پوءِ هن پنهنجي وات جي مُهر ٽوڙي ڇڏي ۽ سماج جي اندر جي شيطانن کي اگهاڙو ڪري ورتائين اڳتي ڇا ٿيو؟

10354889_10206016943043456_15665639700104967_n.jpg
 
ادا هي سلسلو تمام سٺو آهي پر ڪجه ايميج اسان وٽ کلن نٿا !! خبر ناهي ڇو ؟؟ ورڊ ۾ لکيل هجي ها ته تمام ڀلو ٿئي ها ، پو اوهان جي ڪافي محنت آهي
 
ادا راشد صاحب ! هن کي ڪلڪ ڪري ڏسو!
ڪوشش ڪئي اٿم ته ڊارامون پڙهي به ڊرامي ڏسڻ جهڙو مزو اچي ۽ منظر ڪشي به ان خيال تحت ٿيل آهي ته توهان سمجهو پيا ته ڊرامون ڏسو پيا. هي اسڪرپٽ آن ايئير( جي پي جي فارميٽ ۾ ) آهي، ممڪن آهي توهانجو سسٽم گهڻي(جي پي جي فارميٽ) لا لوڊ وٺندو هُجي. ان جو سبب گهٽ ريم جو هُجڻ هوندو آهي. ۽ گهڻيون فا.لون هڪ وقت ۾ کُليل هونديون آهن. (پي ڊي ايف فارميٽ) سيريل ختم ٿيڻ کانپوِ (سلائيڊ شيئر ڊاٽ سليش سنڌي ميڊيا) تي لوڊ ڪندس.

ورڊ ۾ ان ڪري نٿو ڪريان جو ڪي ذاتي دوست به( ڊائريڪٽر ۽ اسڪرپٽ ايڊيٽ ليکڪ) اسٽوري گهري ۽ پو ماڊي فائي ڪري ، سين اڳيان پويان ۽ ڪريڪٽر اُبتا سُبتا (يعني عورت جو ڪردار مرد ۽ مرد کي عورت) ڪري پنهنجي نالي سان آڻين ٿا .
مُنهنجا اهڙا اٺ ڏهه اسڪرپٽ ۽ ٿيم چوري ٿي ٻين نالن سان يا مختلف چئنلن تي ڊائريڪٽرن ۽ ليکڪن جي پنهنجي نالي سان آن ايئر ٿي چُڪا آهن. جهڙوڪ ٻه مثال جي ياد اٿم (اڄ جو وتايو) جيڪو ماما لالو پيو ڪري ۽ ڪي ٽي اين تي هلي پيو مُنهنجي ڊرامي (وتايو ان ڪراچي جو ٿيم آهي. جيڪو مون شروعاتي دئور ۾ ڪي ٽي اين کي ڏنو هو. ته سنڌ ٽي وي تي هڪ سينيئر ڊائريڪٽر دوست هڪ اسڪرپٽ گهريو۽ هاڻ اوهو ماڊي فائي ٿي اينگهائي (ايڪسڪيوزمي) نالي سان مُنهنجي اسڪرپٽ ( ٿري ڪريزي بوائيز يعني ٽي ڇڇورا ڇورا) سنڌ ٽي وي تي هلي پيو. اهي ٻئي پُراڻا لکيل اسڪرپٽ ثبوت لا اوهان کي سلائيڊ شيئر ۾ ملي ويندا ۽ لنڪ ڏنل آهي.
توهان به ڏسندا ته چند پئسن جي لالچ خاطر ماڻهون ٿيم ڪيئن صفائي سان ٿا چورائين ٿا ۽ صرف ڪريڪٽر گهٽ وڌ، آپوزٽ ۽ سينون اڳيان پويان ڪرڻ ۽ ڊرامون اينگهائي سمجهن ٿا ته نئون اسڪرپٽ آهي. . اها سنڌي ميڊيا ۾ عام ۽ 90 سيڪڙو عام بيماري آهي اهڙي طرح جيئن موالي ڪلچر . ته رائيٽر ۽ ڊائريڪٽر اسڪرپٽ چوري ڪري پنهنجي نالن سان آڻين ٿا. ماسوا ان جي جنهن ۾ ڌاڙيل ، وڏيرو ڪمدار ۽ پوليس جوڙ ۽ موالي ڪلچر آهي. ان ڪري اهي اسڪرپٽ ايڊيٽر گهڻي قدر نون ليکڪن جي راهه ۾ رُڪاوٽ به بڻيل آهن جو هو نئين ٿيم سان اچن ٿا. ۽ اسڪرپٽ رجيڪٽ جي بٻين چئنلن جا اڙدو ڊراما ماڊي فائي ٿيا آهن. ڇو جو انهن جو قلم ايڊوانس سوچي ئي نٿو ۽ موالي ڪلچر کان ٻاهر نڪري ئي نٿو. احتجاج ان ڪري نٿو ڪري سگهجي جو سفارشي ڪلچر ڪري نالي چڙهيا آهن. ۽ سندن اثر رسوز جي ڪري پو ميڊيا تي اينٽري يا بند ٿيو وڃي يا محدود ٿيو وڃي جو اهي ياري باشي، پيئڻ پيارڻ ۾ جڙي گروپ ٿيل آهن. ان کي ئي ٻنجو ڏيڻ لا اسان به مسلسل اها قلم تحريڪ پيا هلايون ته (سنڌي ميڊيا جي اسڪرين چينج ٿئي) يعني ڪرنٽ اشوز کي ڊراما ٽائيز ڪري اشوري ۽ اُن جي حل و قوم کي دڳ ڏجي.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top