• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي آخر ڪهڙي پارٽيءَ کي ووٽ ڏين؟

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
گھڻا دوست انهيءَ ڳالهه تي ڪاوڙيل آهن ته سنڌي آخر پ پ پ کي ووٽ ڇو ٿا ڏين؟
مهرباني ڪري اهڙا دوست گائيڊ ڪن ته سنڌي جيڪڏهن پ پ پ کي ووٽ نه ڏين ته آخر ڪهڙي پارٽيءَ کي ووٽ ڏين ۽ اهڙي پارٽي يا پارٽين جا چٽي ريت نالا به کڻن ته بهتر ـ
مون ڪيترن دوستن کان ذاتي طور اهو سوال پڇيو آهي ته هو چون ٿا ڪنهن کي به ووٽ نه ڏيو جيڪو اهڙي سوال جو درست جواب هرگز ناهي ـ جڏهن ته سائين جي ايم سيد به سنڌي قومپرستن کي اليڪشن ۾ حصي نه وٺڻ جي نصيحت ڪئي هئي ـ
منهنجي خيال ۾ سنڌ دشمنن کي ميدان خالي ڏيڻ بدران, هر سطح تي سندن مقابلو ڪرڻ گھرجي ـ بهرحال، دوست صلاح ڏين ته سنڌي، آئيندي عام اليڪشن ۾ ڪهڙي پارٽيءَ کي ووٽ ڏين ۽ اهڙين پارٽين جا نالا ضرور کڻن ته سندن مهرباني ٿيندي ـ
 
سنڌي فيصلي جا ماهر ۽ سياسي شعور رکندڙ قوم آهي هو 1947 کان پو پنهنجو فيصلو مسلسل ڏيندا پيا اچن ۽ ڪنهن به تڪليف، مصيبت يا زيادتي باوجود وفاداري تبديل ڪرڻ جا قائل ناهن.
اڀياس مان خبر پوي ٿي ته فطرتن سنڌي ٽن ذهنيتن جا مالڪ آهن. هڪ اُهي جن کي سنڌ ۾ قبضاخورن اچي کين موالي بڻائي غلام بڻائي ڇڏيو ۽ اُهي اُنهن قبضاخورن ڀوتارن خلاف سوچڻ به گُناهه ٿا سمجهن يعني (يعني عباسي دئور جي چوٿين خليفي معطصم بالله کان شروعات ٿي، ميرن جي دئور ۾ انتها تي پُهتي ۽ گهڻو ڦهلا ٿيو۽ فائنل هُئي نادرشاهه جو قائم ڪيل پيري مُريدي نظام (جنهن مظلوم سنڌين تي گهوڙن جي پيرن (سُنڀن) ۾ لتاڙائي ، قهر ڪري سندن رت ۾ اڄ تائين به گهوڙا ڙي.... گهوڙا ڙي ... گهوڙا ڙي.. مري ويس...) ڦوڪائي ڇڏيو ۽ وقت گذري ويو پر اڄ به سنڌ جو ٻچو ٻچو چاهي ڪهڙي به ذهنيت جو هُجي پيڙهه تڪليف تي (گهوڙا ڙي) جي دانهن ٿو ڪري. ته اها ذهنيت جيتوڻيڪ مشڪل سان 10 سيڪڙو کن آهن ۽ انهن جو تعداد مشڪل سان اٽي ۾ لوڻ جيترو ته آهي. پر اسٽيبلشمينٽ جي پُٺ وارو يا خوف ۽ ڌاڙيلي ، پاٿاريداري ۽ سرداري يا جاگيرداري ڪلچر ڪري غريب ۽ مُفلس سنڌي مصلحت يا خوف ۽ لاچاري ڪري انهن خلاف ٻڙڪ به ٻاهر نٿو ڪڍي سگهي بيشڪ اندر مان نه چاهندو هُجي. ۽ اُن پهرئين سوچ ئي سنڌي قوم کي غلام ابن غلام بڻائي ڇڏيو آهي .اهي سدائين اسٽيبلشمينٽ جي پُٺ تي هلن ۽ وڌن ٿا ۽ پو ڀلي سنڌ کي ٽوڙي جناح پور ٺاهيو وڃي اهي ڀائيوار ئي هوندا. اُنهن اسٽيبلشمينٽ جو ئي ٻارڻ آهن اُهي جڏنهن چاهجن استعمال ٿين .ٻيو ذهن پهرئين سوچ مان نڪتل گروپ جو آهي جيڪي پروگريسو ٿي ويا آهن ۽ اهي اينٽي اسٽيبلشمينٽ ته آهن پر سنڌ جي باب الاسلاميت جا قائل نٿا ٿين ۽ گهڻي ڀاڱي راجا ڏاهر جا پيروڪار گهڻا ٿا لڳن . اُهي هندو ۽ مُسلم سنڌي گڏجي سنڌ کي اُنهي ئي نظرئي سان ڏسڻ چاهين ٿا ۽ سنڌ کي پنهنجي طريقي سان هلائڻ ۽ ڏسڻ چاهين ٿا پر ممڪن نه پيو ٿئي جو اُهي هڪ نظريو هوندي به ڇڙ وڇڙ آهن ۽ هر ڪنهن پنهنجي مسجد يا مندر جوڙيو آهي ته سنڌي گڏ نه پيا ٿي سگهن. اُنهن جو عددي تعداد به ويه سيڪڙو کان گهٽ هوندو پر پوري سنڌ ان نظرئي جي قائل ضرور آهي. باقي ستر سيڪڙو سنڌي بچن ٿا آهن مظلوم، غريب تر، پڙهيل لکيل به، ته ڪاروباري ۽ مڊل ڪلاس مان به آهن جيڪي سنڌ ۾ آهن ته مڪمل اينٽي اسٽيبلشمينت پرجهموريت جا داعي آهن. مٿيان ٻئي ذهن کڻي ڪيترو به اُن خلاف لابنگ ڪن پر اُهي آهن ۽ رهندا هميشه ٽي ذهنيت جا ڇو جو هو پهرئين ۽ ٻي ذهنيت کي به پڙهي ۽ سمجهي ويٺا آهن ۽ سمجهن ٿا سنڌ کي ڇيهو رسائڻ ۾ انهن جو گهڻي ڀاڱي حصو هو. اسٽيبلسمينٽ پو پنهنجي چالاڪي سان هر وقت ان ٽي ذهنيت کي ختم ڪرڻ چاهي ٿي ۽ اڄ ڪله ته ان ٽي ذهنيت ۾ پهرئي ۽ ٻي ذهنيت وارا به شامل ڪيا ويا آهن جيڪي ٽي ذهنيت کي اندران ئي کوکلو ڪري ماڻ چاهين ٿا جيئن يهودين ۽ نصارن اسلام کي ختم ڪرڻ لا مشرڪ ۽ بدعتي پئدا ڪيا ۽ انهن جي پوياري سان اضافي 72 فرقا جوڙيا ويا ۽ هر شعبي ۾ اُنهن کي تياري سان آندو ويو ته باهه جو ممڻ ٻارڻ ۾ آساني ٿئي ۽ اڄ به اسلامي مرڪز (مڪي ۽ مديني تي قبضو ڪرڻ لا) اهي مشرڪ ۽ بدعتي هڪ ٿي گڏ ٿي رهيا آهن ۽ اُنهن جا اهي ساٿاري جيڪي پلاننگ تحت هر فڪر ۽ شعبي زندگي ۾ شامل ڪيا ويا تصوير ۾ رنگ ڀري رهيا آهن. يعني موالي ڪلچر جي ذريعي، پئن جي ڦهلا ، ڪم چوري، سفارش، علم کان پري وغيره ه اُهي اساني سان ٻارڻ بڻجن ۽ اها حديث به سچي ٿيڻ واري آهي ته قيامت جي 20 نشانين مان هڪ ته خارجي سهوني طاقتن (يعود و نصارا) جي مدد سان ڪعبي تي قبضو ڪندا۽ مسمار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ، قابض (دجال) فارس مان ايندو ۽ باب عزيز (جنهنجو دروازو نبي سائين جن ٻين دروازن کان وڏو ڪرايو) مان داخل ٿي ڪعبي کي مسمار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ پو امام محمد رضيه (امعروف امام مهدي) جو ظهور ٿيندو جيڪو ست سالن کان پو وفات ڪري ويندو ۽ حضرت عيسيى عليه السلام ايندا ۽ نبي سائين جن جو پيغام ڦهلائيندا) اهي سڀ ٻُڌل ڳالهيون تيزي سان ظهور ٿي رهيون آهن ۽ جيڪي اڃا ظاهر ناهن :ولنديون وينديون. الله سڀني مُسلم کي پنهنجي پناهه ۾ رکي ۽ مشرڪ ۽ بدعتين جي شر کان بچائي (آمين يا رب العالمين) والله اعلم بثواب.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سائين سيال صاحب اسان ۽ اوهان جي نظر ڏيڻ سان يقنن ٻيا دوست اُنهي پارٽي يا گروه کي ووٽ نه ڏيندا . اسان ڪافي اهڙا دوست ڏٺا آهن جيڪي زبان سان تبديلي جو نالو وٺندو آهن پر پنهنجي پارٽي (جنهن کي هو ووٽ ڪندا آهن ) کي ووٽ ڏيڻ کان بعد ۾ انهي جي مخالفت ڪندا رهندا آهن . وري جڏهن اليڪشن جو وقت اچي ويندو آهي ته اهي ساڳيا ئي ماڻهون ساڳئي ئي پارٽي جي تعريف ڪندا رهندا آهن.
اسان سنڌي فقط دهل جي پويان هوندا آهن، جنهن به پارٽي وارن وٽ دهل وغيره گڏ هوندو آهي ماڻهو اڪثر انهن جي پويان هوندا آهن اُهي سچائي ۽ حق جو پاسو ناهن وٺندا .
هاڻي جڏهن سنڌ ۾ بلدياتي اليڪشن ويجهو آهي ته سڀ پارٽيون اهيو ئي چاهينديون ته ماڻهون اسان جي نمائندن کي ووٽ ڪن
منهنجي پنهنجي راي هي آهي ته اسان ڪنهن پارٽي کان هٽي ڪري ڪنهن ايماندار شخصن کي ووٽ ڪيون ڀلي ڪڻي اهو ڪنهن يونين جي جنرل ڪونسل جي نشت تي اميدوار ئي ڇو نه بيهي.
هي ننڊي اليڪشن آهي جنهن ۾ لائق ماڻهن کي اڳتي آڻي سگهجي ٿو،
جيڪڏهن اسان ڪنهن پارٽي جي پويان لڳا سين ته اهي پنهنجي اميدوار کي ڪامياب ڪرائڻ لا اسان کان ووٽ وٺندا اهو نمائندو يا ته انهن ايم پي جو ڪمدار هوندو يا وري دوست جيڪو بلڪل اُنهي جهڙو هوندو .
 
Back
Top