ڪري ڦُڙي ڦُڙي دريا ڪرن لاءِ. اسڪرپٽ مقصدي لکو، ڊائريڪٽر کي به محنت ڪرڻ جو موقعو ڏيو ته ڪئمرا مين جي به ايڪسرسائيز ڪرايو ۽ وڊيو اِيڊيٽر جي دلچسپي به وڌايو. ته مالڪان پوءِ ڏيندا ڊرامي جي بهترين بجٽ. ڊرامون ويڙهي نه اچو ڪري اچو. آخر هي سنڌي ڊرامان ٽن فريمن (ماسٽر، سولو ۽ اوٽي) تي ڪيستائن هلندا جڏنهن ته 360 ڊگريون (فريم) آهن . ڪئمرا گهمائي ڪم ڪرڻ جون ۽ جدتون ڏيو. هاڻ هڏ چور ٿيو نه ئي هڏ چور پئدا ڪريو بلڪه مقابلي جو روجهان پئدا ڪريو هڪ ٻئي سان چٽا ڀيٽي ڪري ڇو جو اسان به ٿي سگهون ٿا اڙدو ميڊيا کان به بهتر هر شعبي ۾ اگر ڇڏي سگهون بيمقصديت سنجيده توٽي مزاح وارو اسڪرپٽ لکڻ ۽ گڏ دانهون ڪوڪون ۽ باڊي ڦهلائڻ واري ايڪٽنگ ۽ بي مقصدا ڊائلاگ ڇڏي ڏيون سمجهڻ چاهيون ٽي وي لاءِ لکون ٿا ! نه اسٽيج لاءِ ۽ نه ريڊيو لاءِ جتي گهرجي ٿي پرفارمنگ حرڪت سان ادائگي ون گو سينن سان گهڻ قدر. ته پرفارم ڪريو ايڪسپريشن ۽ موومينٽ سان نه ڪه اسٽل کٽ، صوفي ۽ ڪورسيءَ تي ويهي هر شاٽ ۾ سولا لاءِ. (پرفارمنگ آرٽ کي ذهن ۾ رکي) ۽ رموٽ جو استعمال گهٽ ڪرايو پبلڪ کان. ڳالهائڻ ۾ صحيح سنڌي اُچارايو ايڪٽر کان ۽ ٻوليءَ جي حفاظت ڪريو.

اچو ته رُڳو سنڌ تي ڳالهايون ! (ڇا توهان کي احساس آهي) ته اڄ ڪيئن سنڌ تيزيءَ سان (کسڪندي ۽ ترڪندي وڃي پئي )ڌارين جي هنج ۾ توهان نظرن جي سامهون ۽ افسوس! توهانجي ئي هٿن مان ! ڇو جو توهان مختيار بڻايو ويو ته پنهنجي ئي ٽيلنٽس جي وچ ۾ رُڪاوٽ بڻجي ويٺا آهيو ! ٽنگن ڇڪڻ ۾ ، اک ڦيرائڻ ۾، ٻيائي ڪرڻ ۾ گهڻي مهارت حاصل ڪري چُڪا آهيو ! نه ٻئي (ايجيوڪيٽيڊ ۽ ميرٽ سنڌيءَ ) جي ڏات قبول ڪريو ٿا نه پنهنجي تجربي واري ڏات شيئر ڪيو ٿا ! ته سنڌ ڪيئن ترقي ڪري! 95 سيڪڙو سنڌي نوجوان مڪمل تباهيءَ جو شڪار ٿي چُڪا آهن ، نوجوان سنڌي ادب، ادب ۽ آداب، ٻولي ۽ ٻوليءَ جو صحيح استعمال، سينيئرس جي ڄاڻ سڃاڻب، ننڍائي وڏائي ۽ وڏڙن جي صحبت کان محروم ته ٿي چُڪا ئي آهن! هاڻ ته صحت ۽ تعليم به سئو سيڪڙو موڪلائي وئي ! توهانجي نه مڃتا، انا (ايگو) ، اڻ سهپ واري فطرت ! توهان کي سنڌ لاءِ هاڃيڪار بڻائي ڇڏيو آهي ! غير شعوري طور تي توهان سنڌ جا قاتل بڻجندا وڃو ! موٽو پنهنجي وڏڙن جي سکايل تهذيب و تمدن تي جنهن کي توهانجي نشن جي علت ۾ ۽ اهڙي قسم جي يري باشي ، ميل ميلا سان وساري ويٺا اهيو. ياد رکو چين وارن ۾ به اها نشي ڪرڻ جي علت هُئي، نشو ڇڏيائون ته ، چين ۾ انقلا آيو ! هاڻ دُنيا جي سُپر پاور آهن. توهان به پنهنجي صفن مان نشائي ڪڍو ۽ سپر پاور سنڌي بڻجو ! ڇو جو ڪوبه نشائي انقلاب نه آني سگهندو آ. سنڌ سلامت ته توهان سلامت !
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
10399424_10206042663766458_4903041770194058784_n.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top