• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مشهور راڳي ۽ نوحه خوان مختيار شيدي جو لاڏاڻو

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
ميسيج ذريعي خبر پئي آهي ته مشهور نوحه پڙهندڙ مختار شيدي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي. الله سائين سندس مغفرت فرمائي ۽ پونيئرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.
 
مرحوم مختيار شيدي جي وفات جو ٻڌي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي. پاڻ سنڌي ، سرائيڪي ۽ اڙدو جو مشهور نوحه خوان هو. سندس ڪيترائي البم تمام گهڻا مشهور آهن ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سندس سوز ڀريو آواز، سندس منفرد انداز دل تي اثر ڪندڙ ۽ تمام متاثر ڪندڙ هو.

سندس چيل ڪيترائي مرثيه ۽ نوحه منهنجي ذاتي ڪليڪشن ۾ موجود آهن ۽ جڏهن به ٻڌندو آهيان هڪ نئون سرور ۽ قلبي سڪون پهچائيندا آهن. اهل بيت سڳورن جي محبت سان سرشار هن نوحه خوان جو وڇوڙو سنڌ جو عظيم نقصان آهي.

شل الله پاڪ سندس مغفرت فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا ڪري. آمين.
 
سنڌ توڙي پاڪستان جي هن مشهور نوحاخوان سرائيڪي، اڙدو توڙي سنڌيءَ ۾ نوحا چيا. ڪجهه عرصو اڳ گڙدن جي بيماريء جي عارضي ۾ مبتلا هو، اڄ صبح خبر پئي ته دل جي دوري سبب انتقال ٿي ويو آهي...

19697_656423057819569_7927937555706512778_n.jpg



10444421_656410214487520_9186053585395363024_n.jpg
 
Back
Top