مرحوم مختيار شيدي جي وفات جو ٻڌي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي. پاڻ سنڌي ، سرائيڪي ۽ اڙدو جو مشهور نوحه خوان هو. سندس ڪيترائي البم تمام گهڻا مشهور آهن ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سندس سوز ڀريو آواز، سندس منفرد انداز دل تي اثر ڪندڙ ۽ تمام متاثر ڪندڙ هو.
سندس چيل ڪيترائي مرثيه ۽ نوحه منهنجي ذاتي ڪليڪشن ۾ موجود آهن ۽ جڏهن به ٻڌندو آهيان هڪ نئون سرور ۽ قلبي سڪون پهچائيندا آهن. اهل بيت سڳورن جي محبت سان سرشار هن نوحه خوان جو وڇوڙو سنڌ جو عظيم نقصان آهي.
شل الله پاڪ سندس مغفرت فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا ڪري. آمين.